Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 16 - Sindhi Bible

1 اهي ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ چيون آهن، تہ اوهين گمراهہ نہ ٿيو.

2 هو اوهان کي عبادتگاهن مان لوڌي ڪڍندا، بلڪ اُها گهڙي اچي ٿي، تہ جيڪو ڪو اوهان کي ماري وجهندو، سو ڀائيندو تہ آئون خدا جي خدمت ٿو ڪريان.

3 ۽ اُهي ڳالهيون جو هو ڪندا، سو انهيءَ ڪري جو هنن نہ پيءُ کي سڃاتو آهي، ۽ نہ مون کي.

4 پر اهي ڳالهيون اوهان سان ڪيون اٿم تہ جڏهن انهن جي گهڙي اچي، تہ اوهان کي اُهي ياد پون تہ مون اوهان کي ٻُڌائي ڇڏيو هو. اهي ڳالهيون مون اوهان سان شروع ۾ نہ ڪيون، ڇالاءِ جو آئون اوهان سان هوس.

5 پر هاڻي آئون انهيءَ وٽ ٿو وڃان، جنهن مون کي موڪليو آهي؛ ۽ اوهان مان ڪوبہ ڪونہ ٿو پڇيم تہ ڪيڏانهن ٿو وڃين؟

6 پر مون اهي ڳالهيون اوهان سان ڪيون آهن، تنهنڪري اوهان جي دل ڏک سان ڀرجي ويئي آهي.

7 تنهن هوندي بہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ اوهان جي لاءِ فائدي واري ڳالهہ هيءَ آهي تہ آئون وڃان، ڇالاءِ تہ جيڪڏهن آئون نہ ويندس تہ اُهو مددگار اوهان وٽ ڪين ايندو؛ پر جي ويندس تہ وڃي اوهان ڏانهن موڪليندوسانس.

8 ۽ اُهو جڏهن ايندو، تڏهن دنيا کي گناهہ، ۽ راستبازيءَ، ۽ عدالت نسبت ڏوهاري ٺهرائيندو:

9 گناهہ نسبت، جو هو مون تي ايمان نٿا آڻين؛

10 راستبازيءَ نسبت، جو آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان ۽ اوهين مون کي وري نہ ڏسندا؛

11 عدالت نسبت جو هن دنيا جي سردار جي عدالت ٿي چڪي آهي.

12 مون کي اڃا بہ اوهان کي ڪيتريون ڳالهيون چوڻيون آهن، پر اهي اوهين هينئر سهي ڪين سگهندا.

13 پر جڏهن اهو، يعني سچ جو روح ايندو، تڏهن هو اوهان جو سونهون ٿي اوهان کي سموري سچ ۾ آڻيندو: ڇالاءِ جو هو پاڻو نہ چوندو، پر جيڪي ڳالهيون ٻُڌندو سي ئي چوندو: ۽ جيڪي ڳالهيون ٿيڻ واريون آهن، سي اوهان کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو.

14 هو منهنجو جلال ظاهر ڪندو: ڇالاءِ تہ هو منهنجيون ڳالهيون وٺي اوهان کي کولي ٻُڌائيندو.

15 سڀ شيون جيڪي منهنجي پيءُ جون آهن سي منهنجون آهن: تنهنڪري مون چيو، تہ منهنجيون ڳالهيون وٺي اوهان کي کولي ٻُڌائيندو.

16 ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا؛ ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڏسندا.

17 تڏهن سندس شاگردن مان ڪي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ هيءُ اسان کي ڇا ٿو چوي، تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا، ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ مون کي ڏسندا: اهو انهي لاءِ جو آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان؟

18 تڏهن چوڻ لڳا تہ هيءُ جو چوي ٿو تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ سو ڇا آهي؟ اسين تہ سمجهون ئي نٿا تہ ڇا ٿو چوي؟

19 يسوع سهي ڪيو تہ هنن جي مرضي آهي تہ مون کان پڇن، تنهنڪري چيائين، تہ اوهين هن بابت ٿا پاڻ ۾ پڇو، جو مون چيو تہ ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڪين ڏسندا، ۽ وري ٿوريءَ دير کانپوءِ اوهين مون کي ڏسندا؟

20 آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اوهين روئندا ۽ پِٽيندا، پر دنيا خوشي ڪندي: اوهان کي ڏک ٿيندو، پر اوهان جو ڏک ڦري خوشي ٿي پوندو.

21 زال کي جڏهن سور ٿيندا آهن، تڏهن تڪليف ٿيندي اٿس، ڇالاءِ جو سندس گهڙي اچي پهتي آهي، پر جڏهن ٻار ڄڻي ٿي وٺي، تڏهن جا خوشي ٿي ٿئيس، تہ هڪڙو انسان دنيا ۾ ڄائو آهي، تنهنڪري اُهو اهنج ياد ئي ڪونہ ٿو پويس.

22 سو هاڻي اوهان کي بہ ڏک ٿو ٿئي، پر آئون اوهان کي وري گڏبس، ۽ اوهان جي دل خوش ٿيندي، ۽ اوهان جي خوشي اوهان کان ڪوبہ ڪونہ کسيندو.

23 ۽ اُنهي ڏينهن اوهين مون کان ڪي ڪين پڇندا. آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ اوهين پيءُ کان جيڪي گهُرندا، سو هو اوهان کي منهنجي نالي ڏيندو.

24 هيستائين اوهان منهنجي نالي ڪي بہ ڪين گهُريو آهي، گهُرو تہ مليوَ، تہ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.

25 اهي ڳالهيون مون اوهان کي مثالن ۾ ٻُڌايون آهن، پر اُها گهڙي اچي ٿي جنهن ۾ آئون اوهان سان وري مثالن ۾ ڪين ڳالهائيندس، پر پيءُ بابت صاف صاف ڪري ٻڌائيندوسانوَ.

26 اُنهي ڏينهن منهنجي نالي اوهين گهُرندا: ۽ آئون اوهان کي نٿو چوان تہ ڪو آئون اوهان لاءِ پيءُ کي سوال ڪندس؛

27 ڇالاءِ تہ پيءُ پاڻ اوهان کي پيار ٿو ڪري، ڇالاءِ جو اوهان مون کي پيار ڪيو آهي ۽ ايمان آندو اٿوَ تہ آئون پيءُ وٽان آيس.

28 آئون پيءُ منجهان نڪري دنيا ۾ آيو آهيان، وري دنيا ڇڏي پيءُ وٽ ٿو وڃان.

29 سندس شاگردن چيو تہ ڏس، هاڻي تون صاف ويٺو چئين، ۽ مثالن ۾ ڪونہ ٿو ڳالهائين.

30 هاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ توکي سڀني ڳالهين جي خبر آهي، ۽ ضرور ئي ڪونہ اٿيئي تہ ڪو توکان پڇي، انهيءَ مان اسان کي ايمان آيو آهي تہ تون خدا وٽان آيو آهين.

31 يسوع کين جواب ڏنو تہ تڏهن هاڻي اوهين ايمان آڻيو ٿا؟

32 ڏسو، اُها گهڙي اچي ٿي، بلڪ آئي آهي، جو اوهين ٽڙي پکڙي هرڪو پنهنجي پنهنجي گهر هليو ويندو، ۽ مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا: تہ بہ آئون اڪيلو نہ آهيان، ڇالاءِ جو پيءُ مون سان آهي.

33 اهي ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ چيون آهن تہ مون ۾ اوهان کي اطمينان ملي. دنيا ۾ اوهين مصيبت ۾ آهيو: پر دلجاءِ ڪريو، آئون دنيا تي غالب آيو آهيان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan