Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 15 - Sindhi Bible

1 ڊاک جي سچي ول آئون آهيان، ۽ منهنجو پيءُ باغبان آهي.

2 مون ۾ جيڪا ٽاري ڦل نٿي جهلي، تنهن کي هو ڪڍي ٿو ڇڏي: ۽ جيڪا ڦل جهلي ٿي، تنهن کي ڇانگي ٿو، تہ وڌيڪ ڦل ڏئي.

3 ڪلام جو مون اوهان کي ٻُڌايو آهي، تنهن جي ڪري اوهين اڳيئي پاڪ آهيو.

4 اوهين مون ۾ رهو، ۽ آئون اوهان ۾، جهڙيءَ طرح ٽاري جيسين ڊاک جي ول ۾ نہ رهي، تيسين پاڻ ڦل جهلي نٿي سگهي، تهڙيءَ طرح ٿيڻي نہ آهي جو جيسين اوهين مون ۾ نہ رهو، تيسين اوهين بہ ڦل جهليو.

5 آئون ڊاک جي ول آهيان، ۽ اوهين ٽاريون آهيو: جيڪو مون ۾ ٿو رهي، ۽ آئون ان ۾، سو ئي ججهو ڦل ٿو ڏئي: ڇالاءِ تہ مون ڌاران اوهين ڪجهہ بہ ڪري نٿا سگهو.

6 جيڪڏهن ڪو مون ۾ نہ رهندو، تہ ٽاريءَ وانگر اُن کي ڪڍي ڦٽو ڪبو، ۽ اُهو سُڪي ويندو؛ ۽ پوءِ اُنهن کي ميڙي چونڊي باهہ ۾ ٿا وجهن، ۽ اُهي سڙي ڀسم ٿا ٿين.

7 جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجون ڳالهيون اوهان ۾ رهن، تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گهُرو، ۽ ائين ئي ٿيندو.

8 هن ڳالهہ ۾ منهنجي پيءُ جو جلال ظاهر ٿو ٿئي، تہ اوهين گهڻو ڦل پيدا ڪريو؛ پوءِ اوهين منهنجا شاگرد ٿيندا.

9 جيئن پيءُ مون کي پيار ڪيو آهي، تيئن مون بہ اوهان کي پيار ڪيو آهي، منهنجي پيار ۾ رهندا اچجو.

10 جيڪڏهن اوهين منهنجا حڪم بجا آڻيندا تہ منهنجي پيار ۾ رهندا، جيئن ڪ مون پنهنجي پيءُ جا حڪم بجا آندا آهن، ۽ سندس پيار ۾ قائم آهيان.

11 اهي ڳالهيون مون اوهان سان انهي لاءِ ڪيون آهن، تہ منهنجي خوشي اوهان ۾ هجي، ۽ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.

12 منهنجو حڪم هيءُ آهي، تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو، جيئن مون اوهان کي پيار ڪيو آهي.

13 هن کان مٿي ڪو پيار ڪونهي، جو ماڻهو پنهنجن دوستن لاءِ جان ڏئي.

14 جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن هلندا تہ منهنجا دوست آهيو.

15 هن کان پوءِ آئون اوهان کي نوڪر ڪري نٿو سڏيان؛ ڇالاءِ تہ نوڪر کي خبر نہ آهي تہ سندس مالڪ ڇا ٿو ڪري: پر مون اوهان کي دوست ڪري سڏيو آهي؛ ڇالاءِ تہ جيڪي ڳالهيون مون پنهنجي پيءُ وٽان ٻُڌيون آهن، سي سموريون اوهان کي ڄاڻايون اٿم.

16 اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، پر مون اوهان کي چونڊيو آهي، ۽ انهي لاءِ اوهان کي مقرر ڪيو اٿم تہ اوهين وڃي ڦل پيدا ڪريو، ۽ اوهان جو ڦل قائم رهي: تہ جيڪي بہ اوهين پيءُ کان منهنجي نالي گهُرو، سو هو اوهان کي ڏئي.

17 اوهان کي اِهو حڪم ٿو ڏيان، تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو.

18 جيڪڏهن دنيا اوهان سان نفرت ٿي ڪري، تہ اوهان کي خبر آهي تہ اوهان کان اڳي مون سان بہ نفرت ڪئي اٿس.

19 جيڪڏهن اوهين دنيا جا هجو ها، تہ دنيا هوند پنهنجن کي ڀانئين ها، پر ڇالاءِ جو اوهين دنيا جا نہ آهيو، مگر مون اوهان کي دنيا مان چونڊي ڪڍيو آهي، تنهنڪري دنيا اوهان سان نفرت ٿي ڪري.

20 اها ڳالهہ جا مون اوهان کي ٻُڌائي آهي، تہ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان مٿي نہ آهي، سا ياد رکجو. جيڪڏهن اُنهن مون کي ستايو آهي، تہ اوهان کي بہ ستائيندا، جيڪڏهن منهنجين ڳالهين تي هليا آهن، تہ اوهان جي ڳالهين تي بہ هلندا.

21 پر اهي سڀ ڳالهيون هو منهنجي نالي ڪري اوهان سان ڪندا، ڇالاءِ جو جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن کي نٿا سڃاڻن.

22 جيڪڏهن آئون نہ اچان ها، ۽ ساڻن ڳالهيون نہ ڪريان ها، تہ مٿن ڏوهہ ڪونہ هجي ها: پر هاڻي انهن کي پنهنجي ڏوهہ لاءِ ڪو عذر ڪونهي.

23 جيڪو مون سان نفرت ٿو ڪري، سو منهنجي پيءُ سان بہ نفرت ٿو ڪري.

24 جيڪڏهن آئون منجهن اهڙا ڪم نہ ڪريان ها، جي ٻئي ڪنهن بہ نہ ڪيا آهن، تہ مٿن ڏوهہ ڪونہ هجي ها: پر هاڻي تہ مون کي ۽ منهنجي پيءُ کي ڏٺو بہ اٿن، ۽ اسان ٻنهي سان نفرت ڪئي اٿن.

25 پر هيئن جو ٿيو آهي، سو انهيءَ لاءِ تہ ڪلام، جو هنن جي شريعت ۾ لکيل آهي، تہ ”مون سان ناحق نفرت ڪئي اٿن،“ سو پورو ٿئي.

26 پر جڏهن اُهو مددگار ايندو، جنهن کي آئون پيءُ وٽان اوهان وٽ موڪليندس، يعني سچ جو روح، جو پيءُ مان ٿو نڪري، تڏهن اُهو منهنجي بابت شاهدي ڀريندو:

27 ۽ اوهين پاڻ شاهد آهيو، ڇالاءِ جو اوهين شروع کان وٺي مون سان رهيا آهيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan