Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 14 - Sindhi Bible

1 پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، اوهين خدا تي ايمان ٿا رکو، مون تي بہ ايمان رکو.

2 منهنجي پيءُ جي گهر ۾ گهڻيئي جايون آهن؛ جي ائين نہ هجي ها تہ آئون اوهان کي ٻُڌايان ها، ڇالاءِ جو آئون انهيءَ ڪري ٿو وڃان تہ وڃي اوهان لاءِ جاءِ تيار ڪريان.

3 ۽ جي آئون وڃي اوهان لاءِ جاءِ تيار ڪندس، تہ وري ايندس ۽ اوهان کي پاڻ سان وٺي ويندس، تہ جتي آئون آهيان، اُتي اوهين بہ هجو.

4 ۽ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اُنهيءَ واٽ جي اوهان کي خبر آهي.

5 توما چيس، تہ اي خداوند، اسان کي ايتري بہ خبر ڪانهي تہ تون ڪيڏانهن ٿو وڃين، سو وري واٽ جي خبر ڪيئن هونديسون؟

6 يسوع چيس تہ واٽ ۽ سچ ۽ زندگي آئون آهيان: منهنجي وسيلي ڌاران ڪوبہ پيءُ وٽ نٿو اچي.

7 جيڪڏهن اوهين مون کي سڃاڻو ها، تہ منهنجي پيءُ کي بہ سڃاڻو ها: اڄ کانپوءِ اوهين هن کي سڃاڻو ٿا ۽ کيس ڏٺو بہ اٿوَ.

8 فلپس چيو تہ اي خداوند، اسان کي پيءُ ڏيکار تہ اسان لاءِ بس آهي.

9 يسوع چيس، تہ اي فلپس، آئون هيترو وقت اوهان سان رهيو آهيان ۽ توهان مون کي سڃاتو ئي ڪين آهي؟ جنهن مون کي ڏٺو آهي، تنهن پيءُ کي ڏٺو آهي، پوءِ ڪيئن ٿو چئين تہ اسان کي پيءُ ڏيکار؟

10 تون ايمان نٿو آڻين تہ آئون پيءُ ۾ آهيان، ۽ پيءُ مون ۾؟ جيڪي ڳالهيون آئون اوهان کي چوان ٿو، سي پاڻو ڪين ٿو چوان: پر پيءُ جو مون ۾ رهي ٿو، سو پنهنجا ڪم ٿو ڪري.

11 مون تي ايمان آڻيو تہ آئون پيءُ ۾ آهيان ۽ پيءُ مون ۾: نہ تہ هي ڪم جيڪي آئون ڪريان ٿو، تن جي ڪري ئي مون تي ايمان آڻيو.

12 آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، سو بہ اُهي ئي ڪم ڪندو، جي آئون ٿو ڪريان، ۽ انهن کان بہ وڏا ڪم ڪندو؛ ڇالاءِ تہ آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان.

13 ۽ جيڪي اوهين منهنجي نالي گهُرندا، سو آئون ڪندس تہ پٽ ۾ پيءُ کي جلال ملي.

14 جي اوهين منهنجي نالي تي ڪي بہ گهُرندا، تہ آئون اُهو ڪندس.

15 جي اوهين مون کي پيار ٿا ڪريو، تہ منهنجن حڪمن تي هلو.

16 ۽ آئون پيءُ کي سوال ڪندس، ۽ هو اوهان کي ٻيو مددگار ڏيندو تہ اُهو اوهان سان هميشہ تائين رهي،

17 يعني سچ جو روح: جنهن کي دنيا حاصل ڪري نٿي سگهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ نہ هن کي ڏسي ٿي، نہ سڃاڻي ٿي: اوهين هن کي سڃاڻو ٿا، ڇالاءِ جو هو اوهان سان رهي ٿو، ۽ اوهان ۾ هوندو.

18 آئون اوهان کي يتيم ڪري ڇڏي ڪين ويندس، آئون اوهان وٽ ايندس.

19 باقي گهڙي ساعت آهي، ۽ دنيا مون کي وڌيڪ نہ ڏسندي؛ پر اوهين مون کي ڏسندا: ڇالاءِ جو آئون جيان ٿو، تنهنڪري اوهين بہ جيئندا.

20 اُنهي ڏينهن اوهان کي خبر پوندي تہ آئون پنهنجي پيءُ ۾ آهيان، ۽ اوهين مون ۾ ۽ آئون اوهان ۾.

21 جنهن وٽ منهنجا حڪم آهن، ۽ جو اُهي بجا ٿو آڻي، سو ئي آهي جو مون کي پيار ٿو ڪري، ۽ جيڪو مون کي پيار ٿو ڪري، تنهن کي منهنجو پيءُ پيار ڪندو، ۽ آئون بہ پيار ڪندوسانس، ۽ کيس پاڻ پڌرو ڪري ڏيکاريندس.

22 يهوداهہ (نہ اسڪريوتي) چيس، تہ اي خداوند، ڇا ٿيو آهي جو تون اسان کي پنهنجو پاڻ پڌرو ڪري ڏيکاريندين، ۽ دنيا کي نہ؟

23 يسوع جواب ڏيئي چيس، تہ جيڪڏهن ڪو مون کي پيار ٿو ڪري، تہ اُهو منهنجي ڪلام تي هلندو، ۽ منهنجو پيءُ پيار ڪندس، ۽ اسين وٽس اينداسين ۽ اچي ساڻس گڏ رهنداسين.

24 جيڪو مون کي پيار نٿو ڪري، سو منهنجي ڪلام تي نٿو هلي: ۽ ڪلام جو اوهين ٻُڌو ٿا، سو منهنجو نہ، پر پيءُ جو آهي، جنهن مون کي موڪليو آهي.

25 مون اهي ڳالهيون اوهان سان رهي اوهان کي ٻُڌايون آهن.

26 پر مددگار يعني پاڪ روح، جنهن کي پيءُ منهنجي نالي موڪليندو، سو اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندو، ۽ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي چيون آهن، سي سڀ اوهان کي ياد ڏياريندو.

27 آئون اوهان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان؛ پنهنجو اطمينان اوهان کي ٿو ڏيان، ائين نٿو ڏيانوَ، جيئن دنيا ٿي ڏئي. اوهين پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.

28 اوهان ٻُڌو آهي جو چيومانوَ تہ آئون هليو ٿو وڃان، ۽ وري اوهان وٽ ايندس. جيڪڏهن اوهان جو مون تي پيار هجي ها، تہ هوند خوش ٿيو ها، جو آئون پيءُ وٽ ٿو وڃان: ڇوتہ پيءُ مون کان وڏو آهي.

29 ۽ هاڻي اها ڳالهہ ٿئي، تنهن کان اڳ ۾ مون اوهان کي ٻُڌائي ڇڏيو آهي، تہ جڏهن ائين ٿئي تہ اوهين ايمان آڻيو.

30 هن کانپوءِ آئون اوهان سان گهڻيون ڳالهيون ڪين ڪندس، ڇالاءِ جو هن دنيا جو سردار اچي ٿو: جنهن جو مون سان ڪو واسطو ڪونهي؛

31 پر هيءُ انهي لاءِ ٿو ٿئي تہ دنيا کي خبر پوي تہ آئون پيءُ کي پيار ٿو ڪريان، ۽ جيئن پيءُ مون کي حڪم ڏنو آهي، تيئن ئي ٿو ڪريان. اُٿو، هلو تہ هتان هلون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan