يوحنا 13 - Sindhi Bible1 هاڻي فسح جي عيد کان اڳي جڏهن يسوع ڏٺو تہ منهنجي اُها گهڙي آئي آهي تہ دنيا مان لڏي پيءُ وٽ وڃان، تڏهن دنيا ۾ جيڪي پنهنجا هئس، تن تي جهڙو پيار هوس، تهڙو ئي توڙ تائين رکندو آيو. 2 ۽ شيطان اڳيئي شمعون جي پٽ يهوداهہ اسڪريوتيءَ جي دل ۾ وڌو هو تہ هن کي وڃي جهلائي. 3 جڏهن يسوع ڄاتو تہ پيءُ سڀ ڪجهہ منهنجي هٿ ۾ ڏنو آهي، ۽ آئون آيو بہ خدا وٽان آهيان، ۽ وڃان بہ خدا وٽ ٿو، 4 تڏهن مانيءَ تان اُٿي، ڪپڙا لاهي، ٽوال چيلهہ سان ٻَڌائين. 5 پوءِ ٿالهہ ۾ پاڻي وجهي شاگردن جا پير ڌوئڻ لڳو، ۽ چيلهہ سان جو ٽوال ٻَڌل هوس، تنهن سان اُگهڻ لڳن. 6 انهي طرح هو شمعون پطرس وٽ آيو؛ ۽ هن چيس، تہ اي خداوند، تون ٿو منهنجا پير ڌوئين؟ 7 يسوع جواب ڏيئي چيس تہ جيڪي آئون ڪريان ٿو، تنهن جي توکي هاڻ خبر نٿي پوي، پر هن کان پوءِ سمجهندين. 8 پطرس چيس، تہ آئون پنهنجا پير توکي ڪڏهن بہ ڌوئڻ ڪين ڏيندس. يسوع جواب ڏنس، تہ جي پير نٿو ڌوئارين، تہ تنهنجو مون سان ڪو حصو ڪونهي. 9 شمعون پطرس چيس تہ اي خداوند، تڏهن نہ رڳو منهنجا پير، پر منهنجا هٿ ۽ مٿو بہ ڌوءُ. 10 يسوع چيس تہ جو وهنجيل آهي، تنهن کي پيرن ڌوئڻ کان سواءِ ٻي گهُرج ڪونهي، پر سڄو ئي پاڪ آهي: ۽ اوهين بہ پاڪ آهيو، پر سڀيئي نہ. 11 ڇالاءِ جو هن کي خبر هئي تہ مون کي ڪير جهلائيندو، تنهنڪري چيائين تہ اوهين سڀ پاڪ نہ آهيو. 12 پوءِ جڏهن سندن پير ڌوئي چڪو، ۽ ڪپڙا پائي وري اچي ويٺو، تڏهن چيائين تہ سمجهو ٿا تہ مون اوهان سان ڇا ڪيو آهي؟ 13 اوهين مون کي اُستاد ۽ خداوند ڪري ٿا سڏيو: سو برابر ٿا چئو، ڇالاءِ جو آئون آهيان. 14 هاڻي آئون جو خداوند ۽ اُستاد آهيان، تنهن جيڪڏهن اوهان جا پير ڌوتا آهن، تہ اوهان کي بہ هڪ ٻئي جا پير ڌوئڻ کپن. 15 ڇوتہ مون اوهان کي نمونو ڏنو آهي تہ جيئن مون اوهان سان ڪيو آهي، تيئن اوهين بہ ڪريو. 16 آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ کان وڏو نہ آهي؛ نڪي وري موڪليل پنهنجي موڪلڻ واري کان. 17 جيڪڏهن اوهين اهي ڳالهيون سمجهي انهن تي هلندا تہ مبارڪ آهيو. 18 آئون اوهان سڀني جي ڳالهہ نٿو ڪريان: جن کي مون چونڊيو آهي تن جي مون کي خبر آهي: پر هيءُ انهي لاءِ، تہ اُها پاڪ لکيت پوري ٿئي تہ ”جو منهنجي ماني ٿو کائي، تنهن ئي مون تي لت کنئي.“ 19 هاڻي اِها ڳالهہ ٿئي، تنهن کان اڳيئي آئون اوهان کي چئي ٿو ڇڏيان، تہ پوءِ جڏهن ائين ٿئي، تہ اوهين ايمان آڻيو تہ آئون اُهو ئي آهيان. 20 آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جنهن کي آئون موڪليان ٿو، تنهن کي جيڪو قبول ٿو ڪري، سو مون کي ٿو قبول ڪري، ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي. 21 پوءِ جڏهن يسوع ائين چئي چڪو، تڏهن اندر ۾ پريشان ٿيڻ لڳو، ۽ شاهدي ڀري چيائين تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ اوهان مان هڪڙو مون کي جهلائيندو. 22 تنهن تي شاگرد وائڙا ٿي ويا تہ ڪنهن جي نالي ٿو چوي، سو هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا. 23 ۽ سندس شاگردن مان هڪڙو، جنهن تي يسوع جو پيار هو، تنهن يسوع جي ڇاتيءَ تي ليٽي ويٺي کاڌو. 24 تڏهن شمعون پطرس اشارو ڏيئي چيس تہ اسان کي ٻُڌاءِ تہ ڪنهن جي بابت ٿو چوي. 25 پوءِ هن ائين ئي يسوع جي سيني تي ٽيڪ ڏيندي چيس، تہ اي خداوند، اُهو ڪير آهي؟ 26 تڏهن يسوع کيس جواب ڏنو تہ جنهن کي آئون گرهہ ٻوڙي ڏيندس سو آهي. پوءِ گرهہ ٻوڙي کڻي شمعون اسڪريوتيءَ جي پٽ کي ڏنائين: 27 ۽ گرهہ وٺڻ کانپوءِ شيطان اچي منجهس گهڙيو. تڏهن يسوع چيس تہ جيڪي ڪرين ٿو، سو سگهو ڪري وٺ. 28 هاڻي جن ويٺي کاڌو، تن مان ڪنهن کي بہ سماءُ ڪونہ پيو تہ ڪهڙي مطلب سان هن کي ائين چيائين، 29 ڇالاءِ جو ڪن ڀانئيو ٿي تہ يهوداهہ وٽ ڳوٿري رهندي آهي، تنهنڪري يسوع چويس ٿو تہ عيد لاءِ جيڪي شيون اسان کي کپن سي ڳنهہ؛ يا تہ ڪجهہ غريبن کي ڏي. 30 پوءِ هو گرهہ وٺي سڌو ٻاهر نڪري هليو ويو، ۽ اوڏيءَ مهل رات هئي. 31 پوءِ جڏهن هو ٻاهر ويو، تڏهن يسوع چيو، تہ هاڻي ابن آدم جو جلال ظاهر ٿيو، ۽ منجهس خدا جو بہ جلال ظاهر ٿيو؛ 32 ۽ جي خدا هن ۾ جلال حاصل ڪيو تہ خدا پاڻ ۾ هن کي جلال ڏيندو، بلڪ اِجهو ٿو ڏئيس. 33 اي ٻارو، آئون باقي ٿوري ساعت اوهان سان آهيان. اوهين مون کي ڳوليندا، ۽ جيئن مون يهودين کي چيو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن اوهين اچي ڪين سگهندا، تيئن هاڻي اوهان کي بہ ٿو چوان. 34 اوهان کي هڪڙو نئون حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين هڪ ٻئي کي پيار ڪريو؛ تہ جيئن مون اوهان کي پيار ڪيو آهي، تيئن اوهين بہ هڪ ٻئي کي پيار ڪريو. 35 جيڪڏهن اوهان کي هڪ ٻئي لاءِ پيار آهي، تہ انهيءَ منجهان ئي سڀني کي خبر پوندي تہ اوهين منهنجا شاگرد آهيو. 36 شمعون پطرس چيس، تہ اي خداوند، تون ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ يسوع جواب ڏنو تہ جيڏانهن آئون وڃان ٿو، اوڏانهن تون هينئر منهنجي پٺيان اچي ڪين سگهندين، پر پوءِ تون منهنجي پٺيان ايندين. 37 پطرس چيس تہ خداوند، ڇو آئون هينئر تنهنجي پٺيان اچي ڪين سگهندس؟ آئون تنهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. 38 يسوع جواب ڏنس تہ تون منهنجي لاءِ پنهنجي جان ڏيندين؟ آئون توکي سچ سچ ٿو چوان تہ ڪڪڙ ٻانگ ئي ڪين ڏيندو، تنهن کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society