Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 12 - Sindhi Bible

1 پوءِ فسح کان ڇهہ ڏينهن اڳي يسوع بيت عنياہ ۾ آيو، جتي لعزر هو، جنهن کي يسوع مُئلن مان جيئاريو هو.

2 تنهنڪري اُتي سندس رات جي ماني ڪيائون: ۽ مارٿا خدمت ڪرڻ تي بيٺي هئي، ۽ مهمان جيڪي ساڻس هئا، تن مان لعزر بہ هڪڙو هو.

3 پوءِ مريم اڌ سير ڳري ملهہ وارو سچي سرهي مَر جو عطر کڻي يسوع جي پيرن کي مکيو، ۽ پنهنجن وارن سان هن جا پير اُگهيائين: ۽ اُنهي عطر جي خوشبوءِ سان گهر ڀرجي ويو.

4 پر سندس شاگردن مان هڪڙو، يهوداهہ اسڪريوتي، جو جهلائڻ وارو هوس، تنهن چيو،

5 تہ هيءُ عطر ٽن سون دينارن تي وڪڻي غريبن کي ڇو نہ ڏنو ويو؟

6 هاڻي ائين جو چيائين سو انهي ڪري نہ، جو غريبن جو ڪو فڪر هوس؛ پر ڇالاءِ جو هو چور هو، ۽ ڳوٿري وٽس رهندي هئي، تنهنڪري جيڪي منجهس پوندو هو، سو پاڻ کڻندو هو.

7 تنهن تي يسوع چيو تہ ڇڏيوس تہ اهو منهنجي دفن جي ڏينهن لاءِ رکي.

8 ڇو جو غريب تہ هميشہ اوهان سان آهن: پر آئون اوهان وٽ هميشہ نہ هوندس.

9 پوءِ يهودين جي عام خلق کي خبر پيئي تہ هو اُتي آهي، سو اُهي نہ رڳو يسوع جي ڪري آيا، پر انهي لاءِ تہ لعزر، جنهن کي مُئلن مان جيئاريو هئائين، تنهن کي بہ هلي ڏسن.

10 پر سردار ڪاهنن صلاح مصلحت ڪئي تہ لعزر کي بہ مارجي؛

11 ڇالاءِ جو اُنهي جي ڪري يهودين مان گهڻن يسوع وٽ اچي مٿس ايمان آندو هو.

12 ٻئي ڏينهن هڪ وڏي خلق، جا عيد تي آئي هئي، تنهن جڏهن ٻُڌو تہ يسوع يروشلم ۾ ٿو اچي،

13 تڏهن کجين جون ٽاريون کڻي سندس استقبال لاءِ ويئي، ۽ پڪاري چوڻ لڳي تہ هوشعنا، مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي ٿو اچي، ۽ جو اسرائيل جو بادشاهہ آهي.

14 ۽ يسوع کي هڪڙو کودڙو مليو جنهن تي چڙهي ويٺو، جيئن ڪ لکيل آهي تہ،

15 ”اي صيون جي ڌيءَ، ڊڄ نہ: ڏس، تنهنجو بادشاهہ کودڙي تي چڙهيو پيو اچي.“

16 سندس شاگردن کي پهريائين اهي ڳالهيون سمجهڻ ۾ ڪين ٿي آيون: پر جڏهن يسوع پنهنجي جلال کي رسيو، تڏهن اُنهن کي ياد آيو تہ اهي ڳالهيون هن بابت لکيل آهن، ۽ ائين ئي ماڻهن ساڻس ڪيو.

17 تڏهن جنهن مهل هن لعزر کي قبر مان سڏيو ۽ مُئلن مان جيئاريو هو، تنهن مهل جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن پئي شاهدي ڀري.

18 ۽ پڻ انهي سبب ڪري ڪيترا ماڻهو سندس استقبال لاءِ ويا هئا، ڇالاءِ جو هنن ٻُڌو تہ هن اهو معجزو ڪيو آهي.

19 تنهن تي فريسي پاڻ ۾ چوڻ لڳا، تہ خيال تہ ڪريو، اوهان جي ڪابہ ڪانہ ٿي هلي، ڏسو تہ سڄو جهان وڃي هن جي پٺيان لڳو آهي.

20 هاڻي جيڪي عيد تي عبادت لاءِ ويا هئا، تن مان ڪي يوناني هئا:

21 اُهي فلپس وٽ آيا، جو گليل واري بيت صيدا شهر جو ويٺل هو، ۽ سوال ڪري چيائونس، تہ سائين اسان جي مرضي آهي تہ يسوع کي ڏسون.

22 فلپس اچي اندرياس سان ڳالهہ ڪئي: پوءِ اندرياس ۽ فلپس اچي يسوع کي ٻُڌايو.

23 ۽ يسوع جواب ڏيئي چيو، تہ اُها گهڙي آئي آهي جنهن ۾ ابن آدم جو جلال ظاهر ٿيندو.

24 آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ جيسين ڪڻڪ جو داڻو زمين ۾ ڪِري نہ مري، تيسين ڇڙي جو ڇڙو ٿو رهي، پر جي مري، تہ ججهو ڦل ٿو آڻي.

25 جيڪو پنهنجي جان کي پيار ٿو ڪري، سو اُها وڃائي ٿو، ۽ جيڪو هن دنيا ۾ پنهنجي جان کي ڌڪاري ٿو، سو هميشہ جي زندگيءَ لاءِ اُن کي بچائي ٿو.

26 جيڪڏهن ڪو منهنجي خدمت ڪري، تہ منهنجي پٺيان اچي؛ ۽ جتي آئون آهيان، اتي منهنجو خدمتگار بہ هوندو: جيڪڏهن ڪو منهنجي خدمت ڪري تہ اُنهي کي پيءُ عزت ڏيندو.

27 هاڻي منهنجي جان پريشان ٿي ٿئي، ۽ آئون ڇا چوان؟ اي بابا، هن گهڙيءَ کان مون کي بچاءِ. پر انهيءَ سبب تہ آئون هن گهڙيءَ کي رسيو آهيان.

28 اي بابا، پنهنجي نالي کي جلال ڏي. تنهن تي آسمان مان آواز آيو تہ مون جلال ڏنو اٿس، ۽ وري بہ ڏيندوسانس.

29 تڏهن خلق جا اُتي بيٺي هئي، سا هي ٻُڌي چوڻ لڳي تہ اُڀ گجيو: پر ٻيا چوڻ لڳا تہ ملائڪ ساڻس ڳالهايو.

30 يسوع جواب ڏيئي چيو، تہ هيءُ آواز منهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ آيو آهي.

31 هاڻي هن دنيا جي عدالت ٿيندي: هاڻي هن دنيا جي سردار کي لوڌي ڪڍندا.

32 ۽ جيڪڏهن آئون زمين کان مٿي چاڙهيو ويندس، تہ سڀني ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندس.

33 پر ائين جو چيائين ٿي، تنهن مان مراد هيس تہ ڏيکاريان تہ ڪهڙيءَ طرح منهنجو موت ٿيندو.

34 تنهن تي ماڻهن جواب ڏنس، تہ اسان شريعت ۾ ٻُڌو آهي تہ مسيح هميشہ تائين جيئرو رهندو: پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ابن آدم ضرور مٿي چاڙهيو ويندو؟ اهو ابن آدم ڪير آهي؟

35 تڏهن يسوع چين تہ اڃا ٿوري ساعت نُور اوهان وٽ آهي، جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور ۾ هلو تہ متان اونداهي نہ اچي مٿان پئيوَ. ۽ جيڪو اونداهيءَ ۾ ٿو هلي، تنهن کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان.

36 جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور تي ايمان آڻيو، تہ اوهين نُور جا ٻار ٿيو. جڏهن اهي ڳالهيون چئي چڪو، تنهن کانپوءِ يسوع اُتان روانو ٿيو، ۽ پوءِ انهن وٽ پاڻ کي پڌرو نہ ڪيائين.

37 پر جيتوڻيڪ سندن اڳيان هيترا معجزا ڪيا هئائين، تہ بہ اُنهن مٿس ايمان نہ آندو.

38 انهي لاءِ تہ يسعياہ نبيءَ جيڪو ڪلام ڪيو هو، سو پورو ٿئي تہ ”اي خداوند، اهو ڪير آهي جنهن اسان جي چوڻ تي اعتبار ڪيو آهي، ۽ اهو ڪير آهي جنهن تي خداوند جو هٿ ظاهر ٿيو آهي؟“

39 اهو ئي سبب آهي جو هو اعتبار ڪري نہ سگهيا، ڇالاءِ جو يسعياہ نبيءَ وري بہ چيو آهي تہ

40 ”هن سندين اکيون انڌيون، ۽ سندين دل سخت ڪري ڇڏي آهي؛ تہ متان هو پنهنجين اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجيءَ دل سان سمجهن، ۽ ڦري پون، ۽ آئون ڇُٽائي چڱو ڀلو ڪريانِ.“

41 يسعياہ جو اهي ڳالهيون چيون ۽ سندس ذڪر ڪيو، سو هن ڪري جو هن سندس جلال ڏٺو.

42 تنهن هوندي بہ سردارن مان پڻ ڪيترن مٿس ايمان آندو، پر فريسين جي ڪري اقرار نٿي ڪيائون، تہ متان اسان کي عبادتخانن مان ڪڍي ڇڏين:

43 ڇالاءِ جو هنن خدا جي وڏائيءَ کان ماڻهن جي وڏائيءَ کي زيادہ پسند ٿي ڪيو.

44 ۽ يسوع پڪاري چيو، تہ جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، سو مون تي نہ، پر اُنهيءَ تي ايمان ٿو آڻي، جنهن مون کي موڪليو آهي.

45 ۽ جيڪو مون کي ٿو ڏسي، سو اُنهي کي ٿو ڏسي، جنهن مون کي موڪليو آهي.

46 آئون نُور ٿي جهان ۾ آيو آهيان، تہ جيڪو مون تي ايمان آڻي، سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي.

47 جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجون ڳالهيون ٻُڌي ٿو ۽ اُنهن تي نٿو هلي، تنهن جي عدالت آئون نٿو ڪريان، ڇالاءِ جو آئون انهيءَ لاءِ ڪونہ آيو آهيان تہ دنيا جي عدالت ڪريان: پر انهيءَ لاءِ تہ دنيا کي بچايان.

48 جيڪو مون کي نٿو مڃي، ۽ منهنجون ڳالهيون قبول نٿو ڪري، تنهن جي عدالت ڪرڻ وارو هڪڙو آهي: ڪلام جو مون ڪيو آهي، سو ئي پوئين ڏينهن سندس عدالت ڪندو.

49 ڇالاءِ جو مون پاڻو ڪلام ڪونہ ڪيو آهي، پر پيءُ جنهن مون کي موڪليو آهي، تنهن ئي مون کي حڪم ڏنو آهي تہ ڇا چوان، ۽ ڇا ڳالهايان.

50 ۽ آئون ڄاڻان ٿو تہ سندس حڪم هميشہ جي زندگي آهي: تنهنڪري جيڪي ڳالهيون آئون چوان ٿو، سي اصل جيئن منهنجي پيءُ مون کي چيون آهن، تيئن ئي ٿو چوان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan