يوحنا 11 - Sindhi Bible1 هاڻي لعزر نالي هڪڙو شخص، مريم ۽ سنديس ڀيڻ مارٿا جي ڳوٺ بيت عنياہ جو ويٺل، بيمار ٿي پيو. 2 مريم اُها هئي، جنهن خداوند کي عطر مکي سندس پير پنهنجي وارن سان اُگهيا هئا، تنهن جو ڀاءُ لعزر بيمار پيو هو. 3 تڏهن ڀينرن کيس چوائي موڪليو، تہ اي خداوند، جنهن کي تون پيار ٿو ڪرين سو بيمار آهي. 4 پر يسوع ٻُڌي چيو تہ هيءَ بيماري موت جي نہ آهي، پر خدا جي جلال جي واسطي آهي، تہ انهي ڪري خدا جي فرزند جي وڏائي ٿئي. 5 هاڻي يسوع جو مارٿا ۽ سنديس ڀيڻ ۽ لعزر تي پيار هو. 6 سو جڏهن ٻُڌائين تہ هو بيمار آهي، تڏهن جتي هو، اتي ٻہ ڏينهن رهي پيو. 7 تنهن کانپوءِ شاگردن کي چيائين، تہ هلو تہ وري يهوديہ ۾ هلون. 8 تڏهن شاگردن چيس تہ اي اُستاد، اڃا تازو يهودين توکي سنگسار ڪرڻ جي ٿي ڪئي، ۽ تون وري ٿو اوڏانهن هلين؟ 9 يسوع جواب ڏنو تہ ڏينهن ۾ ٻارهن ڪلاڪ ڪينهن؟ جيڪڏهن ڪو روشنيءَ ۾ هلندو تہ ٿاٻڙبو ئي ڪين، ڇالاءِ جو هو دنيا جو سوجهرو ٿو ڏسي. 10 پر جيڪڏهن ڪو اوندهہ ۾ هلندو تہ ٿاٻڙبو، ڇالاءِ جو منجهس سوجهرو ڪونهي. 11 اهي ڳالهيون ڪري رهيو، تنهن کان پوءِ هنن کي چيائين تہ اسان جو دوست لعزر سمهي رهيو آهي؛ پر آئون هلان ٿو تہ هلي ننڊ مان جاڳايانس. 12 تڏهن شاگردن چيس تہ اي خداوند، جي سمهي رهيو آهي تہ بچي پوندو. 13 هاڻي يسوع هن جي موت بابت ڳالهہ ڪئي هئي، مگر هنن سمجهيو تہ ننڊ ۾ سمهي آرام ڪرڻ بابت ٿو چوي. 14 تڏهن يسوع صاف صاف چين تہ لعزر مري ويو آهي؛ 15 ۽ آئون اوهان جي خاطر خوش آهيان جو اتي نہ هوس، انهي لاءِ تہ اوهين ايمان آڻيو، پر هلو تہ وٽس هلون. 16 تڏهن توما، جنهن کي جاڙو بہ چوندا هئا، تنهن پنهنجن سنگتين کي چيو تہ هلو تہ پاڻ بہ هلي ساڻس گڏ مرون. 17 پوءِ جڏهن يسوع آيو، تڏهن خبر مليس تہ هن کي قبر ۾ رکئي چار ڏينهن ٿيا آهن. 18 هاڻي بيت عنياہ جو ڳوٺ يروشلم جي ويجهو اٽڪل ڪوهہ پنڌ تي هو؛ 19 ۽ گهڻيئي يهودي مارٿا ۽ مريم وٽ سندن ڀاءُ جي لاءِ عذرخواهي ڪرڻ آيا هئا. 20 پوءِ مارٿا جڏهن ٻُڌو تہ يسوع اچي رهيو آهي، تڏهن هن جي استقبال لاءِ نڪتي: پر مريم اڃا گهر ۾ ئي ويٺي هئي. 21 تڏهن مارٿا يسوع کي چيو، تہ اي خداوند، جي تون هتي هجين ها، تہ منهنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ها. 22 ۽ هاڻي بہ آئون ڄاڻان ٿي تہ تون خدا کان جيڪي بہ گهُرندين، سو خدا توکي ڏيندو. 23 يسوع چيس، تہ تنهنجو ڀاءُ جي اُٿندو. 24 مارٿا چيس تہ مون کي خبر آهي، تہ هو پوئين ڏينهن قيامت ۾ جي اُٿندو. 25 يسوع چيس، تہ قيامت ۽ زندگي آئون آهيان: جيڪو مون تي ايمان ٿو آڻي، سو جي مري وڃي، تہ بہ جيئندو. 26 ۽ جيڪو جيئرو آهي ۽ مون تي ايمان ٿو آڻي، سو ڪڏهن بہ ڪين مرندو، توکي اهو ايمان آهي؟ 27 هن چيو تہ هائو، اي خداوند، منهنجو ايمان آهي تہ مسيح، خدا جو فرزند، جو جهان ۾ اچڻ وارو آهي، سو تون آهين. 28 ۽ ائين چئي هوءَ ويئي هلي ۽ پنهنجيءَ ڀيڻ مريم کي پنهنجي منهن سڏي چيائين، تہ اُستاد آيو آهي ۽ توکي ٿو ڪوٺي. 29 اها ڳالهہ ٻُڌڻ شرط هوءَ يڪدم اُٿي کڙي ٿي، ۽ وٽس ويئي. 30 (هاڻي يسوع ڳوٺ ۾ ڪونہ آيو هو پر اڃا اُتي ئي هو، جتي مارٿا کيس وڃي گڏي هئي). 31 تڏهن يهودي جي ساڻس گهر ۾ هئا، ۽ دلداري پئي ڏنائونس، تن جڏهن مريم کي تڪڙو تڪڙو اُٿي ٻاهر ويندو ڏٺو، تڏهن هو بہ پٺيانئس ويا، جو ڀانيائون تہ قبر تي روئڻ ٿي وڃي. 32 پوءِ مريم اتي آئي، جتي يسوع هو، ۽ کيس ڏسي سندس پيرن تي ڪِري چوڻ لڳيس، تہ اي خداوند، جي تون هتي هجين ها تہ منهنجو ڀاءُ جيڪر مري ئي ڪين ها. 33 پوءِ يسوع ڏٺو تہ هوءَ روئي پيئي، ۽ يهودي جي ساڻس گڏ آيا آهن سي بہ پيا روئن، تڏهن دل ۾ رنج ٿيس، ۽ ارمان ڪيائين، 34 ۽ چيائين، تہ اوهان هن کي ڪٿي رکيو آهي؟ هنن چيس، تہ اي خداوند، هلي ڏس. 35 يسوع روئي ڏنو. 36 تڏهن يهودي چوڻ لڳا تہ ڏسو، تہ هن سان ڪهڙي نہ دل هيس! 37 پر اُنهن مان ڪن چيو تہ جنهن انڌي جون اکيون سڄيون ڪيون، سو ايترو ڪين ڪري سگهي ها جو هيءُ ماڻهو اصل مري ئي نہ ها. 38 پوءِ يسوع کي وري بہ دل ۾ رنج ٿيو، ۽ قبر تي آيو. اُها هڪڙي غار هئي، ۽ ان جي آڏو هڪ پهڻ ڏنل هو. 39 يسوع چيو تہ پهڻ کي هٽايو. اُهو جو گذري ويو هو، تنهن جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو، تہ اي خداوند، هو تہ اڳيئي بانس ڪري ويو هوندو، ڇالاءِ تہ چار ڏينهن ٿي ويا اٿس. 40 يسوع چيس، تہ مون ڪين چيو تہ جي ايمان آڻيندينءَ تہ خدا جو جلال ڏسندينءَ؟ 41 تڏهن هنن پهڻ هٽايو، ۽ يسوع اکيون مٿي کڻي چيو تہ اي بابا، آئون تنهنجا شڪرانا ٿو ڪريان جو تو منهنجي ٻُڌي آهي. 42 ۽ مون کي خبر هئي تہ تون هميشہ منهنجي ٻُڌندو آهين، پر خلق جا چوڌاري بيٺي آهي، تنهن جي سبب ائين چيم تہ هنن کي ايمان اچي تہ تو مون کي موڪليو آهي. 43 ائين چئي وڏي سڏ پڪاري چيائين، تہ اي لعزر، نڪري اچ. 44 پوءِ اُهو، جو مري ويو هو، سو هٿين پيرين ڪفن ۾ ٻَڌل نڪري آيو؛ ۽ سندس منهن رومال سان ويڙهيل هو. يسوع چين تہ ڇوڙيوس ۽ ڇڏيوس تہ وڃي. 45 تڏهن يهودي، جي مريم وٽ آيا هئا، تن مان گهڻن، جيڪي هن ڪيو هو سو ڏسي، مٿس ايمان آندو. 46 پر اُنهن مان ڪي فريسين وٽ هليا ويا، ۽ جيڪي يسوع ڪيو هو، سو وڃي کين ٻڌايائون. 47 تنهن تي سردار ڪاهن ۽ فريسي صدر مجلس گڏ ڪري چوڻ لڳا تہ اسين ڪريون ڇا ٿا؟ هيءُ ماڻهو تہ گهڻيئي معجزا پيو ڪري. 48 جي اسين ائين ئي ڇڏي ڏينداسونس تہ سڀ ماڻهو وڃي مٿس ايمان آڻيندا: پوءِ تہ رومي اچي اسان جي جڳهہ ۽ قوم تي قبضو ڪندا. 49 پر اُنهن مان هڪڙو ڄڻو قائفا نالي، جو اُنهي سال سردار ڪاهن هو، تنهن چين تہ اوهان کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي، 50 ۽ اوهين سمجهو ئي ڪين ٿا تہ اوهان جي لاءِ چڱي ڳالهہ هيءَ ٿيندي تہ هڪڙو ڄڻو اُمت لاءِ مري، ۽ نہ سڄي قوم برباد ٿئي. 51 هاڻي اهو جو هن چيو سو پاڻو نہ چيائين: پر هو جو انهي ورهيہ جو سردار ڪاهن هو، تنهنڪري نبوت جي طور چيائين تہ يسوع کي هن قوم لاءِ مرڻ گهرجي؛ 52 ۽ نہ فقط هن قوم لاءِ، پر انهي لاءِ، تہ خدا جا ٻار جي ڇڙوڇڙ ٿيل آهن، تن کي گڏي آڻي هڪ ڪري. 53 پوءِ انهي ڏينهن کان وٺي هنن کيس قتل ڪرڻ جي صلاح مشورت ڪئي. 54 تنهنڪري يسوع انهيءَ کانپوءِ يهودين منجهہ کُليو کُلايو ڪين گهُمندو هو، پر اُتان رڻ پٽ جي ڀر واري ملڪ ۾، افرائيم نالي شهر ڏانهن هليو ويو؛ ۽ اتي شاگردن سان گڏ رهڻ لڳو. 55 هاڻي يهودين جي عيد فسح ويجهي هئي: ۽ ٻهراڙيءَ مان گهڻيئي پاڻ کي پاڪ ڪرڻ لاءِ فسح کان اڳي يروشلم ۾ ويا. 56 پوءِ يسوع کي ڳولڻ لڳا ۽ هيڪل ۾ بيهي پاڻ ۾ چوڻ لڳا تہ ڇا ٿا ڀانئيو، هو عيد تي ڪين ايندو؟ 57 هاڻي سردار ڪاهنن ۽ فريسين حڪم ڏيئي ڇڏيو هو، تہ جيڪڏهن ڪنهن کي بہ خبر پوي تہ ڪٿي آهي تہ اچي ٻُڌائي، تہ هن کي پڪڙيون. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society