Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يوحنا 10 - Sindhi Bible

1 آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جيڪو رڍن جي واڙي ۾ دروازي کان نٿو گهڙي، پر ٻئي ڪنهن رستي کان ٽپي ٿو اچي، سو چور ۽ ڌاڙيل آهي.

2 پر جيڪو دروازي مان ٿو اندر گهڙي، سو رڍن جو ريڍار آهي.

3 اُنهي لاءِ دربان دروازو کولي ٿو؛ ۽ رڍون هن جي تنوار ٻُڌن ٿيون: ۽ هو نالو وٺي پنهنجين رڍن کي سڏي ٻاهر ٿو آڻي.

4 جڏهن هو پنهنجين سڀني رڍن کي ڪڍي ٻاهر ٿو ڪري، تڏهن اڳيانئن ٿي ٿو هلي، ۽ رڍون سندس تنوار سڃاڻن ٿيون.

5 ۽ ڌارئي جي پٺيان ڪين وينديون، پر کانئس ڀڄنديون: ڇالاءِ تہ اُهي ڌارين جي تنوار نٿيون سڃاڻن.

6 اهو مثال يسوع کين ٻُڌايو، پر هنن کي سمجهڻ ۾ ڪين آيو تہ هيءُ اسان سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿو ڪري.

7 تڏهن يسوع وري چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ رڍن جو دروازو آئون آهيان.

8 سڀ جيڪي مون کان اڳي آيا، سي چور ۽ ڌاڙيل آهن: پر رڍن اُنهن جي نہ ٻُڌي.

9 آئون دروازو آهيان: جيڪو مون مان اندر گهڙندو، سو بچي پوندو، ۽ اندر ٻاهر ايندو ويندو ۽ چارو ملندس.

10 چور رڳو اُنهيءَ مراد سان ٿو اچي تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري: آئون انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ اُنهن کي زندگي ملي، بلڪ ججهي ملينِ.

11 چڱو ريڍار آئون آهيان: چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنهنجي جان ٿو ڏئي.

12 جيڪو مزور آهي ۽ نہ ريڍار، جو رڍن جو ڌڻي نہ آهي، سو بگهڙ کي ايندو ڏسي رڍن کي ڇڏي ڀڄي ٿو وڃي ۽ بگهڙ اُنهن کي جهلي ڇڙوڇڙ ڪيو ڇڏين.

13 هو ڀڄي ٿو وڃي، ڇالاءِ تہ هو مزور آهي، ۽ رڍن جو ڪو فڪر ڪونهيس.

14 چڱو ريڍار آئون آهيان، ۽ آئون پنهنجين رڍن کي سڃاڻان ٿو، ۽ منهنجيون رڍون مون کي سڃاڻن ٿيون؛

15 جيئن ڪ پيءُ مون کي سڃاڻي ٿو، تيئن آئون پيءُ کي سڃاڻان ٿو؛ ۽ آئون رڍن لاءِ پنهنجي جان ٿو ڏيان.

16 ۽ منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن، جي هن واڙي جون نہ آهن: اُنهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي، ۽ اُهي منهنجو آواز ٻُڌنديون؛ پوءِ هڪڙو ڌڻ ٿيندو ۽ هڪڙو ڌنار.

17 پيءُ جو مون کي پيار ٿو ڪري، سو انهيءَ لاءِ جو آئون پنهنجي جان ٿو ڏيان، تہ اُها وري وٺان.

18 ڪوبہ ماڻهو مون کان اُها کسي نٿو، پر آئون اُها پاڻهي ئي ٿو ڏيان. مون کي اُنهيءَ جي ڏيڻ جي اختياري آهي، ۽ انهي جي وري وٺڻ جي بہ اختياري اٿم. هيءُ حڪم مون کي پنهنجي پيءُ وٽان مليو آهي.

19 انهن ڳالهين ڪري يهودين ۾ وري بہ اچي اختلاف پيو.

20 ۽ منجهانئن گهڻا چوڻ لڳا تہ هن ۾ ڀوت آهي ۽ چريو آهي: اوهين ڇو ٿا سندس ڳالهيون ٻُڌو؟

21 ٻيا چوڻ لڳا تہ هي ڪنهن ڀوتاريل جون ڳالهيون نہ آهن. ڇا ڪو ڀوت ڪنهن انڌي جون اکيون کولي ٿو سگهي؟

22 ۽ يروشلم ۾ عيد تجديد هئي، ۽ سياري جي موسم هئي.

23 ۽ يسوع هيڪل ۾ سليمان جي ڏيڍي ۾ پئي پسار ڪيو.

24 تڏهن يهودي ويڙهي ويس، ۽ چيائونس تہ تون اسان کي ڪيستائين شڪ ۾ رکندين؟ جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي صاف چئي ڏي.

25 يسوع کين جواب ڏنو تہ مون اوهان کي ٻڌايو آهي، پر اوهين ايمان نٿا آڻيو. جيڪي ڪم آئون پنهنجي پيءُ جي نالي ڪريان ٿو، سي ئي منهنجي لاءِ شاهدي ٿا ڀرين.

26 پر اوهين نٿا مڃو، ڇالاءِ جو اوهين منهنجين رڍن مان نہ آهيو.

27 منهنجيون رڍون منهنجو آواز ٻُڌن ٿيون، ۽ آئون اُنهن کي سڃاڻان ٿو، ۽ اُهي منهنجي پٺيان ٿيون اچن.

28 ۽ آئون کين هميشہ جي زندگي ٿو ڏيان؛ ۽ اُهي ڪڏهن برباد ڪونہ ٿينديون ۽ ڪوبہ منهنجي هٿ مان اُنهن کي ڪين کسيندو.

29 منهنجو پيءُ جنهن اُهي مون کي ڏنيون آهن، سو سڀني کان وڏو آهي؛ ۽ ڪنهن کي بہ اها طاقت ڪانهي تہ پيءُ جي هٿ مان اُهي کسي سگهي.

30 آئون ۽ پيءُ هڪ آهيون.

31 تنهن تي يهودين کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ وري بہ پهڻ کنيا.

32 يسوع کين جواب ڏنو، تہ مون پيءُ جي طرفان ڪيترائي چڱا ڪم اوهان کي ڏيکاريا آهن، پوءِ انهن مان ڪهڙو ڪم آهي، جنهن سبب اوهين مون کي سنگسار ٿا ڪريو؟

33 يهودين جواب ڏنس تہ اسين توکي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ سنگسار نٿا ڪريون پر ڪفر بڪڻ ڪري؛ ڇالاءِ جو تون انسان ٿي پاڻ کي خدا ٿو ڪوٺين.

34 يسوع کين جواب ڏنو تہ اوهان جي شريعت ۾ ڪين لکيل آهي تہ ”مون چيو تہ اوهين خدا آهيو؟“

35 جيڪڏهن انهن کي ٿي خدا ڪري ڪوٺيائين، جن وٽ خدا جو ڪلام آيو، (۽ پاڪ لکيت تہ بدلجڻ جي نہ آهي)،

36 تہ هاڻي جنهن کي پيءُ پاڪ ڪري جهان ۾ موڪليو آهي، تنهن بابت ڇا ٿا چئو تہ تون ڪفر ٿو بڪين؛ ڇالاءِ جو مون چيو تہ آئون خدا جو فرزند آهيان؟

37 جيڪڏهن آئون پنهنجي پيءُ جا ڪم نہ ڪندو هجان تہ مون تي ايمان نہ آڻيو.

38 پر جي آئون اُهي ڪريان ٿو تہ جيتوڻيڪ اوهين مون تي ايمان نٿا آڻيو، تہ منهنجي ڪمن تي ايمان آڻيو: تہ اوهان کي خبر پوي ۽ سمجهو تہ پيءُ مون ۾ آهي ۽ آئون پيءُ ۾.

39 تڏهن اُهي وري بہ کيس جهلڻ جي ڪوشش ۾ هئا پر هو سندن هٿان نڪري ويو.

40 پوءِ هو موٽي يردن جي پرئين ڀر انهي هنڌ هليو ويو، جتي يوحنا پهريائين بپتسما ٿي ڏني؛ ۽ اتي هو رهي پيو.

41 ۽ گهڻا وٽس آيا، ۽ اهي چوڻ لڳا تہ يوحنا تہ ڪوبہ معجزو ڪونہ ڏيکاريو، باقي جيڪي ڳالهيون يوحنا هن جي نالي چيون ٿي سي سڀ اچي لڳيون.

42 ۽ اُتي گهڻن مٿس ايمان آندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan