Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 9 - Sindhi Bible

1 اڙي جي منهنجو مٿو پاڻي هجي ها، ۽ منهنجون اکيون لڙڪن جو چشمو هجن ها تہ چڱو هو، جو آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڪُٺلن جي لاءِ پيو روئان ها!

2 اڙي جي بيابان ۾ منهنجي لاءِ ڪو مسافر خانو هجي ها تہ چڱو هو؛ جو آءٌ پنهنجي قوم کي ڇڏي منجهان نڪري وڃان ها! ڇالاءِ جو اُهي سڀ زناڪار ۽ دغاباز ماڻهن جي هڪڙي جماعت آهن.

3 ۽ ڪوڙ جي لاءِ پنهنجي زبان ڪمان وانگي ٿا موڙين: ۽ هو ملڪ ۾ زور وارا ٿيا آهن، پر نہ سچ جي لاءِ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هو بڇڙائي ڏي وڌندا ٿا وڃن ۽ مون کي نٿا سڃاڻن.

4 اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کان خبردار رهي، ۽ پنهنجي ڪنهن بہ ڀاءُ تي اوهين ڀروسو نہ رکو: ڇالاءِ جو سڀڪو ڀاءُ ضرور دغا ڪندو، ۽ سڀڪو پاڙيسري گلا غيبت ڪندو.

5 ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي فريب ڏيندو ۽ سچ نہ چوندو: هنن پنهنجي زبان کي ڪوڙ ڳالهائڻ سيکاريو آهي؛ هو گناهہ ڪري پاڻ کي ٿڪائين ٿا.

6 تنهنجي رهڻ جي جاءِ ٺڳيءَ جي وچ ۾ آهي؛ خداوند ٿو فرمائي تہ ٺڳيءَ جي ڪري هو مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ٿا ڪن.

7 تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ انهن کي پگهاريندس ۽ آزمائيندس؛ ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڌيءَ جي سبب، ٻيو ڇا ڪريان؟

8 هنن جي زبان هڪڙو موت مار تير آهي؛ اُها ٺڳيءَ جون ڳالهيون ٿي ڪري؛ هر هڪ وات پنهنجي پاڙيسريءَ سان خير سلامتيءَ جون ڳالهيون ٿو ڪري، پر پنهنجي دل ۾ هن جي لاءِ ڇپ ماري ويهي ٿو.

9 خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ هنن کي سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟

10 جبلن جي لاءِ آءٌ رئڻ ۽ رڙڻ شروع ڪندس ۽ بيابان جي چراگاهن لاءِ ماتم ڪندس، ڇالاءِ جو اُهي اهڙا سڙي ويا آهن جو ڪوبہ انهن مان نٿو لنگهي؛ ۽ نہ ماڻهو ڍورن جو آواز ٻڌي سگهن ٿا: هوا جا پکي توڙي جانور ڀڄي هليا ويا آهن.

11 ۽ آءٌ يروشلم کي ڍير، ۽ گدڙن جي جوءِ ڪندس؛ ۽ آءٌ يهوداہ جي شهرن کي اهڙو ويران ڪندس جو ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو.

12 اُهو ڪهڙو ڏاهو آهي جو اها ڳالهہ سمجهي؟ ۽ اُهو ڪير آهي جنهن کي خداوند جي وات فرمايو آهي تہ انهي کي ظاهر ڪري ٻڌائي؟ ڇو اها زمين اهڙي ناس ٿي ۽ سڙي بيابان ٿي ويئي آهي، جو ڪوبہ انهي مان نٿو لنگهي؟

13 ۽ خداوند فرمائي ٿو تہ ڇالاءِ جيڪا شريعت مون هنن جي اڳيان رکي سا هنن ڇڏي ڏني آهي، ۽ منهنجو فرمان نہ مڃيو اٿن، ۽ جيڪي هنن جي ابن ڏاڏن هنن کي سيکاريو انهيءَ تي نہ هليا آهن،

14 بلڪ پنهنجي دل جي نٺرائي موجب هو بعليم جي پٺيان هليا آهن، جيئن سندن ابن ڏاڏن کين سيکاريو.

15 تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس آءٌ هنن کي، يعني انهي قوم کي ناگدونا کارائيندس، ۽ پت جو پاڻي پياريندس.

16 آءٌ انهن کي اهڙين قومن ۾ پکيڙيندس جن کي نہ هنن پاڻ، ۽ نہ سندن ابن ڏاڏن ٿي سڃاتو: ۽ آءٌ هنن جي پٺيان ترار موڪليندس، جيسين ڪہ هنن کي کپائي ڇڏين.

17 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين ويچار ڪريو ۽ ماتم ڪندڙن زالن کي گهرايو تہ اچن؛ ۽ هوشيار زالن کي بہ سڏايو تہ اچن:

18 ۽ جلدي ڪري اسان جي لاءِ اوسارڻ قبول ڪن، تہ اسانجين اکين مان ڳوڙها وهن، ۽ اسان جن ڇپرن مان پاڻي جاري ٿئي.

19 ڇالاءِ جو صيون منجهان هڪڙو واويلا جو آواز ٿو ٻڌجي تہ اسين ڪيئن نہ لٽجي ويا آهيون! اسين تمام گهڻو شرمندا ٿيا آهيون، جو اسان اها زمين ڇڏي ڏني آهي، ۽ اسان جا گهر ڊاهي ڪيرائي وڌا اٿن.

20 اي زالون، اڃا بہ اوهين خداوند جو آواز ٻڌو تہ سندس وات جو ڪلام اوهان جن ڪنن تي پوي، ۽ اوهين پنهنجي ڌيئرن کي اوسارڻ سيکاريو، ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙي واريءَ کي ماتم ڪرڻ سيکاري.

21 ڇالاءِ جو موت اسان جن درين منجهہ چڙهي آيو آهي، ۽ اسان جن محلاتن ۾ گهڙي آيو آهي؛ تہ ٻارن کي گهٽين مان، ۽ جوان ماڻهن کي چونڪ مان وڍي ڇڏي.

22 چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ماڻهن جا مڙهہ کليل ميدان تي ائين ڪرندا جيئن ڇيڻا، ۽ جيئن لاباري ڪندڙ جي پٺيان ڪريل سٽا، ۽ ڪوبہ انهن کي گڏ ڪين ڪندو.

23 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نڪي زور وارو ماڻهو پنهنجي زور تي فخر ڪري، نڪي دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري:

24 پر جيڪو فخر ٿو ڪري سو هن تي فخر ڪري تہ هو سمجهي ٿو، ۽ مون کي سڃاڻي ٿو، تہ آءٌ خداوند آهيان، جو زمين تي رحمت، ۽ انصاف، ۽ سچائي ٿو ڪريان: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اهڙين ڳالهين مان خوش ٿو ٿيان.

25 خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ طهريلن کي اڻ طهريلن وانگر، يعني سڀني کي سزا ڏيندس.

26 مصر، ۽ يهوداہ، ۽ ادوم کي، ۽ بني عمون ۽ موآب کي، ۽ انهن سڀني کي جن جي وارن جون ڪنڊون ڪتريل آهن، ۽ جي بيابان ۾ ٿا رهن: ڇالاءِ جو سڀ قومون اڻ طهريل آهن، ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو دل ۾ اڻ طهريل آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan