يرمياہ 51 - Sindhi Bible1 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ بابل تي ۽ ليپ ڪمائي جي رهاڪن تي ناس ڪندڙ واچ اُٿاريندس. 2 ۽ آءٌ بابل ڏي اُهي ڌاريا ماڻهو موڪليندس، جي ان کي واءُ هڻندا؛ ۽ اُهي ان جي زمين خالي ڪري ڇڏيندا: ڇالاءِ جو مصيبت جي ڏينهن اُهي چوڌاري سندس برخلاف بيهي ويندا. 3 اوهين هن جا جوان ماڻهو متان ڇڏي ڏيو؛ هن جو سڄو لشڪر اوهين اصل ناس ڪري ڇڏيو: هن جي تيرانداز پنهنجي ڪمان نہ ڪشي، ۽ هو پنهنجي زرهہ ۾ نہ اُٿي: 4 ۽ هو ڪسدين جي ملڪ ۾ قتل ٿي ڪرندا، ۽ اُن جي گهٽين ۾ گهايل ٿيندا. 5 ڇالاءِ جو نڪي اسرائيل کي نڪي يهوداہ کي سندن خدا، لشڪرن جي خداوند، ڇڏي ڏنو آهي؛ جيتوڻيڪ هنن جو ملڪ اسرائيل جي پاڪ خدا جي ڏوهہ سان ڀريل آهي. 6 بابل منجهان ڀڄي وڃو، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي جان بچائي؛ اُن جي ڏوهہ ۾ وڍجي نہ وڃو: ڇالاءِ جو اهو خداوند جي وير وٺڻ جو وقت آهي؛ هو انهي کي بدلو ڏيندو. 7 بابل خداوند جي هٿ ۾ هڪڙو سونو پيالو ٿي رهيو آهي، جنهن سڄي زمين کي مست ڪري ڇڏيو آهي: قومن ان جي شراب مان پئي پيتو آهي؛ تنهن ڪري قومون ديوانيون آهن. 8 بابل اوچتو ڪري پيو آهي، ۽ ناس ٿي ويو آهي: اُن جي لاءِ واويلا مچايو؛ اُن جي سور لاءِ ملم کڻي وڃو تہ من هو ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي. 9 اسين جيڪر بابل کي ڇُٽايون ها، پر هو نہ ڇُٽو: اُن کي ڇڏي ڏيو، هلو تہ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي ملڪ ڏي هليو هلي: ڇالاءِ جو اُن جي سزا آسمان تائين پهتي آهي، بلڪ آسمانن تائين چڙهي ويئي آهي. 10 خداوند اسان جي سچائي ظاهر ڪئي آهي: اچو تہ صيون ۾ خداوند پنهنجي خدا جو ڪلام پڌرو ڪريون. 11 تير تکا ڪريو؛ سپرون قابو جهليو؛ خداوند مادين جي بادشاهہ جي روح کي چوريو آهي؛ ڇالاءِ جو هن جي رٿ آهي تہ بابل کي ناس ڪري؛ ۽ اهو خداوند جو وير وٺڻ، ۽ سندس هيڪل جو بدلو آهي. 12 بابل جي ڀتين جي سامهون هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو، پهرو مضبوط ڪريو، پهري وارا مقرر ڪريو، لڪي ويهڻ جون جايون تيار ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند بابل جي رهاڪن جي نسبت ۾ جيڪي چيو هو، اُن موجب رٿيو بہ آهي، ۽ ڪيو بہ آهي. 13 اڙي تون جو گهڻن پاڻين تي رهين ٿو ۽ بي انداز خزانا اٿيئي، سو تنهنجي پڇاڙي اچي پهتي آهي ۽ تنهنجي لالچ جو ماڻ اچي ڀريو آهي. 14 لشڪرن جي خداوند پنهنجي ذات جو قسم کنيو آهي ۽ چيو اٿس، تہ آءٌ توکي ضرور ماڻهن سان اهڙو ڀريندس جيئن مڪڙن سان؛ ۽ اُهي توتي هڪلون ڪري ايندا. 15 هن زمين پنهنجي قدرت سان جوڙي آهي، هن دنيا پنهنجي حڪمت سان قائم ڪئي آهي، ۽ هن آسمان پنهنجي سمجهہ سان ڇڪي بيهاريا آهن: 16 جڏهن هو هڪل ٿو ڪري تڏهن آسمانن ۾ پاڻيءَ جو جوش پيدا ٿئي ٿو، ۽ هو زمين جي ڪنارن کان ٻاڦ اُٿاري ٿو؛ هو زمين جي لاءِ وڄ جوڙي ٿو، ۽ پنهنجن خزانن مان واءُ ڪڍي ٿو، 17 سڀ ڪو ماڻهو جهنگلي ۽ بي عقل ٿي پيو آهي؛ سڀڪو سونارو پنهنجي اُڪريل مورت ڪري شرمندو ٿو ٿئي ڇالاءِ جو هن جي پلٽيل مورت ڪوڙ آهي ۽ انهن ۾ پساهہ ڪونهي. 18 اُهي باطل ۽ ٺڳيءَ جو ڪم آهن: جڏهن اُنهن جي خبر لهڻ جو وقت ايندو تڏهن اُهي ناس ٿي وينديون. 19 يعقوب جو حصو انهن جهڙو نہ آهي، ڇالاءِ جو هو سڀني شين جو جوڙيندڙ آهي؛ ۽ اسرائيل هن جي ورثي وارو فرقو آهي: انهي جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي. 20 تون منهنجي جنگي تبر آهين ۽ جنگ جا هٿيار آهين: تو سان آءٌ قومن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندس؛ ۽ تو سان آءٌ بادشاهتون ناس ڪري ڇڏيندس؛ 21 ۽ تو سان آءٌ گهوڙي کي سندس سوار سميت ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندس؛ 22 ۽ تو سان آءٌ گاڏيءَ کي، ۽ جيڪو منجهس چڙهيل آهي تنهن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس؛ ۽ توسان آءٌ مرد توڙي زال کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس؛ ۽ تو سان آءٌ پير مرد توڙي جوان کي پرزا پرزا ڪندس؛ ۽ تو سان آءٌ ڇوڪر ۽ ڇوڪريءَ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس؛ 23 ۽ تو سان آءٌ ڌنار ۽ سندس ڌڻ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس؛ ۽ توسان آءٌ هاري ۽ سندس ڏاندن جي جوڳ کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس؛ ۽ توسان آءٌ حاڪمن ۽ نائبن کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس. 24 خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ بابل کي ۽ ڪسديہ جي سڀني رهاڪن کي اُهي سڀ خرابيون پهچائيندس جي هنن اوهان جي ڏسندي صيون ۾ ڪيون آهن. 25 خداوند ٿو فرمائي تہ اي ناس ڪندڙ جبل، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان، جو تون سڄي زمين کي ناس ٿو ڪرين: ۽ آءٌ پنهنجو هٿ توتي ڊگهيريندس ۽ ٽڪرن مان توکي ليٽائيندس ۽ توکي هڪڙو سڙيل جبل ڪندس. 26 ۽ ماڻهو تو مان ڪنڊ جي لاءِ يا بنياد جي لاءِ ڪوبہ پهڻ نہ کڻندا؛ پر خداوند ٿو فرمائي، تہ تون هميشہ جي لاءِ ويران رهندين. 27 اوهين انهي ملڪ ۾ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو، قومن منجهہ قرناءِ وڄايو، قومن کي ان جي برخلاف تيار ڪريو، هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط، مني ۽ اشڪناز جون حڪومتون سڏي آڻي گڏ ڪريو: هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہ سالار مقرر ڪريو: گهوڙن کي کهرن سوٻٽن وانگي چاڙهي اچو. 28 هن سان وڙهڻ لاءِ قومن کي، ۽ ميدين جي بادشاهن ۽ اُن جي حاڪمن کي، ۽ اُن جي سڀني نائبن کي، ۽ هن جي بادشاهت جي سڄي ملڪ کي تيار ڪريو. 29 ۽ زمين ڏڪي ٿي ۽ سورن ۾ آهي: ڇالاءِ جو خداوند جون رٿون بابل جي برخلاف قائم آهن، انهي لاءِ تہ بابل جي ملڪ کي اهڙو ويران ڪري جو ان ۾ ڪوبہ ماڻهو نہ رهي. 30 بابل جي بهادرن جنگ ڪرڻ کان منهن موڙيو آهي، اُهي پنهنجن قلعن ۾ رهيا پيا آهن: هن جي همت هارجي ويئي آهي؛ اُهي زالن جهڙا ٿي پيا آهن: اُن جي رهڻ جي جاين کي باهہ ڏيئي ساڙيو اٿن؛ اُن جي درن جا گز ڀڃي ڇڏيا اٿن. 31 هڪڙو ٽپالي ٻئي کي گڏجڻ لاءِ ڊوڙندو، ۽ هڪڙو قاصد ٻئي کي گڏجڻ لاءِ ڊوڙندو، انهي لاءِ تہ بابل جي بادشاهہ کي ٻڌائين تہ سندس شهر هر طرف کان وٺجي ويو آهي: 32 ۽ لنگهڻ جون جايون اوچتيون ورتيون ويون آهن ۽ ڪانا ڪک باهہ ۾ ساڙي مچ ڪيا اٿن، ۽ جنگي ماڻهو ڊڄي ويا آهن. 33 ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ بابل جي ڌيءَ انهي ڳاهڻ جي پڙ وانگي آهي جنهن ۾ لتڙ ٿيندي آهي؛ اڃا ٿوري وقت کان پوءِ ان جي فصل جي لاباري جو وقت ايندو. 34 بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر مون کي ڳڙڪائي ويو آهي، هن مون کي چپي ڇڏيو آهي، هن مون کي خالي ٿانوَ ڪري ڇڏيو اهي، هو مون کي ازدها وانگي ڳهي ويو آهي، هن منهنجن نعمتن سان پنهنجو پيٽ ڀريو آهي؛ هن مون کي اُڇلائي ڪڍي ڇڏيو آهي. 35 صيون جو رهاڪو چوندو تہ جيڪو ظلم مون سان ۽ منهنجن ماڻهن سان آهي سو شل بابل جي سر تي هجي؛ ۽ يروشلم چوندو تہ منهنجو خون شل ڪسديہ جي ماڻهن جي سر تي هجي. 36 تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس آءٌ تنهنجي پاران حجت دليل ڪندس، ۽ تنهنجي بدران وير وٺندس؛ ۽ آءٌ هن جو سمنڊ سڪائي ڇڏيندس، ۽ هن جو چشمو خشڪ ڪندس. 37 ۽ بابل ڍير ٿيندو، يعني گدڙن جي رهڻ جو هنڌ، ۽ حيرت ۽ سوسٽ جو سبب ٿيندو، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو. 38 هو جوان شينهن وانگي گڏجي گوڙ ڪندا؛ هو شينهن جي ٻچن وانگي گرجندا. 39 خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن هو جوش ۾ ايندا تڏهن آءٌ هنن جي مهماني ڪندس، ۽ هنن کي شراب پياري مست ڪندس، تہ خوشيون ڪن، ۽ هميشہ جي ننڊ ڪرڻ لاءِ سمهي رهن ۽ وري نہ جاڳن. 40 آءٌ هنن کي گهيٽن وانگي، ۽ گهٽن وانگي، ٻڪرن سميت ڪوس لاءِ آڻيندس. 41 شيشڪ ڪيئن نہ وٺجي ويو آهي! ۽ ساري زمين جي تعريف ڪيئن نہ اوچتي پڪڙجي ويئي آهي! قومن منجهہ بابل ڪيئن نہ ويران ٿي ويو آهي! 42 سمنڊ بابل تي چڙهي آيو آهي: اُهو ان جي بيشمار لهرن سان ڍڪجي ويو آهي. 43 اُن جا شهر ويران ۽ خشڪ زمين ۽ برپٽ ٿي ويا آهن، يعني اهڙي زمين جنهن ۾ ڪوبہ ماڻهو نٿو رهي، ۽ نہ ڪو آدمزاد اُتان لنگهي ٿو. 44 ۽ آءٌ بابل ۾ بيل تي فتويٰ جاري ڪندس، ۽ هن جي وات مان جيڪي ڳٿو اٿس سو ڪڍي وٺندس، ۽ قومون وري اڳتي هن ڏي گڏجي ڊوڙنديون نہ وينديون: هائو، بابل جي ڀت ڪري پوندي. 45 اي منهنجي قوم، اوهين اُن منجهان نڪري وڃو، ۽ اوهان مان هرڪو پاڻ کي خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ کان بچائي. 46 ۽ پنهنجي دل نہ هاريو، نڪي جيڪا افواہ انهيءَ زمين ۾ ٻڌجي، تنهن کان ڊڄو؛ ڇالاءِ جو هڪڙي سال ۾ افواہ ايندي، ۽ انهي کان پوءِ ٻئي سال ۾ ٻي افواہ ايندي، ۽ ملڪ ۾ ظلم زبردستي ۽ حاڪم تي حاڪم ايندو. 47 تنهن ڪري ڏس، اُهو ڏينهن اچي ٿو جڏهن آءٌ بابل جي اُڪريل مورتن تي فتويٰ جاري ڪندس، ۽ اُن جي ساري زمين شرمندي ٿيندي؛ ۽ اُن جا سڀ ڪُٺل اُن جي وچ ۾ ڪرندا. 48 تڏهن آسمان ۽ زمين، ۽ جيڪي انهن ۾ آهي، سڀ بابل تي خوشيءَ مان راڳ ڳائيندا، ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو، تہ ڦرلٽ ڪرڻ وارا اُتر کان اُن وٽ ايندا. 49 جيئن بابل اسرائيل جا ڪُٺل ڪيرايا آهن، تيئن بابل ۾ ساري زمين جا ڪُٺل ڪرندا. 50 اوهين جي ترار کان بچي نڪتا آهيو سي هليا وڃو، ماٺ ڪري نہ بيهو؛ پري کان ئي خداوند کي ياد ڪريو، ۽ يروشلم کي دل تي آڻيو. 51 اسين شرمندا ٿيا آهيون. ڇالاءِ جو اسان طعنو ٻڌو آهي؛ لڄ اسان جا منهن ڍڪي ڇڏيا آهن: ڇالاءِ جو ڌاريا ماڻهو خداوند جي گهر جي پاڪ جاين ۾ گهڙي ويا آهن. 52 تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُن جي اُڪريلن مورتن تي فتويٰ جاري ڪندس؛ ۽ اُن جي ساري زمين ۾ ڦٽيلن جي ڪنجهڪار پئجي ويندي. 53 خداوند ٿو فرمائي تہ جيتوڻيڪ بابل چڙهي آسمان تائين وڃي، ۽ جيتوڻيڪ هو پنهنجي زور جو قلعو مضبوط ڪري، تہ بہ مون وٽان ڦرلٽ ڪرڻ وارا هن تي ڪاهي ايندا. 54 بابل مان دانهن جو، ۽ ڪسدين جي زمين مان وڏي تباهي جو آواز ٿو ٻڌجي! 55 ڇالاءِ جو خداوند بابل کي لٽي ٿو، ۽ منجهانئس وڏو گوڙ شور اصل ڪڍي ڇڏي ٿو: ۽ هنن جون لهرون گهڻي پاڻيءَ وانگي گجن ٿيون، هنن جي آواز جو گوڙ ٿو اچي. 56 ڇالاءِ جو لٽ ڪرڻ وارو انهي تي ڪاهي آيو آهي، يعني بابل تي، ۽ ان جا بهادر مرد جهلجي ويا آهن، ۽ انهن جون ڪمانون ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيون آهن: ڇالاءِ جو خداوند انتقام وٺڻ وارو خدا آهي، ۽ هو ضرور بدلو وٺندو. 57 ۽ آءٌ ان جي اميرن ۽ ان جي ڏاهن ماڻهن کي، اُن جي حاڪمن ۽ ان جي نائبن کي، ۽ ان جي بهادر مردن کي نشئي ڪندس؛ ۽ هو هميشہ واري ننڊ ۾ سمهي رهندا ۽ نہ جاڳندا؛ ائين اهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي. 58 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ بابل جون ويڪريون ڀتيون اصل ڊهي پونديون، ۽ ان جا وڏا دروازا باهہ سان سڙي ويندا؛ ۽ ماڻهو اجاين ڪمن لاءِ پورهيو ڪندا ۽ قومون باهہ لاءِ؛ ۽ اُهي ٿڪجي پوندا. 59 اهو ڪلام جو يرمياہ نبيءَ، سراياہ بن نيرياہ بن محسياہ کي تڏهن فرمايو جڏهن هو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ سان، سندس بادشاهت جي چوٿين ورهيہ ۾، بابل ڏي ويو. هاڻي سراياہ مکيہ شاهي ناظر هو. 60 ۽ يرمياہ هڪڙي ڪتاب ۾ اُهي سڀ خرابيون لکي ڇڏيون جي بابل تي اچڻيون هيون، يعني اُهي سڀ ڳالهيون جي بابل جي نسبت ۾ لکجن ٿيون. 61 ۽ يرمياہ سراياہ کي چيو تہ جڏهن تون بابل ۾ اچين تڏهن ياد ڪري هي سڀ ڳالهيون پڙهجانءِ. 62 ۽ چئجانءِ تہ اي خداوند تو هن هنڌ جي نسبت ۾ چيو آهي تہ اهو اهڙو وڍجي ويندو جو ان ۾ نڪو ماڻهو ۽ نہ مرون رهندو، پر اُهو هميشہ لاءِ ويران رهندو. 63 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون هي ڪتاب پڙهي پورو ڪرين، تڏهن انهي سان هڪڙو پهڻ ٻڌي فرات نديءَ جي وچ ۾ انهي کي اُڇلائي ڇڏجانءِ؛ 64 ۽ چئجانءِ تہ بابل بہ هيئن ٻڏي ويندو، ۽ وري نہ نڪرندو، ڇالاءِ جو آءٌ انهي تي خرابي آڻيندس: ۽ هو ٿڪجي پوندا. ايستائين يرمياہ جون ڳالهيون آهن. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society