يرمياہ 50 - Sindhi Bible1 اُهو ڪلام جو بابل ۽ ڪسدين جي ملڪ بابت خداوند يرمياہ نبيءَ جي معرفت فرمايو. 2 اوهين قومن منجهہ ظاهر ڪريو ۽ پڌرائي ڪرايو هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو ۽ مشهوري ڪرايو ۽ لڪايو نہ: چئو تہ بابل وٺجي ويو آهي، بيل شرمندو ڪيو ويو آهي، مردوڪ ڀڃي ٽڪر ٽڪر ڪيو ويو آهي؛ اُن جا بت شرمندا ڪيا ويا آهن، انهن جون مورتون ڀڃي پرزا پرزا ڪيون ويون آهن. 3 ڇالاءِ جو اُتر مان اُنهي تي هڪڙي قوم ڪاهيو ٿي اچي جا ان جي ملڪ کي ويران ڪندي، ۽ ڪوبہ اُتي رهڻ وارو ڪونہ هوندو: اُهي ڀڄي ويا آهن، اُهي نڪري ويا آهن، جهڙا ماڻهو تهڙا مرون. 4 انهن ڏينهن ۾ ۽ انهي وقت خداوند ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل ايندا، اُهي ۽ بني يهوداہ ٻئي گڏجي؛ ۽ اُهي روئندي پنهنجو رستو ڏيو ويندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي ڳوليندا. 5 هو پنهنجا منهن صيون ڏي ڪري انهي بابت پڇا ڪندا، ۽ چوندا تہ اوهين اچي خداوند سان گڏجو ۽ دائم قائم عهد اقرار ڪريو، جو ڪڏهن بہ وساريو نہ ويندو. 6 منهنجي قوم رلي ويل رڍن وانگي ٿي پئي آهي: انهن جي ڌنارن انهن کي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، هنن انهن کي جبلن تي هڪالي ڇڏيو آهي: اهي جبل کان ٽڪريءَ ڏي ويا آهن، ۽ پنهنجي آرام جي جاءِ وساري ڇڏي اٿن. 7 جن پئي لڌو اٿن تن سڀني هنن کي پئي ڳڙڪايو آهي: ۽ هنن جي دشمنن چيو تہ اسان جو قصور ڪونهي، ڇالاءِ جو هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، يعني خداوند، جو سندن ابن ڏاڏن جي اميد هو. 8 بابل جي وچ مان ڀڄي ٻاهر ٿيو، ۽ ڪسدين جي زمين منجهان نڪري وڃو ۽ ٻڪرن وانگي ٿيو جي ڌڻ جي اڳيان هلندا آهن. 9 ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ اُتر واري ملڪ مان وڏين قومن جي هڪڙي جماعت اُٿاري بابل تي چاڙهي ايندس: ۽ اُهي ان جي سامهون صفون ٻڌي بيهندا؛ ۽ هو وٺجي ويندو: انهن جا تير آزمودگار پهلوان جي تيرن وانگي هوندا، ۽ انهن مان ڪوبہ خالي نہ موٽندو. 10 ۽ ڪسديہ لٽجي ويندو: خداوند ٿو فرمائي تہ، اُتي سڀ لٽيندڙ ڍءُ ڪندا. 11 ڇالاءِ، جو اي منهنجي ورثي جي لٽڻ وارا، اوهين خوش آهيو، اوهين بري هلت ٿا ڪريو، ۽ انهي گابيءَ وانگي ٽپا ڏيو ٿا جا اَن لتاڙي ٿي، ۽ مضبوط گهوڙن وانگي هڻڪون ٿا؛ 12 اوهان جي ماءُ نهايت شرمندي ٿيندي، ۽ جنهن اوهان کي ڄڻيو سا لڄي ٿيندي: ڏسو، هو قومن منجهہ سڀ کان پوئين ٿيندي؛ اها بيابان، ۽ خشڪ زمين ۽ ويران ٿيندي. 13 خداوند جي ڪاوڙ ڪري اُها نہ وسندي، پر ويران ٿي ويندي: جيڪو بہ هن جي پاسي کان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ اُن جون سڀئي آفتون ڏسي، شوڪارا ڀريندو. 14 ۽ اوهين جي ڪمانون ڪشيو ٿا، سي سڀ بابل جي آس پاس صفون ٻڌي بيهو؛ اُنهي کي تير هڻو، ڪوبہ تير باقي نہ بچايو: ڇالاءِ جو هن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. 15 انهي جي چوڌاري مٿس هڪلون ڪريو؛ هوءَ اچي پيش پئي آهي؛ انهي جا ڪوٽ ڪنگرا ڪري پيا آهن، انهي جون ڀتيون ڊاٺيون ويون آهن: ڇالاءِ جو خداوند انهي کان وير ورتو آهي؛ اوهين بہ انهي کان وير وٺو؛ جيئن هن پاڻ ڪيو آهي تيئن اوهين بہ ساڻس ڪريو. 16 بابل مان هاريءَ کي وڍي ڇڏيو، ۽ انهي کي بہ جو فصل لهڻ وقت ڏاٽو کڻي لابارو ڪري ٿو: ظلم ڪندڙ ترار جي ڊپ کان هنن مان هرڪو پنهنجي پنهنجي قوم ڏي ڦرندو، ۽ هرڪو پنهنجي پنهنجي زمين ڏانهن ڀڄندو. 17 اسرائيل رلي ويل رڍ آهي؛ شينهن انهي کي ڀڄائي ڪڍيو آهي: پهرين اشور جو بادشاهہ انهي کي کائي ويو؛ ۽ پڇاڙيءَ ۾ هن بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر ان جا هڏ ڀڃي ڇڏيا آهن. 18 تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ سندس ملڪ کي سزا ڏيندس، جيئن ڪہ مون اسور جي بادشاهہ کي سزا ڏني آهي. 19 ۽ آءٌ اسرائيل کي وري سندس چراگاهہ ۾ وٺي ايندس، ۽ هو ڪرمل، ۽ بسن ۾ چرندو، ۽ افرائيم جي ٽڪرين تي ۽ جلعاد ۾ انهي جو روح راضي ٿيندو. 20 خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن ڏينهن ۾ انهي وقت اسرائيل جي ڏوهہ جي ڳولا ٿيندي، پر ڪوبہ ڪونہ ظاهر ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي گناهن جي پڇاڙي ٿيندي ۽ اُهي نہ لڀندا: ڇالاءِ جو جن کي آءٌ باقي بچائي ڇڏي ٿو ڏيان، تن کي آءٌ معافي ڏيندس. 21 مراتايم جي زمين تي چڙهي وڃ، هائو، اُنهي تي ۽ فقود جي رهاڪن تي: خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن کي ڪُهہ، ۽ انهن کي اصل ناس ڪري ڇڏ، ۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي تيئن ڪر. 22 جنگ جو ۽ وڏي تباهيءَ جو آواز ملڪ ۾ آهي. 23 ڪيئن نہ سڄي زمين جو مترڪو وڍجي ڀڄي ڌار ٿي پيو آهي! ڪيئن نہ بابل قومن ۾ ويران ٿي ويو آهي! 24 اي بابل، مون تنهنجي لاءِ دام وڌو آهي، ۽ تون ڦاٿو بہ آهين، ۽ توکي انهي جو ڪوبہ سماءُ ڪونہ هو: تون لڌو آهين، ۽ پڪڙجي پيو آهيان، ڇالاءِ جون تون خداوند جي برخلاف وڙهيو آهين. 25 خداوند پنهنجو صلاح خانو کوليو آهي ۽ پنهنجي ڪاوڙ جا هٿيار ڪڍي آندا اٿس: ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جي خداوند کي ڪسدين جي ملڪ ۾ ڪو ڪم ڪرڻو آهي. 26 سڀني پاسن کان اُن تي چڙهي اچو، ان جا انبار خانا کوليو: ان کي اُڇلائي ڍير ڪريو، ۽ ان کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيو، جيئن ان جي ڪابہ شيءِ باقي نہ بچي. 27 اُن جا سڀ ڍڳا ڪهو؛ انهن کي ڪوس لاءِ لهڻ ڏيو: ويل آهي انهن سان! ڇالاءِ جو انهن جو ڏينهن ۽ انهن جي سزا جو وقت اچي پهتو آهي. 28 انهن جو آواز پيو ٻڌجي، جي ڀڄن ٿا، ۽ بابل جي زمين مان نڪري ٻاهر وڃن ٿا، انهي لاءِ تہ صيون ۾ خداوند اسان جي خدا جي وير وٺڻ جي، ۽ سندس هيڪل جي بدلي جي پڌرائي ڪن. 29 ڪماندارن کي بابل سان وڙهڻ لاءِ سڏي گڏ ڪريو، انهن سڀني کي جي ڪمان ڪشيندا آهن؛ انهن جي چوڌاري منزل ڪري بيهي وڃو؛ انهن جو ڪوبہ ماڻهو ڀڄي نڪرڻ نہ ڏيو: سندن ڪمن موافق کين بدلو ڏيو؛ جيئن پاڻ ڪيو اٿس، تيئن ساڻس ڪريو: ڇالاءِ جو هن خداوند سان سينو ساهيو آهي، يعني اسرائيل جي پاڪ خدا سان. 30 تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ جوان مرد سندس گهٽين ۾ پيا ڪرن، ۽ ان جا سڀ جنگي بهادر انهي ڏينهن ماريا ويندا. 31 خداوند، لشڪرن جو خداوند، ٿو فرمائي، تہ اي مغرور، ڏس، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان: ڇالاءِ جو تنهنجو ڏينهن آيو آهي، اُهو وقت، جڏهن آءٌ اچي تنهنجي خبر لهندس. 32 ۽ اُهو مغرور شخص آٿڙجي ڪرندو، ۽ ڪوبہ نہ اٿاريندس: ۽ آءٌ ان جي شهرن کي باهہ ڏيندس ۽ انهي جي آس پاس جيڪي بہ آهن تن سڀني کي ساڙي چٽ ڪندس. 33 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ، ٻنهي تي گڏ ظلم ٿا ٿين: ۽ جن انهن کي قيد ڪيو، سي انهن کي قابو ڪيو ويٺا آهن؛ اُهي انهن کي ڇڏي نٿا ڏين. 34 انهن جو ڇڏائيندڙ زور وارو آهي؛ لشڪرن جو خداوند انهي جو نالو آهي: هو انهن جي پاران پوري طرح حجت دليل ڪندو، تہ زمين کي آرام ڏئي، ۽ بابل جي رهاڪن کي بي آرام ڪري. 35 خداوند ٿو فرمائي، تہ ڪسدين ۽ بابل جي رهاڪن تي، ۽ اُن جي اميرن تي، ۽ ان جي ڏاهن ماڻهن تي هڪڙي ترار آهي. 36 ٻٽاڪ هڻڻ وارن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي اجائي لڪ ڪندا: اُن جي بهادر مردن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي پريشان ٿي ويندا. 37 انهن جي گهوڙن تي، ۽ انهن جي گاڏين تي، ۽ انهي ۾ جيڪي گڏيل قوم جا ماڻهو آهن تن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي زالن وانگر ٿيندا: اُن جي خزانن تي بہ هڪڙي ترار آهي، ۽ اُهي ڦرجي ويندا. 38 ان جي پاڻين تي خشڪ سالي آهي، ۽ اُهي سڪي ويندا: ڇالاءِ جو اها اُڪريل مورتن جي زمين آهي، ۽ هو بتن تي مست آهن. 39 تنهن ڪري بر پٽ جا جانور، بگهڙن سان گڏ اُتي رهندا، ۽ اُن ۾ شترمرغ رهندا: ۽ اُهو وري ڪڏهن بہ نہ وسندو؛ نڪي پيڙهي بہ پيڙهي انهي ۾ ڪو ماڻهو رهندو. 40 خداوند ٿو فرمائي تہ جيئن اڳي خدا سدوم ۽ عموراہ ۽ ان جي پاسي وارن شهرن کي اونڌو ڪري ڪيرايو؛ تيئن ڪوبہ ماڻهو اتي نہ رهندو، ۽ نہ ڪو آدمزاد انهي ۾ اچي ٽڪندو. 41 ڏس، هڪڙي قوم اُتر مان اچي ٿي؛ ۽ هڪڙي وڏي اُمت ۽ گهڻا بادشاهہ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن کان اُٿاريا ويندا. 42 اُهي ڪمان ۽ نيزو کڻن ٿا؛ اُهي ظالم آهن ۽ ڪوبہ رحم ڪونہ اٿن: انهن جو آواز سمنڊ وانگي گوڙ ٿو ڪري، ۽ اُهي گهوڙن تي چڙهن ٿا؛ اي بابل جي ڌيءَ، سڀڪو توتي جنگي بهادر وانگي سنبريو اچي. 43 بابل جي بادشاهہ هنن جي ناموس ٻڌي آهي ۽ انهي جا هٿ ڍرا ٿا ٿين: ڏکن ۽ سورن انهي کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي. 44 ڏس هو يردن جي ٻيلي مان مضبوط شهر تي شينهن وانگي ڪاهي ايندو: پر آءٌ اوچتو ئي اوچتو انهن کي وٽانئس ڀڄائي ڪڍندس؛ ۽ جيڪو چونڊي ڪڍيو ويندو، انهي کي آءٌ سندس مٿان مقرر ڪندس؛ ڇالاءِ جو ڪير مون جهڙو آهي؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ ڪو وقت مقرر ڪندو؟ ۽ اهو ڪهڙو ڌنار آهي جو منهنجي اڳيان بيهندو؟ 45 تنهن ڪري جيڪا مصلحت خداوند بابل جي برخلاف ڪئي آهي سا اوهين ٻڌو؛ ۽ هن جا ارادا، جي هن ڪسدين جي ملڪ جي برخلاف ڪيا آهن؛ يقين آهي تہ هو انهن کي گهلي ويندا، يعني ڌڻ جي ٻچن کي؛ يقين آهي تہ هو انهن جي رهڻ جي جاءِ ساڻن گڏ ويران ڪري ڇڏيندو. 46 بابل جي وٺجڻ جي هل تي زمين ڏڪي ٿي ۽ اها دانهن ملڪن ۾ پئي ٻڌجي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society