يرمياہ 5 - Sindhi Bible1 اوهين يروشلم جي گهٽين مان هيڏي هوڏي ڊوڙو، ۽ هاڻي ڏسو ۽ ڄاڻو، ۽ ان جي چونڪن ۾ ڳوليو، تہ ڪو ماڻهو لهو ٿا، ڪو اهڙو ماڻهو آهي يا نہ جو انصاف جا ڪم ٿو ڪري، ۽ جو سچ کي ڳولي ٿو؛ پوءِ آءٌ يروشلم کي معاف ڪندس. 2 ۽ جيتوڻيڪ هو چون ٿا تہ جيئري خدا جو قسم آهي؛ تہ بہ پڪ هو ڪوڙو قسم ٿا کڻن. 3 اي خداوند، تنهنجون اکيون سچ تي نہ ٿيون نهارين ڇا؟ تو انهن کي ڌڪ هنيو آهي، پر کين ڏک ڪونہ ٿيو: تو هنن کي ماري کپائي ڇڏيو آهي، پر هنن سيکت وٺڻ کان انڪار ڪيو: هنن پنهنجا منهن ٽڪر کان بہ سخت ڪيا آهن، هنن موٽي ڦرڻ کان انڪار ڪيو آهي. 4 تڏهن مون چيو تہ يقيناً اهي غريب آهن: هو بي عقل آهن؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو رستو نٿا ڄاڻن، ۽ نہ پنهنجي خدا جي عدالت ٿا ڄاڻن؛ 5 آءٌ وڏن ماڻهن وٽ ويندس ۽ انهن سان ڳالهائيندس؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو رستو، ۽ پنهنجي خدا جي عدالت ڄاڻن ٿا، پر انهن ٻڌي ڪري پاڃاري ڀڳي آهي ۽ بند ڦوڙيا آهن. 6 جنهن ڪري ٻيلي مان هڪڙو شينهن اچي هنن کي ماريندو، ۽ رڻ پٽ وارو بگهڙ هنن کي لٽيندو؛ ۽ چيتو هنن جي شهرن جي اڳيان ڄڪ هڻندو، ۽ جيڪو اُتان ٻاهر نڪرندو سو ٽڪر ٽڪر ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو هنن جا قصور گهڻا آهن، ۽ هنن جي بي وفائي وڌي وئي آهي. 7 ڪيئن آءٌ توکي معاف ڪريان؟ تنهنجي ٻارن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هنن انهن جو قسم کنيو آهي جي خدا نہ آهن: جڏهن مون هنن کي کارائي ڍءُ ڪرايو تڏهن هنن زنا ڪئي، ۽ ڪڃرين جي گهرن ۾ اچي گڏ ٿيا آهن. 8 هو ڍاول گهوڙن جهڙا هئا جي عام رلن ٿا: هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي پٺيان پئي هڻڪيو. 9 خداوند ٿو فرمائي تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟ 10 اوهين هن جي ڀتين تي چڙهي وڃو ۽ چٽ ڪريو؛ پر اصلي تباهہ ڪري نہ ڇڏيوس: هن جون ٽاريون وڍي ڇڏيو: ڇالاءِ جو اُهي خداوند جون ناهن. 11 خداوند ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي گهراڻي، ۽ يهوداهہ جي گهراڻي مون سان ڏاڍي دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي. 12 هنن خداوند کان منڪر ٿي چيو آهي تہ هي اُهو ناهي؛ نڪي خرابي اسان جي مٿان ايندي، نڪي اسين ترار يا ڏڪار ڏسنداسين: 13 ۽ نبي هوا ٿي ويندا ۽ ڪلام انهن ۾ ڪونهي: انهن سان اهو حال ڪيو ويندو. 14 تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، ڇالاءِ جو اوهين اهڙي ڳالهہ ٿا ڪريو تنهن ڪري آءٌ پنهنجو ڪلام تنهنجي وات ۾ باهہ ڪندس، ۽ هن قوم کي ڪاٺ ڪندس، ۽ اهو هنن کي ساڙي ٻاري ڇڏيندو. 15 خداوند ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، ڏس، آءٌ پري کان اوهان تي هڪڙي قوم آڻيندس: اُها زور واري قوم آهي، ۽ هڪڙي قديم قوم آهي، اُها اهڙي قوم آهي جنهن جي ٻولي تون نٿو ڄاڻين، ۽ نہ جيڪي هو چون ٿا سو تون سمجهي ٿو سگهين. 16 هنن جي تيرن جي بٿي هڪڙي کليل قبر آهي، هو سڀ زور وارا ماڻهو آهن. 17 ۽ هو تنهنجو فصل کائي ويندا، ۽ تنهنجي ماني بہ، جا تنهنجن پٽن ۽ تنهنجن ڌيئن کي کائڻ گهرجي: هو تنهنجا ڌڻ ۽ تنهنجا گلا کائي ويندا: هو تنهنجون ڊاکون ۽ تنهنجا انجير جا وڻ، کائي ڇڏيندا: هو تنهنجا ڪوٽن وارا شهر، جن تي تنهنجو ڀروسو آهي، سي ترار سان چٽ ڪندا. 18 پر خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڏينهن ۾ بہ آءٌ اوهان کي اصل تباهہ ڪري نہ ڇڏيندس. 19 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين چوندا تہ خداوند اسان جي خدا ڇالاءِ اسان سان هي سڀ جُٺيون ڪيون آهن؟ تڏهن انهن کي چئج، تہ جيئن اوهان مون کي ڇڏي پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين معبودن جي عبادت پئي ڪئي آهي، تيئن اوهين بہ، جو ملڪ اوهان جو ناهي تنهن ۾ ڌارين جي ٻانهپ ڪندا. 20 اها ڳالهہ اوهين يعقوب جي گهراڻي ۾ پڌري ڪريو، ۽ يهوداہ ۾ اشتهار ڏيو، ۽ چئو تہ، 21 اي بي عقل ۽ بي سمجهہ قوم، جنهن کي اکيون آهن ۽ ڏسي نٿي، ۽ جنهن کي ڪن آهن پر ٻڌي نٿي، هاڻي هيءُ ٻڌو: 22 خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون کان نٿا ڊڄو ڇا؟ اوهين منهنجي حضور ۾ ڪين ڏڪندا ڇا، مون کان، جنهن سمنڊ جي حد لاءِ واري اهڙي مدامي حڪم سان قائم ڪئي آهي جو اهو انهي کان لنگهي نٿو سگهي، ۽ جيتوڻيڪ ان جون لهرون زور سان اُڇلجن ٿيون، تہ بہ اهي غالب پئي نہ ٿيون سگهن، ۽ جيتوڻيڪ اُهي شور ٿيون ڪن، تہ بہ اُهي لنگهي نہ ٿيون سگهن. 23 پر هن قوم جي دل فسادي ۽ سرڪش آهي؛ هنن فساد ڪيو ۽ هليا ويا. 24 نڪي هو پنهنجي دل ۾ چون ٿا اچو تہ هاڻي خداوند پنهنجي خدا کان ڊڄون، جو پوري موسم ۾ مينهن ڏئي ٿو؛ جهڙو اڳيون تهڙو پويون؛ جو انسان جي لاءِ فصل جا مقرر ڪيل هفتا قائم ٿو ڪري. 25 اوهان جن بدڪارين اهي شيون ڦيرائي ڇڏيون آهن، ۽ اوهان جن گناهن اوهان کان چڱائي روڪي ڇڏي آهي. 26 ڇالاءِ جو منهنجي قوم ۾ شرير ماڻهو ڏسجن ٿا: اُهي ماريءَ وانگي لڪيو ويٺا نهارين؛ هو دام وجهيو ماڻهو پيا ڦاسائين. 27 جيئن ڪو پڃرو پکين سان ڀريل هوندو آهي، تيئن هنن جا گهر بہ ٺڳيءَ سان ڀريل آهن: تنهن ڪري هو وڏا ٿيا آهن، ۽ دولت هٿ ڪئي اٿن. 28 هو ٿلها ٿيا آهن، هو چمڪن ٿا: هائو، هو شرارت جي ڪمن ۾ گوءِ کڻي ويا آهن: هو يتيمن جي طرفان حجت دليل نٿا ڪن تہ هو سکيا ٿين: ۽ هو محتاجن جي حق جو انصاف نٿا ڪن. 29 خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟ 30 هڪڙو عجيب ۽ خوفناڪ ڪم ملڪ ۾ ٿي پيو آهي. 31 نبي ڪوڙي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا؛ ۽ منهنجي قوم کي اهو حال پسند آهي: پر نيٺ اوهين ڇا ڪندا؟ |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society