Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 49 - Sindhi Bible

1 بني عمون بابت: خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل کي پٽ ناهن ڇا؟ انهي جو ڪو وارث ناهي ڇا؟ تڏهن ڇو ملڪوم جاد جو مالڪ ٿيو آهي، ۽ ان جا ماڻهو انهي جي شهرن ۾ رهن ٿا؟

2 تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ بني عمون جي ربہ تي جنگ جو هل اُٿاريندس، جو ماڻهو ٻڌندا؛ ۽ اهو هڪڙو ويران ڍير ٿي پوندو، ۽ ان جون ڌيئون باهہ سان ساڙيون وينديون: تنهن کان پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اسرائيل انهن جو مالڪ ٿيندو جي ان جا مالڪ هئا.

3 اي حسبون واويلا مچاءِ، ڇالاءِ جو عئي لٽجي ويو آهي؛ اي ربہ جون ڌيئرون دانهون ڪريو؛ کٿا چيلهہ سان ٻڌو. روئو پٽيو، ۽ لوڙهن اندر هيڏي هوڏي ڊوڙو؛ ڇالاءِ جو ملڪوم، پنهنجن ڪاهنن ۽ اميرن سوڌو قيد ٿي ويندو.

4 اي بي ايمان ڌيءَ، ڪهڙي سبب تون وادين تي، پنهنجي وهندڙ واديءَ تي، فخر ٿي ڪرين؟ تو پنهنجي خزانن تي ڀروسو ٿي رکيو ۽ چيو ٿي تہ مون تائين ڪير ايندو؟

5 ڏس، خداوند، لشڪرن جو خداوند فرمائي ٿو، تہ جيڪي تنهنجي چوڌاري آهن تن مان آءٌ توتي خوف آڻيندس؛ ۽ اوهان مان هرڪو منهن سامهون ٻاهر هڪاليو ويندو، ۽ جيڪي رلندا وتن تن کي ڪوبہ گڏ ڪرڻ وارو ڪونہ ٿيندو.

6 پر خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي کان پوءِ آءٌ بني عمون جي قيدين کي موٽائي آڻيندس.

7 ادوم بابت: لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ: تيمان ۾ ڏاهپ ڪانہ رهي آهي ڇا؟ سياڻن منجهان صلاح مصلحت نڪري ويئي آهي ڇا؟ انهن جي ڏاهپ گم ٿي ويئي آهي ڇا؟

8 اي ديدان جا رهاڪو، ڀڄي وڃو، پٺ تي موٽو، ڳجهين جاين ۾ وڃي رهو؛ ڇالاءِ جو جنهن وقت آءٌ خبر لهڻ ايندس تنهن وقت انهي تي عيسو جي آفت آڻيندس.

9 جيڪڏهن ڊاک چونڊڻ وارا تو وٽ اچن، تہ جيڪر ڪي ڊاک جا داڻا ڇڏي نہ وڃن ڇا؟ جيڪڏهن چور رات جو اچن تہ جيڪر ايستائين ڦرلٽ نہ ڪن ڇا جيستائين ڪ کين ڪافي هٿ اچي؟

10 پر مون عيسوءَ کي اگهاڙو ڪيو آهي، مون هنن جون ڳجهيون جايون ظاهر ڪيون آهن، جنهن ڪري هو پاڻ کي لڪائي نہ سگهندو: هن جو نسل لٽجي ويو آهي، ۽ هن جا ڀائر، ۽ هن جا پاڙيسري، ۽ هو پاڻ نيست نابود ٿي ويو آهي.

11 پنهنجا يتيم ٻار ڇڏ، آءٌ انهن کي سنڀاليندس ۽ جيئرو رکندس؛ ۽ تنهنجون بيوہ زالون مون تي ڀروسو رکن.

12 ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُهي جي انهي پيالي پيئڻ وارا نہ هئا، سي ضرور پيئندا؛ ۽ تون اُهو آهين ڇا جو اصل بي سزا ڇڏيو ويندين؟ تون بي سزا ڇڏيو نہ ويندين، پر تون ضرور پيئندين.

13 ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجي ذات جو قسم کنيو آهي تہ بصرہ، حيرت، ۽ ملامت، ۽ ويرانيءَ، ۽ لعنت جو سبب ٿيندو؛ ۽ ان جا سڀ شهر هميشہ لاءِ ويران رهندا.

14 مون خداوند کان خبر ٻڌي آهي تہ هڪڙو ايلچي قومن ۾ موڪليو ويو آهي تہ چوي تہ اوهين گڏ ٿيو، ۽ هن تي ڪاهي اچو، ۽ جنگ جي لاءِ چڙهو.

15 ڇالاءِ جو ڏس، مون توکي قومن ۾ ننڍو ۽ ماڻهن ۾ حقير ڪيو آهي.

16 باقي تنهنجي دهشت بابت، تون جا ٽڪر جي چرن ۾ رهين ٿي، ۽ ٽڪريءَ جي چوٽي جهلين ٿي، تنهنجي دل جي مغروريءَ توکي ٺڳيو آهي: خداوند ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ تون پنهنجو آکيرو ايترو مٿي کڻي جوڙين جيترو عقاب جوڙيندو آهي تہ بہ آءٌ توکي اُتان هيٺ آڻيندس.

17 ۽ عدوم حيرت جو سبب ٿيندو: جيڪو انهي جي پاسي کان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ اُن جي سڀني آفتن تي شوڪارا ڀريندو.

18 خداوند ٿو فرمائي، تہ جيئن سدوم ۽ عموراہ ۽ ان جي پاسي وارن شهرن جي ناس ٿيڻ جو حال هو تيئن ڪوبہ ماڻهو اُتي نہ رهندو، ۽ نڪو آدمزاد انهي ۾ ٽڪندو.

19 ڏس، هو شينهن وانگي يردن جي جهنگ مان نڪري مضبوط مڪان تي چڙهي ايندو: ۽ آءٌ اوچتو هن کي اُتان ڀڄائي ڪڍندس؛ ۽ جيڪو چونڊيو ويندو، تنهن کي آءٌ اُن جي مٿان مقرر ڪندس: ڇالاءِ جو ڪير مون جهڙو آهي؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ وقت مقرر ڪندو؟ ۽ اُهو ڪهڙو ڌنار آهي جو منهنجي اڳيان بيهندو؟

20 تنهن ڪري اوهين خداوند جي اُها رٿ ٻڌو جا هن ادوم جي برخلاف ڪئي آهي؛ ۽ هن جا اُهي ارادا، جي هن تيمان جي رهاڪن جي برخلاف ڪيا آهن؛ يعني هو انهي کي، گهلي ويندا، بلڪ ڌڻ جي ٻچن کي بہ؛ يقيناً هو ان جي رهڻ جو هنڌ، ساڻن گڏ ويران ڪري ڇڏيندو.

21 انهن جي ڪرڻ جي آواز تي زمين ڏڪي ٿي؛ هڪڙي رڙ ٿي ٿئي، جنهن جو آواز ڳاڙهي سمنڊ ۾ پيو ٻڌجي.

22 ڏس هو چڙهي ايندو، ۽ عقاب وانگي اُڏامي پنهنجا پر بصرہ جي برخلاف پکيڙيندو؛ ۽ اُنهي ڏينهن ادوم جي بهادر مرد جي دل سورن واري زال جي دل جهڙي ٿيندي.

23 دمشق بابت: حمات شرمندو ٿيو آهي، ۽ ارفاد بہ؛ ڇالاءِ جو انهن بري خبر ٻڌي آهي، اُهي پگهري ويا آهن: سمنڊ تي ڏک آهي؛ اُهو آرام ۾ رهي نٿو سگهي.

24 دمشق ضعيف ٿي ويو آهي، هو ڀڄڻ جي لاءِ ڦري ٿو ۽ ڏڪڻي وٺي ويئي اٿس: رنج ۽ ڏکن ان کي آڻي ورايو آهي، جيئن سورن واري زال جو حال ٿيندو آهي.

25 اهو تعريف جو شهر، منهنجي خوشيءَ جو شهر، ڪيئن نہ ڇڏي ڏنو ويو آهي؟

26 تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ اُن جا جوان ماڻهو سندس گهٽين ۾ ڪِرندا ۽ سڀ جنگي مرد انهيءَ ڏينهن چپ ڪرايا ويندا.

27 ۽ آءٌ دمشق جي ڀت تي هڪڙي باهہ ٻاريندس، ۽ اُها بن هدد جي محلاتن کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.

28 قيدار ۽ حصور جي حڪومتن بابت، جن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر شڪست ڏني. خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين اُٿو، قيدار ڏي چڙهي وڃو ۽ اُڀرندي جي ماڻهن کي ڦريو لٽيو.

29 هو انهن جا تنبو ۽ انهن جا ڌڻ وٺندا؛ هو انهن جا پردا ۽ انهن جا سڀ ٿانوَ ۽ انهن جا اُٺ پنهنجي لاءِ کڻي ويندا: ۽ هو انهن کي رڙيون ڪري چوندا تہ هر طرف خوف آهي.

30 خداوند ٿو فرمائي، تہ اي حصور جا رهاڪو، اوهين ڀڄو، پري وڃي رلو، ڳجهين جاين ۾ وڃي رهو؛ ڇالاءِ جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر اوهان جي بر خلاف صلاح مصلحت ڪئي آهي، ۽ اوهان جي برخلاف ارادو ڪيو اٿس.

31 خداوند ٿو فرمائي تہ اُٿو، انهي قوم ڏي چڙهي وڃو جا آرام ۾ آهي، ۽ بي فڪر رهندي اچي؛ جنهن کي نہ دروازا آهن نہ گز، ۽ جي اڪيلا ٿا رهن.

32 اُنهن جا اُٺ لٽ جو مال ٿيندا، ۽ انهن جا سڀ ڍور ڦر جو مال ٿيندا، ۽ جن ماڻهن جي وارن جون ڪنڊون ڪتريل آهن تن سڀني کي آءٌ سڀني پاسي پکيڙي ڇڏيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سڀ ڪنهن پاسي کان مٿن آفت آڻيندس.

33 ۽ حصور گدڙن جي رهڻ جي جاءِ ٿيندو ۽ هميشہ ويران رهندو: ڪوبہ ماڻهو اُتي نہ رهندو، نڪو آدمزاد اُتي ٽڪندو.

34 يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهت جي شروعات ۾ عيلام بابت جيڪو خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ تي نازل ٿيو: تہ

35 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، عيلام، جو انهن جي مکيہ طاقت آهي، تنهن جي آءٌ ڪمان ڀڃندس.

36 ۽ آءٌ عيلام تي آسمان جي چئن ئي ڪنڊن کان چار واءُ آڻيندس، ۽ هنن کي انهن سڀني پاسن ڏانهن پکيڙي ڇڏيندس، ۽ اهڙي قوم ئي ڪانہ هوندي جنهن ڏي عيلام جا جلاوطن نہ ايندا.

37 ۽ آءٌ عيلام کي سندن دشمنن جي اڳيان، ۽ سندن ساهہ جي ڳوليندڙن جي اڳيان، حيران پريشان ڪندس، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن تي خرابي آڻيندس، يعني پنهنجي خوفناڪ ڪاوڙ، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ترار موڪليندس، جيسين ڪہ آءٌ انهن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان:

38 ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ پنهنجو تخت عيلام ۾ رکندس، ۽ اُتان بادشاهہ ۽ اميرن کي ناس ڪندس.

39 پر خداوند ٿو فرمائي، تہ پوئين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو جو آءٌ عيلام جا قيدي موٽائي آڻيندس.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan