Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 48 - Sindhi Bible

1 موآب بابت لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ويل هجي نبوءَ سان! ڇالاءِ جو اهو ويران ٿي ويو آهي؛ قريتائم شرمندو ڪيو ويو آهي، اُهو ورتو ويو آهي: مسجاب شرمندو ڪيو ويو آهي ۽ ڀڃي ڇڏيو ويو آهي.

2 موآب جي تعريف اڳتي نہ ٻڌبي: حسبون ۽ انهي جي برخلاف خرابي رٿي اٿن، اچو تہ اُن کي قوم ٿيڻ کان ڪپي ڇڏيون، اي مدمين، تون بہ چپ ڪرايو ويندين؛ ترار تنهنجي پٺيان پوندي.

3 حورونايم مان دانهن جو آواز ٿو اچي! لٽ ڦر ۽ وڏي مصيبت!

4 موآب ناس ٿي ويو آهي؛ ان جي ننڍڙن ٻارن جي دانهن پئي ٻڌجي.

5 ڇالاءِ جو لوحيت جي چاڙهيءَ کان هو رئندا مٿي ويندا؛ حورونايم جي لاهيءَ تي هنن موت جي دانهن جو ڏک ڀريو آواز ٻڌو آهي.

6 ڀڄو، پنهنجون جانيون بچايو، ۽ بيابان جي ٻوٽن جهڙا ٿيو.

7 ڇالاءِ جو پنهنجن ڪمن ۽ پنهنجن خزانن تي ڀروسي رکڻ ڪري تون گرفتار ٿيندين: ۽ ڪموس، پنهنجن ڪاهنن ۽ پنهنجي اميرن سميت، قيد ٿي هليو ويندو.

8 ۽ لٽ ڪرڻ وارو سڀ ڪنهن شهر تي ڪاهي ايندو، ۽ ڪوبہ شهر بچي نہ ويندو؛ وادي ناس ٿيندي ۽ ميدان بہ چٽ ٿيندو؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي.

9 موآب کي کنڀ ڏيو تہ اُڏامي وڃي، ۽ ان جا شهر اهڙا ويران ٿيندا جو ڪوبہ انهن ۾ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.

10 لعنت هجي انهي تي جو خداوند جو ڪم بي پرواهيءَ سان ٿو ڪري، ۽ لعنت هجي انهي تي جو پنهنجي ترار کي خون وهائڻ کان روڪي ٿو.

11 موآب ننڍي هوندي کان آرام ۾ رهيو، ۽ اُن جي ڪٽي تري ۾ ويهي ويئي آهي، ۽ هو هڪڙي ٿانوَ مان ٻئي ٿانوَ ۾ نہ اوتيو ويو آهي، ۽ نہ هو قيد ٿي موڪليو ويو آهي: تنهن ڪري هن جو سواد قائم آهي، ۽ ان جي بوءِ بدلي نہ آهي.

12 تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ اُن ڏي اُهي موڪليندس جي اوتڻ وارا آهن، ۽ اُهي هن کي اوتي وهائي ڇڏيندا، ۽ هن جا ٿانوَ خالي ڪري ڇڏيندا، ۽ هنن جون صراحيون ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيندا.

13 ۽ موآب ڪموس جي ڪري اهڙو شرمندو ٿيندو، جهڙو اسرائيل جو گهراڻو بيت ايل جي ڪري ٿيو هو، جنهن تي هنن جو ڀروسو هو.

14 اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ اسين بهادر مرد ۽ جنگ جي لاءِ پهلوان آهيون؟

15 موآب ويران ٿي ويو آهي ۽ هو ان جي شهرن ۾ چڙهي ويا آهن، ۽ ان جا چونڊيل جوان مرد قتلام لاءِ لهي ويا آهن: ائين اُهو بادشاهہ ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.

16 موآب جي مصيبت اچي ويجهي پئي آهي، ۽ ان جي ڪمبختي تڪڙي تڪڙي پئي اچي.

17 اوهين سڀ، جي اُن جي آس پاس آهيو سي اُن تي افسوس ڪريو، ۽ اوهين سڀ جي ان جي نالي جا واقف آهيو سي چئو تہ اها مضبوط لٺ، اهو سهڻو ڏنڊو ڪيئن نہ ڀڄي پيو آهي.

18 اي ڌيءُ، تون جا ديبون ۾ ٿي رهين، سا پنهنجي وڏائيءَ تان هيٺ لهي اچ، اُڃايل ٿي ويهہ؛ ڇالاءِ جو موآب جي لٽڻ ڦرڻ وارو توتي ڪاهي آيو آهي، هن تنهنجا مضبوط ڪوٽ ناس ڪري ڇڏيا آهن.

19 اي عروعير جا رهاڪو، رستي جي ڀر ۾ بيهي نظر ڪر: ۽ جيڪو مرد ڀڄي، ۽ جيڪا زال بچي نڪري تنهن کان پڇ تہ ڇا ٿي گذريو آهي؟

20 موآب شرمندو ڪيو ويو آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو ڀڃي ڀوري ڇڏيو ويو آهي: واويلا مچاءِ ۽ دانهون ڪر؛ اوهين ارنون ۾ خبر ڏجو تہ موآب ويران ٿي ويو آهي.

21 ۽ ميدان واري ملڪ تي سزا نازل ٿي آهي؛ يعني حولون، ۽ يهصاہ، ۽ مفعت تي؛

22 ۽ ديبون، ۽ نبو، ۽ بيت دبلتايم تي؛

23 ۽ قريتايم، ۽ بيت جمول، ۽ بيت معون تي؛

24 ۽ قريوت، ۽ بصراہ، ۽ موآب جي سڀني ويجهن ۽ پرانهن شهرن تي.

25 موآب جو سڱ وڍجي ويو آهي، ۽ اُن جي ٻانهن ڀڄي پئي آهي؛ خداوند ائين ٿو فرمائي، تہ

26 اوهين هن کي شراب پياري مست ڪريو؛ ڇالاءِ جو هن خداوند جي مقابلي ۾ پاڻ کي وڏو ڪيو: ۽ موآب پنهنجي قئي ۾ ليٽندو، ۽ اُن تي کل ٺٺولي بہ ٿيندي.

27 ڇالاءِ جو اسرائيل تنهنجي لاءِ کل ٺٺولي ڪين هو ڇا؟ اُهو چورن ۾ ڏٺو ويو هو ڇا؟ ڇالاءِ جو جيترا ڀيرا تون هن جو ذڪر ٿو ڪرين اوترا ڀيرا تون پنهنجو ڪنڌ لوڏين ٿو.

28 اي موآب جا رهاڪو، شهرن کي ڇڏي وڃي ٽڪر ۾ رهو؛ ۽ انهي ڪبوتر جهڙا ٿيو جو غار جي منهن جي پاسن ۾ پنهنجو آکيرو جوڙي ٿو.

29 اسان موآب جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي تہ اهو ڏاڍو مغرور آهي؛ يعني انهي جي وڏائي ۽ انهي جي مغروري ۽ انهي جي گستاخي ۽ ان جي دل جو هٺ.

30 خداوند ٿو فرمائي، تہ مون کي ان جي ڪاوڙ جي خبر آهي تہ اها ڪي بہ ڪين آهي؛ اُن جي ٻٽاڪن مان ڪي بہ ڪين ورندو.

31 تنهن ڪري آءٌ موآب جي لاءِ واڪا ڪندس؛ هائو آءٌ سڄي موآب لاءِ رڙيون ڪندس؛ قيرحرس جي ماڻهن لاءِ هو ماتم ڪندا.

32 اي سبماہ جي ڊاک آءٌ تنهنجي لاءِ يعزير جي روڄ کان وڌيڪ رئندس: تنهنجون ٽاريون سمنڊ جي مٿان لنگهي ويون، بلڪ اُهي يعزير جي سمنڊ تائين وڃي پهتيون: تنهنجن گرمي جي ميون تي ۽ تنهنجي ڊاک جي فصل تي ليٽندڙ اچي ڪڙڪيو آهي.

33 موآب جي ملڪ مان، ڀلي ٻنيءَ مان، خوشي ۽ سرهائي ڪڍي وئي آهي؛ ۽ مون شراب جي چيچڙي مان شراب بند ڪرائي ڇڏيو آهي: ڪوبہ هڪلون ڪري نہ لتاڙيندو: انهن جون هڪلون، هڪلون نہ ٿينديون.

34 حسبون جي دانهن کان وٺي اليعالہ تائين، بلڪ يهض تائين، ۽ ضغر کان وٺي حورونايم، ۽ عجلت شليشياہ تائين، هنن رڙيون ڪيون آهن: ڇالاءِ جو نمريم جا پاڻي بہ ويران ٿي ويندا.

35 تنهن کان سواءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ موآب مان انهيءَ کي نيست نابود ڪري ڇڏيندس جو مٿانهين مڪان تي قربانيون ٿو چاڙهي، ۽ جو پنهنجن معبودن لاءِ لوبان ٿو ساڙي.

36 تنهن ڪري منهنجي دل موآب لاءِ، ۽ قيرحرس جي ماڻهن لاءِ بانسرين وانگي ٿي وڄي: تنهن ڪري جيڪو مال هن گڏ ڪيو هو سو چٽ ٿي ويو آهي.

37 ڇالاءِ جو سڀڪو مٿو گنجو آهي، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي! سڀني هٿن تي وڍ آهن، ۽ چيلهين تي کٿا آهن.

38 موآب جي سڀني گهرن جي ڇتين تي ۽ ان جي گهٽين ۾ جتي ڪٿي ماتم متو پيو آهي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ مون موآب کي انهي ٿانوَ وانگي ڀڃي ڇڏيو آهي، جو نہ وڻندو آهي.

39 ڪيئن نہ اُهو ڀڃي ڇڏيو ويو آهي! ڪيئن نہ هو واويلا ڪن ٿا! ڪيئن نہ موآب شرم کان پٺ ورائي آهي! انهي طرح موآب سڀني آس پاس وارن جي لاءِ کل ۽ خوف جو سبب ٿيندو.

40 ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، اهو عقاب وانگي اُڏامندو ۽ موآب جي برخلاف پنهنجا پر پکيڙيندو.

41 قريوت وٺجي ويو آهي، ۽ مضبوط قلعا اوچتا هٿ ڪيا ويا آهن، ۽ موآب جي بهادر مردن جي دل انهي ڏينهن اهڙي ٿيندي جهڙي سورن واري زال جي دل.

42 ۽ موآب قوم ٿيڻ کان ناس ڪيو ويندو، ڇالاءِ جو هن پاڻ کي خداوند جي مقابلي ۾ وڏو ڪيو آهي.

43 خداوند ٿو فرمائي، تہ اي موآب جا رهاڪو، ڊپ، ۽ کڏ، ۽ ڦانڌو، اهي توتي اچي پيا آهن.

44 جيڪو ڊپ کان بچندو سو کڏ ۾ ڪِرندو: ۽ جيڪو کڏ مان نڪرندو سو ڦانڌي ۾ ڦاسي پوندو: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهي تي، يعني موآب تي، سندن سزا جو سال آڻيندس.

45 جيڪي ڀڳا سي حسبون جي پاڇي هيٺ ڪمزور ٿي بيهن ٿا: ڇالاءِ جو حسبون مان باهہ نڪتي آهي، ۽ سيحون مان شعلو، ۽ انهيءَ موآب جي ڪنڊن، ۽ فساد ڪندڙن جو ڪاپار ڳهي چٽ ڪري ڇڏيو آهي.

46 اي موآب، افسوس آهي تنهنجي حال تي! ڪموس جي قوم نيست نابود ٿي ويئي: ڇالاءِ جو تنهنجا پٽ قيد ٿي ويا آهن، ۽ تنهنجون ڌيئون بند ۾ آهن.

47 خداوند ٿو فرمائي، تہ انهي هوندي بہ پوئين ڏينهن ۾ آءٌ موآب جا قيدي موٽائي آڻيندس. هيستائين موآب جي عدالت ٿي آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan