يرمياہ 47 - Sindhi Bible1 فرعون غزہ کي شڪست ڏني، تنهن کان اڳي فلستين بابت جيڪو خداوند جو ڪلام يرمياہ نبي تي نازل ٿيو سو هي آهي. 2 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اُتر مان پاڻي چڙهندو اچي، ۽ هڪڙي اُٿلندڙ نهر ٿيندو ۽ ملڪ کي ۽ جيڪي اُن ۾ آهي، شهر توڙي ماڻهو، جي انهن ۾ رهن ٿا، تن سڀني کي اُٿلي ٻوڙي ڇڏيندو؛ ۽ ماڻهو دانهون ڪندا، ۽ انهي ملڪ جا سڀ رهاڪو رڙيون ڪندا. 3 هن جي زور وارن گهوڙن جي سنبن جي دٻڪي تي، هن جي گاڏين جي ڪڙڪي تي، هن جي ڦيٿن جي گوڙ تي، ماڻهو ضعيف هٿن ڪري پنهنجن ٻارن ڏي ڪنڌ ورائي نٿا نهارين؛ 4 جو اُهو ڏينهن فلستين کي لٽڻ لاءِ، ۽ صور ۽ صيدون جي باقي رهندڙن سڀ ڪنهن مددگار کي وڍي ڇڏڻ لاءِ، اچي ٿو. ڇالاءِ جو خداوند فلستين کي، يعني ڪفتور جي ٻيٽ جي باقي رهيلن ماڻهن کي، لٽي ڇڏيندو. 5 غزہ تي گنجائي آئي آهي؛ ۽ انهن جي واديءَ مان باقي بچيل اسقلون نيست نابود ڪيو ويو آهي: ڪيستائين تون پاڻ کي پيو وڍيندين؟ 6 اي خداوند جي ترار، اڃا ڪيتري مهل کان پوءِ تون ماٺ ڪنديئن؟ تون پاڻ کي پنهنجي مياڻ ۾ وجهہ؛ آرام وٺ ۽ ماٺ ڪر. 7 جڏهن خداوند توکي حڪم ڏنو آهي تڏهن تون ڪيئن ماٺ ڪري سگهندينءَ؟ اسقلون تي ۽ سمنڊ جي ڪناري تي انهي کي هن مقرر ڪيو آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society