يرمياہ 45 - Sindhi Bible1 اهو ڪلام جو يرمياہ نبيءَ، باروڪ بن نيرياہ کي تڏهن ٻڌايو جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين ورهيہ ۾ هن هي ڳالهيون يرمياہ جي واتان هڪڙي ڪتاب ۾ لکيون، جنهن ۾ چيائين تہ 2 خداوند، اسرائيل جو خدا توکي هيئن ٿو فرمائي، تہ اي باروڪ: 3 تو چيو تہ هاڻي منهنجي لاءِ افسوس آهي! ڇالاءِ جو خداوند منهنجي سور تي ڏک وڌايو آهي؛ آءٌ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان، ۽ آرام ڪونہ ٿو اچيم. 4 تون هن کي هيئن چئج، خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪي مون اڏيو آهي سو آءٌ ڀڃي ڊاهي ڇڏيندس، ۽ جيڪي مون پوکيو آهي سو آءٌ پٽي ڇڏيندس؛ ۽ سڄي ملڪ ۾ ائين ڪندس. 5 ۽ تون پنهنجي لاءِ وڏيون شيون ٿو ڳولين ڇا؟ اُهي نہ ڳول: ڇالاءِ جو ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سڄي خلق تي خرابي آڻيندس: پر جن جن هنڌن تي تون ويندين اُتي آءٌ تنهنجي حياتي توکي غنيمت ڪري ڏيندس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society