Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 42 - Sindhi Bible

1 تڏهن لشڪرن جا سڀ سردار، ۽ يوحنان بن قريحہ، ۽ يزنياہ بن هوسعياہ، ۽ ٻيا سڀ ماڻهو تمام ننڍن کان وٺي وڏن تائين ويجها آيا.

2 ۽ يرمياہ نبيءَ کي چوڻ لڳا تہ اسين توکي منٿ آزي ٿا ڪريون تہ تنهنجي خدمت ۾ جيڪو اسان جو عرض آهي سو قبول پوي ۽ تون اسان جي لاءِ، يعني هي ماڻهو جيڪي بچيا آهن تن سڀني جي لاءِ، خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهر؛ ڇالاءِ جو اسين گهڻن مان ڪي ٿورا وڃي رهيا آهيون، جيئن تون پنهنجن اکين سان اسان کي ڏسين ٿو:

3 من خداوند تنهنجو خدا اسان کي اهو رستو ڏيکاري جنهن تي هلون ۽ اُهو ڪم ڏيکاري جو ڪريون.

4 تڏهن يرمياہ نبيءَ هنن کي چيو تہ مون اوهان جي ڳالهہ ٻڌي آهي؛ ڏسو، آءٌ اوهان جي چوڻ موجب خداوند اوهان جي خدا کان دعا گهرندس؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا ڳالهہ خداوند اوهان کي ورنديءَ ۾ چوندو سا آءٌ اوهان کي صاف ٻڌائيندس؛ آءٌ اوهان کان پٺ تي ڪي بہ ڪين رکندس.

5 تڏهن هنن يرمياہ کي چيو تہ جيڪو بہ حڪم خداوند تنهنجو خدا توکي ڏيئي اسان ڏي موڪليندو تنهن موجب جيڪڏهن اسين عمل نہ ڪنداسين تہ خداوند اسان جي برخلاف سچو ۽ وفادار شاهد ٿئي.

6 اُهو چڱو هجي يا بڇڙو، تہ بہ خداوند اسان جو خدا، جنهن ڏي اسين توکي موڪليون ٿا، تنهن جو حڪم اسين مڃينداسين؛ انهي لاءِ تہ جڏهن اسين خداوند پنهنجي خدا جو حڪم مڃينداسين تڏهن اسان جو ڀلو ٿيندو.

7 ۽ ڏهن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو.

8 تڏهن هن يوحنان بن قريحہ ۽ جيڪي لشڪرن جا سردار ساڻس هئا، ۽ ٻيا ماڻهو ننڍا توڙي وڏا جيڪي هئا تن سڀني کي سڏيو،

9 ۽ چيائين تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، جنهن ڏي اوهان مون کي سندس حضور ۾ عرض ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، سو هيئن ٿو فرمائي، تہ

10 جيڪڏهن اوهين هن زمين ۾ رهندا ايندا تہ آءٌ اوهان کي اڏيندس ۽ ڊاهيندس ڪين، ۽ آءٌ اوهان کي پوکيندس ۽ پٽيندس ڪين: ڇالاءِ جو جيڪا خرابي مون اوهان سان ڪئي آهي تنهن کان آءٌ ڦريو آهيان.

11 جنهن بابل جي بادشاهہ جو اوهان کي ڊپ آهي، تنهن کان نہ ڊڄو؛ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي جو ڪوبہ ڊپ نہ رکو، ڇالاءِ جو اوهان کي بچائڻ لاءِ ۽ هن جي هٿان ڇڏائڻ لاءِ، آءٌ اوهان سان آهيان.

12 ۽ آءٌ اوهان تي رحم ڪندس، جنهن ڪري هو بہ اوهان تي رحم ڪري اوهان کي موٽائي پنهنجي زمين ڏي موڪليندو.

13 پر جي اوهين چوندا تہ اسين هن ملڪ ۾ نہ رهنداسين؛ ۽ انهي طرح خداوند پنهنجي خدا جو حڪم نہ مڃيندا؛

14 ۽ چوندا تہ نہ: اسين مصر جي ملڪ ۾ وينداسين، جتي اسين ڪابہ جنگ ڪانہ ڏسنداسين، ۽ نہ قرناءِ جو آواز ٻڌنداسين، ۽ نہ مانيءَ جي بک ڪڍنداسين؛ اُتي اسين رهنداسين:

15 تہ تڏهن هاڻي، اي يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن اوهين سچ پچ مصر ۾ وڃي اُتي رهي پوڻ لاءِ خواهان ٿيندا:

16 تہ تڏهن هيئن ٿيندو تہ ترار، جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا سا مصر جي ملڪ ۾ اوهان کي اچي پهچندي، ۽ ڏڪار جنهن کان اوهين ڊڄو ٿا، سو اُتي مصر ۾ اوهان جي بنهہ پٺيان لڳندو؛ ۽ اُتي اوهين مرندا.

17 اهڙو ساڳيو حال انهن سڀني ماڻهن جو ٿيندو جي مصر ۾ وڃي رهڻ جي لاءِ خواهان آهن؛ اُهي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندا؛ ۽ جيڪا خرابي آءٌ هنن جي مٿان آڻيندس تنهن کان ڪوبہ ڪونہ رهندو يا بچندو.

18 ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا فرمائي، ٿو تہ جيئن منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم جي رهاڪن تي اوتيو ويو آهي، تيئن منهنجو غضب اوهان تي بہ اوتيو ويندو، جڏهن اوهين مصر ۾ گهڙندا: ۽ اوهين نفرت، ۽ حيرت، ۽ لعنت، ۽ ملامت جو سبب ٿيندا؛ ۽ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا.

19 اي يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو اوهان جي نسبت ۾ خداوند فرمايو آهي تہ اوهين مصر ۾ نہ وڃو: پڪ ڄاڻو تہ مون اڄوڪي ڏينهن اوهان وٽ شاهدي ڏني آهي.

20 ڇالاءِ جو اوهان خود پنهنجن دلين ۾ دغابازي ڪئي آهي؛ جو اوهان مون کي خداوند پنهنجي خدا ڏي، هيئن چئي موڪليو تہ خداوند اسان جي خدا کان اسان جي لاءِ دعا گهر؛ ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا فرمائي ان موجب اسان کي خبر ڏي تہ اسين ائين ڪريون:

21 ۽ اڄوڪي ڏينهن مون اُها خبر اوهان کي ڏني آهي: ۽ جنهن ڳالهہ جي لاءِ خداوند اوهان جي خدا مون کي اوهان ڏي موڪليو، انهي بابت اوهان ان جو حڪم نہ مڃيو آهي.

22 تنهن ڪري هاڻي پڪ آهي تہ اوهين جنهن هنڌ وڃي رهڻ جي لاءِ خواهش ٿا ڪريو، اُتي ئي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندا.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan