Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 4 - Sindhi Bible

1 خداوند ٿو فرمائي تہ اي اسرائيل، جي تون موٽندين، تہ مون ڏي موٽي ايندين: ۽ جي تون پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون منهنجي نظر کان پاسي ڪندين، تہ پوءِ تون برطرف نہ ڪيو ويندين؛

2 ۽ تون هيئن قسم کڻندين، تہ جيئري خداوند جو قسم آهي، جو سچو ۽ عدالت وارو ۽ راستباز آهي؛ ۽ قومون بہ پنهنجي لاءِ انهي کان برڪت گهرنديون ۽ انهيءَ تي فخر ڪنديون.

3 ڇالاءِ جو خداوند يهوداہ جي ماڻهن کي، ۽ يروشلم کي هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي پيل زمين کيڙيو ۽ ڪنڊن ۾ پوک نہ ڪريو.

4 اي يهوداہ جا ماڻهو ۽ يروشلم جا رهاڪو، اوهين خداوند جي لاءِ پنهنجو طهر ڪرايو ۽ پنهنجي دل جا کولا لاهي اُڇلائي ڇڏيو: متان منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگي اوهان جن بڇڙن ڪمن سبب پکڙي پئي، ۽ اهڙي ٻري جو ڪوبہ وسائي نہ سگهيس.

5 اوهين يهوداہ ۾ پڌرائي ڪريو ۽ يروشلم ۾ اشتهار ڏيو؛ ۽ چئو تہ اوهين ملڪ ۾ قرناءِ وڄايو: وڏيون رڙيون ڪري چئو تہ اوهين پاڻ ۾ گڏ ٿيو، پوءِ اچو تہ ڪوٽ وارن شهرن ۾ هلون.

6 صيون ۾ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو: پناهہ لاءِ ڀڄو، ترسو نہ: ڇالاءِ جو آءٌ خرابي ۽ تباهي اُتر جي پاسي کان آڻيندس.

7 هڪڙو شينهن پنهنجي گهاٽي جهنگ مان نڪتو آهي، يعني هڪڙو قومن کي ناس ڪندڙ: اهو پنڌ ۾ آهي، اُهو پنهنجي جاءِ تان هليو آهي؛ انهي لاءِ تہ ملڪ کي ويران ڪري، ۽ تنهنجا شهر سڃا ٿي وڃن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونہ بچي.

8 انهي ڪري اوهين کٿو چيلهہ سان ٻڌو، ۽ روئو پٽيو ۽ واويلا مچايو: ڇالاءِ جو خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ اسان تان لهي نہ ويئي آهي.

9 ۽ خداوند فرمائي ٿو تہ انهيءَ ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ بادشاهہ ۽ امير بي دل ٿيندا؛ ۽ ڪاهن حيران ٿيندا، ۽ نبي عجب ۾ پوندا.

10 تڏهن مون چيو تہ هاءِ اي خداوند خدا! يقيناً تو هن قوم سان ۽ يروشلم سان ڏاڍي دغا ڪئي آهي جو چيو اٿيئي تہ اوهين سلامت رهندا؛ پر حقيقت ڪري ترار اچي جان تائين پهتي آهي.

11 انهيءَ وقت انهي قوم کي، ۽ يروشلم کي چيو ويندو، تہ بيابان ۾ اُگهاڙين ٽڪرين تان منهنجي قوم جي ڌيءَ ڏانهن جهولو لڳندو، نہ واءُ هڻڻ يا صاف ڪرڻ جي لاءِ؛

12 پر هڪڙو سخت واءُ مون وٽان ايندو: هاڻي آءٌ انهن تي فتويٰ بہ ڏيندس.

13 ڏسو، هو بادل وانگي چڙهي ايندو، ۽ هن جا رٿ واچوڙي وانگي ٿيندا: هن جا گهوڙا بازن کان تکا آهن، ٻرحال اسان جا! ڇالاءِ جو اسين لٽجي وياسين!

14 اي يروشلم، پنهنجي دل شرارت کان ڌوئي صاف ڪر تہ ڇوٽڪارو لهين. ڪيستائين تنهنجا خراب خيال تو منجهہ رهندا.

15 ڇالاءِ جو هڪڙو آواز دان مان پڌرائي ڪري ٿو، ۽ افرائيم جي ٽڪرين تان خرابيءَ جو اشتهار ڏئي ٿو.

16 قومن کي خبر ڏيو، يروشلم جي برخلاف اها ڳالهہ پڌري ڪريو، تہ پرانهين ملڪ مان پهري وارا اچن ٿا ۽ يهوداہ جي شهرن جي برخلاف هل ڪن ٿا.

17 ٻنيءَ جي راکن وانگي هو انهي کي چوڌاري وڪوڙيو بيٺا آهن؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هو مون کان باغي ٿي آهي.

18 تنهنجي هلت ۽ تنهنجي ڪمن اهي واقعا تنهنجي سر تي آندا آهن؛ اها تنهنجي شرارت آهي؛ بيشڪ اها ڪَڙي آهي، جو تنهنجي دل تائين وڃي رسي آهي.

19 منهنجا آنڊا، منهنجا آنڊا! منهنجي دل ۾ اصل درد آهي؛ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ بي آرام آهي؛ آءٌ ماٺ ۾ رهي نٿو سگهان؛ ڇالاءِ جو اي منهنجا روح تو قرناءِ جو آواز ۽ جنگ جو نعرو ٻڌو آهي.

20 شڪست تي شڪست جو هل پيو پوي؛ ڇالاءِ جو سارو ملڪ لٽجي ويو آهي: منهنجا تنبو اوچتو، ۽ منهنجا پردا هڪڙي پل ۾ لٽجي ويا آهن.

21 ڪيستائين آءٌ اهو جهنڊو ڏسندس ۽ قرناءِ جو آواز ٻڌندس؟

22 ڇالاءِ جو منهنجي قوم بي عقل آهي ۽ مون کي نٿي سڃاڻي؛ اُهي نادان ڇوڪر آهن ۽ ڪابہ سمجهہ ڪونہ اٿن: اُهي برائي ڪرڻ لاءِ ڏاها آهن، پر ڀلائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن.

23 مون زمين ڏٺي، ۽ اُها ويران ۽ خالي ڏسڻ ۾ آئي؛ ۽ آسمان ڏٺم تہ انهن ۾ روشنائي ڪانہ هئي.

24 مون جبل ڏٺا ۽ اُهي پئي ڏڪيا، ۽ سڀ ٽڪريون هيڏي هوڏي پئي لڏيون.

25 مون نهاريو پر ڪوبہ ماڻهو ڪونہ هو، ۽ هوا جا سڀ پکي اُڏامي ڀڄي ويا هئا.

26 مون نهاريو ۽ ڏٺم تہ آباد زمين بيابان ٿي ويئي ۽ ان جا سڀ شهر خداوند جي حضور مان ۽ سندس خوفناڪ ڪاوڙ جي اڳيان ڊهي ڪري پيا.

27 ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ سارو ملڪ ويران ٿي ويندو؛ انهي هوندي بہ آءٌ ان کي اصل تباهہ ڪري نہ ڇڏيندس.

28 زمين ماتم ڪندي ۽ مٿي آسمان ڪارا ٿيندا: ڇالاءِ جو آءٌ ائين چئي چڪو آهيان، ۽ مون اهڙو ارادو ڪيو آهي ۽ ڦريو نہ آهيان، نڪي انهي کان آءٌ پٺ تي ڦرندس.

29 سڄو شهر گهوڙيسوارن ۽ ڪماندارن جي هل کان ڀڄي ٿو وڃي؛ هو گهاٽن جهنگن ۾ گهڙي ٿا وڃن، ۽ ٽڪرن تي چڙهي ٿا وڃن: سڀڪو شهر ڇڏي ڏنو ويو آهي، ۽ هڪڙو بہ ماڻهو اُنهي ۾ نٿو رهي.

30 ۽ تون جڏهن لٽجي ويئي آهين تڏهن ڇا ڪنديئن؟ جيتوڻيڪ تون کهنبا ڪپڙا ٿي ڍڪين، جيتوڻيڪ تون پاڻ کي سونن زيورن سان ٿي سينگارين، جيتوڻيڪ ڪجل سان پنهنجون اکيون وڏيون ٿي ڪرين، تہ بہ اجايو پاڻ کي خوبصورت ٿي ٺاهين؛ تنهنجا عاشق توکي ڌڪارين ٿا، اُهي تنهنجي حياتيءَ پٺيان آهن.

31 ڇالاءِ جو مون هڪڙو آواز ٻڌو آهي جو انهي زال جهڙو آهي جا سورن ۾ هجي، انهي زال جهڙي دانهن جا پهريون ٻار ڄڻيندي آهي، صيون جي ڌيءَ جو آواز، جا پيئي سهڪي ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ هاڻ مون سان ويل آهي! ڇالاءِ جو منهنجي جان هنن خونين جي اڳيان ماندي ٿي ٿئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan