Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 39 - Sindhi Bible

1 (يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي نائين ورهيہ جي ڏينهن مهيني ۾ بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر ۽ سندس سڄو لشڪر يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ اچي انهي کي گهيرو ڪيائون؛

2 ۽ صدقياہ جي يارهين ورهيہ ۾، چوٿين مهيني جي نائين تاريخ، شهر جي ڀت هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون:)

3 بابل جي بادشاهہ جا سڀ امير اندر لنگهي آيا ۽ وچين دروازي ۾ ويهي رهيا، يعني نير گل سراضر سمگرنبو، سرسڪيم، رب سريس، نيرگل سراضر، رب مجہ، ۽ ٻيا سڀ بابل جي بادشاهہ جا باقي امير.

4 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سڀني جنگي ماڻهن انهن کي ڏٺو تڏهن اُٿي ڀڳا ۽ رات جي وقت، بادشاهہ جي باغ واري رستي کان، ٻن ڀتين جي وچ واري در مان ٻاهر نڪري شهر ڇڏي هليا ويا: ۽ هو عرباہ جو رستو ڏئي نڪري ويو.

5 پر ڪسدين جو لشڪر هنن جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي ميدان ۾ صدقياہ کي وڃي پهتو: ۽ جڏهن هنن پڪڙيس تڏهن حمات جي ملڪ ۾ ربلاہ منجهہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر وٽ هن کي وٺي آيا، ۽ هن مٿس فتويٰ جاري ڪئي.

6 تڏهن بابل جي بادشاهہ ربلاہ ۾ صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين آڏو قتل ڪيو: ۽ بابل جي بادشاهہ يهوداہ جا سڀ امير بہ ماريا.

7 تنهن کان سواءِ هن صدقياہ جون اکيون بہ ڪڍي ڇڏيون ۽ زنجيرن ۾ ٻڌايائينس انهيءَ لاءِ تہ بابل ڏي وٺي وڃيس.

8 ۽ ڪسدين بادشاهہ جو گهر ۽ ماڻهن جا گهر باهہ سان ساڙيا ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيون.

9 انهي کان پوءِ پهري وارن جو سردار نبوزرادان، شهر ۾ جيڪي ماڻهو بچيا هئا، ۽ جيڪي ڀڄي اچي ساڻس گڏيا هئا، ۽ باقي رهيلن ماڻهن مان جيڪي بچيا هئا، تن کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي ويو.

10 پر پهري وارن جي سردار نبوزرادان، غريب ماڻهن مان جن کي يهوداہ ۾ ڪي بہ ڪين هو تن کي ڇڏي ڏنو، ۽ ساڳئي وقت ۾ هنن کي ڊاک جا منهہ ۽ ٻنيون بہ ڏنائين.

11 هاڻي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر يرمياہ جي نسبت ۾ پهري وارن جي سردار نبوزرادان کي حڪم ڏنو، تہ

12 هن کي وٺي وڃي سندس چڱي سنڀال ڪر ۽ ڪو ايذاءُ نہ رسائينس؛ پر جيئن هو توکي چوي تيئن هن سان ڪج.

13 تڏهن پهري وارن جي سردار نبوزرادان ۽ نبوشزبان، رب سريس، ۽ نير گل سراضر، رب مجہ ۽ بابل جي بادشاهہ جي سڀني مکيہ عملدارن، ماڻهو موڪلي،

14 يرمياہ کي پهري وارن جي ايوان مان گهرائي، جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، جي حوالي ڪيو، ۽ حڪم ڪيائونس تہ انهي کي گهر وٺي وڃي: انهيءَ طرح هو قوم منجهہ رهڻ لڳو.

15 هاڻي جڏهن اڃا يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ بند هو تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ

16 وڃي عبد ملڪ ڪوشيءَ کي چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجون ڳالهيون هن شهر تي خرابيءَ جي لاءِ آڻيندس، نہ چڱائي جي لاءِ؛ ۽ اُهي انهي ڏينهن تنهنجي اڳيان پوريون ٿينديون.

17 پر انهي ڏينهن، خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي ڇڏائيندس: ۽ جن ماڻهن کان تون ڊڄين ٿو انهن جي هٿن ۾ نہ ڏنو ويندين.

18 ڇالاءِ جو يقيناً آءٌ توکي بچائيندس ۽ تون ترار سان ماريو نہ ويندين، پر تنهنجي حياتي تنهنجي لاءِ غنيمت ٿيندي: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ تو مون تي ڀروسو رکيو آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan