Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 38 - Sindhi Bible

1 ۽ سفطياہ بن متان، ۽ جدلياہ بن فشحور، ۽ يوڪل بن سلمياہ، ۽ فشحور بن ملڪياہ، اُهي ڳالهيون ٻڌيون جي يرمياہ سڀني ماڻهن کي ٻڌايون، ۽ چيائين تہ

2 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ڪسدين ڏي ويندو سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي ۽ اُهو جيئرو رهندو.

3 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي شهر ضرور بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي هٿ ۾ ڏنو ويندو، ۽ اُهو هن کي وٺندو.

4 تڏهن اميرن بادشاهہ کي چيو تہ اسين توکي منٿ ٿا ڪريون تہ هن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ گهرجي؛ ڇالاءِ جو جيڪي جنگي ماڻهو هن شهر ۾ بچيا آهن تن جا، ۽ باقي سڄي قوم جا هٿ، اهڙين ڳالهين ٻڌائڻ سان هو ضعيف ٿو ڪري: هن ڪري جو هي ماڻهو هن قوم جي خير خواهي نہ پر نقصان ٿو ڳولهي.

5 ۽ صدقياہ بادشاهہ چيو تہ ڏس، هو اوهان جي هٿ ۾ آهي: ڇالاءِ جو بادشاهہ اهڙو ناهي جو اوهان جي برخلاف ڪجهہ ڪري سگهي.

6 تڏهن هنن يرمياہ کي کڻي ملڪياہ شهزادي جي بهري ۾ وڌو، جو پهري وارن جي ايوان ۾ هو: ۽ يرمياهہ کي رسن سان انهي ۾ هيٺ لاهي وڌائون: ۽ انهي بهري ۾ پاڻي ڪونہ هو پر گپ هئي: ۽ يرمياہ گپ ۾ گپي ويو.

7 هاڻي عبد ملڪ ڪوشي، جو بادشاهہ جي گهر ۾ ناظر هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ يرمياہ کي بهري ۾ وڌو اٿن: انهيءَ وقت بادشاهہ بنيمين جي دروازي ۾ ويٺو هو؛

8 تڏهن عبد ملڪ بادشاهہ جي گهر مان نڪري وڃي بادشاهہ کي چيو، تہ

9 اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، هنن ماڻهن جيڪي يرمياہ نبيءَ سان ڪيو آهي سو بڇڙو آهي، جو هن کي بهري ۾ کڻي وڌو اٿن؛ ۽ جتي هو آهي اُتي هو ضرور بک کان مري ويندو: ڇالاءِ جو شهر ۾ وڌيڪ ماني ڪانهي.

10 تڏهن بادشاهہ عبد ملڪ ڪوشيءَ کي حڪم ڏيئي چيو تہ هتان پاڻ سان ٽيهہ ماڻهو وٺي وڃ، ۽ يرمياہ نبيءَ کي مرڻ کان اڳي ٻاهر ڪڍ،

11 اُن موجب عبد ملڪ پاڻ سان ماڻهو وٺي بادشاهہ جي گهر خزاني جي جاءِ جي هيٺان ويو، ۽ اُتان هن پراڻا ڦاٽل ڪپڙا، ۽ پراڻيون ڳريل اڳڙيون ڪڍيون، ۽ اُهي رسن سان هيٺ لاهي يرمياہ کي ڏنيون.

12 ۽ عبدملڪ ڪوشيءَ يرمياہ کي چيو تہ هاڻي اهي پراڻا ردي ڪپڙا ۽ ڳريل اڳڙيون رسن جي هيٺان پنهنجن بغلن ۾ رک، ۽ يرمياہ ائين ئي ڪيو.

13 انهي طرح هنن رسن سان يرمياہ کي مٿي ڪيو، ۽ بهري مان ڪڍي ٻاهر آندائونس: ۽ يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهيو.

14 تڏهن صدقياہ بادشاهہ ماڻهو موڪلي يرمياہ نبيءَ کي خداوند جي گهر ۾ جيڪو ٽيون لنگهہ آهي. تنهن ۾ پاڻ وٽ گهرايو: ۽ بادشاهہ يرمياہ کي چيو تہ آءٌ توکان هڪڙي ڳالهہ پڇندس؛ مون کان ڪي بہ ڪين لڪائج.

15 تڏهن يرمياہ صدقياہ کي چيو تہ جيڪڏهن آءٌ توکي کولي ٻڌائيندس تہ تون مون کي ضرور ماري تہ نہ وجهندين؟ ۽ جيڪڏهن آءٌ توکي صلاح ڏيندس تہ تون منهنجي نہ ٻڌندين.

16 تڏهن صدقياہ بادشاهہ يرمياہ وٽ ڳجهيءَ طرح قسم کڻي چيو، تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جنهن اسان جو هيءُ ساهہ جوڙيو آهي، تہ آءٌ توکي نہ ماريندس نڪي توکي انهن ماڻهن جي هٿ ۾ ڏيندس جي تنهنجي ساهہ جا ڳولائو آهن.

17 تڏهن يرمياہ صدقياہ کي چيو تہ خداوند، لشڪرن جو خدا، ۽ اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي اميرن ڏي نڪري ويندين تہ پوءِ تنهنجي جان بچندي، ۽ هي شهر باهہ سان ساڙيو نہ ويندو؛ ۽ تون جيئرو رهندين ۽ تنهنجو گهراڻو بہ:

18 پر جي تون بابل جي بادشاهہ جي اميرن ڏي نڪري نہ ويندين، تہ هي شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويندو ۽ اُهي هن کي باهہ سان ساڙيندا ۽ تون انهن جي هٿان ڀڄي نہ نڪرندين.

19 ۽ صدقياہ بادشاهہ يرمياہ کي چيو تہ جي يهودي وڃي ڪسدين سان گڏيا آهن تن کان آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان هو مون کي انهن جي حوالي ڪن ۽ هو مون تي کل ٺٺولي ڪن.

20 پر يرمياہ چيو تہ هو توکي انهن جي حوالي نہ ڪندا، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تون خداوند جو اهو حڪم مڃ جو آءٌ توکي ٻڌايان ٿو: جو انهي مان تنهنجو ڀلو ٿيندو، ۽ تنهنجي جان بچندي.

21 پر جي تون نڪري وڃڻ کان انڪار ڪندين تہ خداوند مون کي هيءُ ڪلام ڏيکاريو آهي تہ:

22 ڏس، جيڪي زالون يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر ۾ رهجي ويون آهن سي بابل جي بادشاهہ جي اميرن وٽ کڻي ويندا، ۽ اُهي زالون چونديون تہ تنهنجن گهاٽن دوستن توکي ٺڳيو آهي ۽ اُهي توتي غالب پيا آهن: هاڻي جڏهن تنهنجا پير گپ ۾ گپي ويا آهن تڏهن هو پٺ تي ڦري هليا ويا آهن.

23 پوءِ تنهنجون هو سڀ زالون ۽ تنهنجا ٻار ڪسدين وٽ وٺي ايندا: ۽ تون هنن جي هٿان بچي نہ نڪرندين پر بابل جي بادشاهہ جي هٿ چڙهندين، ۽ تون هن شهر کي باهہ سان ساڙائيندين.

24 تڏهن صدقياہ يرمياہ کي چيو تہ هي ڳالهيون ٻئي ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي متان ٻڌائين، تہ تون مري نہ وڃين.

25 پر جي امير ٻڌندا تہ مون توسان ڳالهايو آهي، ۽ اُهي تو وٽ ايندا ۽ توکي چوندا تہ هاڻي جيڪي تو بادشاهہ کي چيو آهي سو اسان کي کولي ٻڌاءِ؛ اسان کان اُهو نہ لڪاءِ، اسين توکي قتل نہ ڪنداسين: ۽ اهو بہ ٻڌاءِ تہ بادشاهہ توکي ڇا چيو:

26 تہ پوءِ تون انهن کي چئج تہ مون بادشاهہ جي حضور ۾ عرض پيش ڪيو تہ مون کي موٽائي يونتن جي گهر نہ موڪلي تہ اُتي وڃي مران.

27 تڏهن سڀ امير يرمياہ وٽ آيا ۽ پڇيائونس: ۽ هن انهن کي اُهي سڀيئي ڳالهيون ٻڌايون جي بادشاهہ فرمايون هئس. تنهن تي هنن کيس وڌيڪ ڪي ڪين چيو: ڇالاءِ جو ڳالهہ معلوم نہ ٿي.

28 انهيءَ طرح يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهندو آيو، جيسين ڪ يروشلم جي وٺجڻ جو ڏينهن اچي پهتو. ۽ جڏهن يروشلم ورتو ويو تڏهن هيئن ٿيو، تہ

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan