يرمياہ 36 - Sindhi Bible1 يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو تہ خداوند وٽان هيءُ ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ 2 هڪ ڪتاب جي ويڙهي کڻ ۽ اسرائيل جي بابت ۽ يهوداہ جي بابت، ۽ سڀني قومن جي بابت، جنهن ڏينهن مون تو سان ڳالهايو تنهن کان وٺي يعني يوسياہ جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ انهي ۾ لک. 3 امڪان آهي تہ يهوداہ جو گهراڻو اُها سڀ خرابي ٻڌي جا آءٌ انهن سان ڪرڻ ٿو گهران؛ تہ من هنن مان سڀ ڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي؛ تہ آءٌ هنن جو قصور ۽ هنن جو گناهہ معاف ڪريان. 4 تڏهن يرمياہ، باروڪ بن نيرياہ کي سڏيو؛ ۽ باروڪ، يرمياہ جي واتان خداوند جون اُهي سڀ ڳالهيون ڪتاب جي ويڙهيءَ تي لکيون، جي هن کيس ڪري ٻڌايون. 5 ۽ يرمياہ باروڪ کي حڪم ڪري چيو تہ آءٌ بند ۾ پيو آهيان؛ ۽ آءٌ خداوند جي گهر ۾ وڃي نٿو سگهان: 6 تنهن ڪري تون وڃي هن ويڙهيءَ مان، جا تو منهنجي واتان لکي آهي، خداوند جون ڳالهيون خداوند جي گهر ۾، روزي واري ڏينهن ماڻهن جي ٻڌندي پڙهہ: يعني سڄي يهوداہ جي قوم، جا پنهنجن شهرن مان نڪري ٿي اچي، تنهن جي ٻڌندي اها پڙهج. 7 شايد هو خداوند جي اڳيان منٿ آزي ڪن ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان باز اچي: ڇالاءِ جو جيڪو غصو ۽ جيڪا ڪاوڙ خداوند انهيءَ قوم جي برخلاف ظاهر ڪئي آهي سا وڏي آهي. 8 ۽ باروڪ بن نيرياہ، يرمياہ نبيءَ جي ڏنل حڪم موجب تعميل ڪئي، ۽ ڪتاب ۾ خداوند جون جيڪي ڳالهيون هيون سي هن خداوند جي گهر ۾ پڙهي ٻڌايون. 9 هاڻي يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي پنجين ورهيہ جي نائين مهيني ۾ هيئن ٿيو تہ يروشلم جي سڀني ماڻهن ۽ يهوداہ جي شهرن مان جيڪي ماڻهو يروشلم ۾ آيا تن سڀني خداوند جي اڳيان روزي رکڻ جو اشتهار ڪيو. 10 تڏهن باروڪ خداوند جي گهر ۾، جمرياہ بن سافن منشيءَ جي جاءِ ۾، مٿئين ايوان ۾، خداوند جي گهر جي نئين دروازي جي لنگهہ وٽ، يرمياہ جون ڳالهيون سڀني ماڻهن جي ٻڌندي ڪتاب مان پڙهيون. 11 ۽ جڏهن ميڪاياہ بن جمرياہ بن سافن، ڪتاب مان خداوند جون سڀ ڳالهيون ٻڌيون، 12 تڏهن هو هيٺ لهي بادشاهہ جي گهر ۾ منشيءَ جي ڪوٺيءَ ۾ ويو: ۽ ڏس، سڀ امير اُتي ويٺا هئا، يعني اليسمع منشي، ۽ دلاياہ بن سمعياہ، ۽ الناتن بن عڪبور، ۽ جمرياہ بن سافن، ۽ صدقياہ بن حننياہ ۽ ٻيا سڀ امير بہ ويٺا هئا. 13 تڏهن ميڪاياہ اُهي سڀ ڳالهيون هنن کي ٻڌايون، جي هن باروڪ کان ٻڌيون، جڏهن هن اُهو ڪتاب ماڻهن کي پڙهي ٿي ٻڌايو. 14 تنهن ڪري سڀني اميرن، يهودي بن نتنياہ، بن سلمياہ، بن ڪوشيءَ کي باروڪ ڏي چوائي موڪليو تہ اها جيڪا ويڙهي تو ماڻهن کي پڙهي ٻڌائي آهي سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي اچ. تڏهن باروڪ بن نيرياہ اُها ويڙهي پنهنجي هٿ ۾ کڻي هنن وٽ آيو. 15 ۽ هنن چيس تہ هاڻي ويهي رهہ ۽ اها اسان کي پڙهي ٻڌاءِ. اُن موجب باروڪ اُها هنن کي پڙهي ٻڌائي. 16 هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن اُهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تڏهن ڊپ کان هڪ ٻئي ڏي نهارڻ لڳا، ۽ باروڪ کي چوڻ لڳا تہ اسين ضرور هي سڀ ڳالهيون بادشاهہ کي ٻڌائينداسين. 17 ۽ هنن باروڪ کان پڇيو ۽ چيائونس تہ هاڻي ڪيئن تو هي سڀ ڳالهيون هن جي واتان لکيون؟ 18 تڏهن باروڪ هنن کي ورندي ڏيئي چيو، تہ هن پنهنجي وات سان اهي سڀ ڳالهيون مون کي ڪري ٻڌايون ۽ آءٌ مس سان ڪتاب ۾ لکندو ويس. 19 تڏهن اميرن باروڪ کي چيو تہ تون ۽ يرمياہ وڃي لڪو؛ تہ ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي تہ ڪٿي آهيو. 20 پوءِ هو ايوان ۾ اندر لنگهي بادشاهہ وٽ ويا؛ پر هنن اُها ڪاغذ جي ويڙهي اليسمع منشيءَ جي ڪوٺيءَ ۾ رکي ڇڏي؛ ۽ انهن اهي سڀ ڳالهيون بادشاهہ جي ڪنن تائين رسايون. 21 تڏهن بادشاهہ يهوديءَ کي موڪليو تہ وڃي اُها ويڙهي کڻي اچ: ۽ هن اُها وڃي اليسمع منشيءَ جي ڪوٺيءَ مان هٿ ڪئي. ۽ يهوديءَ اُها بادشاهہ کي، ۽ جيڪي امير بادشاهہ جي پاسي ۾ بيٺا هئا تن کي پڙهي ٻڌائي. 22 هاڻي بادشاهہ نائين مهيني ۾ سياري واري گهر ۾ ويٺو هو: ۽ سندس اڳيان اڳيٺيءَ ۾ باهہ پئي ٻري. 23 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يهودي ٽي يا چار ورق پڙهي ويو تهن بادشاهہ ڪپ سان انهن کي وڍي اڳيٺيءَ ۾ باهہ ۾ اُڇلائي وڌا، جيسين ڪ اها سڄي ويڙهي اڳيٺيءَ ۾ باهہ ۾ سڙي چٽ ٿي وئي. 24 ۽ بادشاهہ توڙي سندس نوڪر، جن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون، سي ڊنا ڪين، ۽ نہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائون. 25 تنهن هوندي بہ الناتن، ۽ دلاياہ، ۽ جمرياہ بادشاهہ کي منٿ ڪئي تہ ويڙهي نہ ساڙ؛ پر هن انهن جي نہ ٻڌي. 26 ۽ بادشاهہ، شاهزادي يرحمئيل، ۽ شراياہ بن عزري ايل، ۽ سلمياہ بن عبدي ايل کي حڪم ڏنو تہ باروڪ ڪاتب ۽ يرمياہ نبيءَ کي پڪڙيو: پر خداوند انهن کي لڪائي ڇڏيو. 27 جڏهن بادشاهہ اُها ويڙهي ۽ جيڪي ڳالهيون باروڪ يرمياہ جي واتان لکيون هيون سي ساڙي ڇڏيون تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ نبي تي نازل ٿيو، تہ 28 تون ٻي ويڙهي کڻ ۽ جيڪي اڳوڻيون ڳالهيون اُنهي پهرين ويڙهي ۾ لکيل هيون، جا يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ساڙي ڇڏي هئي، سي سڀ انهي ۾ لک. 29 ۽ يهوداهہ جي بادشاهہ يهويقيم جي نسبت ۾ تون چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو هي ويڙهي ساڙي آهي ۽ چيو اٿيئي تہ تو ڇو هن ۾ لکيو آهي تہ بابل جو بادشاهہ ضرور اچي هي ملڪ ناس ڪندو، ۽ اتان ماڻهن توڙي جانورن کي نيست نابود ڪري ڇڏيندو؟ 30 تنهن ڪري خداوند، يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ دائود جي تخت تي ويهڻ لاءِ هن وٽ ڪوبہ ڪونہ هوندو: ۽ هن جو لاش ڏينهن جو گرميءَ ۾ ۽ رات جو پاري ۾ اُڇلايو ويندو. 31 ۽ آءٌ هن کي، ۽ سندس اولاد کي، ۽ سندس نوڪرن کي، سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ هنن تي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، ۽ يهوداہ جي ماڻهن تي اُها سڀ خرابي آڻيندس جا مون سندن برخلاف ظاهر ڪري ٻڌائي، ۽ هنن نہ ٻڌي. 32 تڏهن يرمياہ ٻي ويڙهي کڻي باروڪ بن نيرياہ ڪاتب کي ڏني؛ جنهن يرمياہ جي واتان انهي ۾ اُنهي ڪتاب جون سڀ ڳالهيون لکيون، جو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم باهہ ۾ ساڙي ڇڏيو هو: ۽ انهن کان سواءِ ٻيون انهن جهڙيون گهڻيون ئي ڳالهيون انهي ۾ گڏيون ويون. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society