Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 23 - Sindhi Bible

1 خداوند ٿو فرمائي تہ افسوس انهن تي جي منهنجي چراگاهہ جي رڍن کي ماري ڇڙ وڇڙ ڪري ٿا ڇڏين:

2 تنهن ڪري خداوند اسرائيل جو خدا منهنجي قوم جي ڌنارن جي برخلاف هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان منهنجو ڌڻ ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهي کي هڪالي ڪڍيو آهي، ۽ انهي جي خبر نہ لڌي اٿوَ؛ ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان جن ڪرتوتن جي بڇڙائي سبب اوهان جي خبر لهندس.

3 ۽ جن جن ملڪن ۾ مون پنهنجي ڌڻ مان باقي بچيلن کي هڪالي ڇڏيو آهي، اُتان انهن کي اُڻي گڏ ڪندس، ۽ سندن واڙي ۾ موٽائي آڻيندس؛ ۽ هو ڦردار ٿيندا ۽ وڌندا ويجهندا.

4 ۽ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن تي ڌنار مقرر ڪندس، جي انهن کي چاريندا: ۽ هو وري اڳتي نڪي ڊڄندا نڪي خوف ڪندا، ۽ نہ ڪو ڪو انهن مان گهٽ ٿيندو.

5 خداوند ٿو فرمائي تہ ڏسو، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن آءٌ دائود جي لاءِ هڪڙو سچائي جو ڏار کڙو ڪندس، ۽ اُهو بادشاهہ ٿي راڄ ڪندو، ۽ ڏاهپ سان هلندو، ۽ ملڪ ۾ عدل ۽ انصاف ڪندو.

6 انهي جي ڏينهن ۾ يهوداہ بچي ويندو ۽ اسرائيل صحيح سلامت رهندو: ۽ جنهن نالي سان هو سڏبو سو هي آهي تہ خداوند اسان جي راستبازي آهي.

7 تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن وري ڪوبہ ڪڏهن نہ چوندو تہ انهي خداوند جو قسم جنهن بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو؛

8 پر چوندا تہ انهيءَ خداوند جو قسم، جنهن اسرائيل جي گهراڻي جي نسل کي اُتر واري ملڪ مان، ۽ جن جن ملڪن ۾ مون هنن کي هڪالي ڇڏيو هو، اُتان هنن کي ڪڍي وٺي آيو؛ پوءِ هو خود پنهنجي ملڪ ۾ رهندا.

9 نبين جي بابت منهنجي دل منهنجي اندر ۾ سست ٿي پيئي آهي ۽ منهنجا سڀ هڏا پيا ڏڪن؛ آءٌ نشئي ماڻهوءَ جهڙو آهيان ۽ اُنهيءَ ماڻهو جهڙو، جنهن تي شراب غالب ٿيو هجي؛ اهو سڀ خداوند ۽ سندس پاڪ ڪلام جي ڪري.

10 ڇالاءِ جو زمين زناڪارن سان ڀرجي ويئي آهي؛ لعنت جي ڪري ملڪ ۾ ماتم آهي؛ بيابان جا چراگاهہ سڪي ويا آهن؛ ۽ هنن جو رستو خراب آهي، ۽ هنن جو زور حقي ناهي.

11 ڇالاءِ جو نبي توڙي ڪاهن ٻئي ناپاڪ آهن؛ هائو، خداوند ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجي گهر ۾ هنن جي شرارت ڏٺي آهي.

12 جنهن ڪري هنن جو رستو سندن لاءِ اهڙو ٿيندو جهڙيون اونداهيءَ ۾ ترڪڻيون جايون، هو اڳتي هڪاليا ويندا ۽ انهي ۾ ڪري پوندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن تي خرابي آڻيندس، يعني انهن جي سزا جو سال.

13 ۽ مون سامريہ جي نبين ۾ بيوقوفي ڏٺي آهي؛ هنن بعل جي لاءِ نبوت ڪئي آهي ۽ منهنجي قوم اسرائيل کي گمراهہ ڪيو اٿن.

14 يروشلم جي نبين ۾ بہ مون هڪڙي هيبت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي؛ هو زناڪاري ٿا ڪن، ۽ ڪوڙن تي ٿا هلن، ۽ بدڪارن جي هٿن کي اهڙو مضبوط ٿا ڪن، جو ڪوبہ پنهنجي شرارت کان باز نٿو اچي: اُهي سڀ منهنجي نظر ۾ سدوم جهڙا، ۽ انهي جا رهاڪو عمورہ جهڙا ٿي پيا آهن.

15 تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند بنيمين بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هنن کي ناگدؤن کارائيندس ۽ پت جو پاڻي پياريندس: ڇالاءِ جو يروشلم جي نبين مان ئي ناپاڪي نڪري سڄي ملڪ ۾ پکڙي وئي آهي.

16 لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪي نبي اوهان وٽ نبوت ڪن ٿا تن جي ڳالهين ڏي ڪن نہ ڏيو؛ اُهي اوهان کي باطل ڳالهيون سيکارين ٿا؛ هو پنهنجي دل جا خيال خواب ٻڌائين ٿا، نہ جيڪي خداوند جي وات مان آهي.

17 جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا تن کي هو هميشہ پيا چون تہ خداوند فرمايو آهي تہ اوهان وٽ خير سلامتي هوندي؛ ۽ جيڪي پنهنجي دل جي نٺرائي پٺيان ٿا هلن تن مان هر هڪ کي هو چون ٿا تہ اوهان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.

18 ڇالاءِ جو ڪير خداوند جي صلاح مصلحت ۾ قائم رهيو آهي تہ ان جو ڪلام معلوم ڪري ٻڌي؟ ۽ ڪنهن منهنجي ڪلام ڏي ڌيان ڏنو ۽ اُهو ٻڌو آهي؟

19 ڏس، خداوند جو طوفان، يعني سندس غضب ٻاهر نڪتو آهي، هائو واچوڙي جهڙو طوفان: اُهو شريرن جي مٿي تي ڪڙڪي پوندو.

20 خداوند جي ڪاوڙ تيسين نہ موٽندي جيسين انهي جي پورائي نہ ڪندو، ۽ جيسين هو پنهنجي دل جو ارادو پورو نہ ڪندو: پوئين ڏينهن ۾ اوهين اُهو پوريءَ طرح سمجهندا.

21 مون اُنهن نبين کي نہ موڪليو، تہ بہ هو پئي ڊوڙيا: مون انهن سان ڪلام ڪين ڪيو، تہ بہ انهن نبوت پئي ڪئي.

22 پر جي هو منهنجي صلاح مصلحت ۾ قائم رهن ها تہ جيڪر منهنجي قوم کي منهنجو ڪلام ٻڌائين ها، ۽ انهن کي خراب رستي کان ۽ سندن ڪمن جي خرابيءَ کان موٽائين ها.

23 خداوند ٿو فرمائي، تہ ڇا آءٌ فقط ويجهو خدا آهيان ۽ نہ پري جو خدا؟

24 خداوند ٿو فرمائي، تہ ڪو پاڻ کي ڳجهين جاين ۾ اهڙو لڪائي سگهندو ڇا جو آءٌ ڏسي نہ سگهانس؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ آسمان ۽ زمين ڀري نہ بيٺو آهيان ڇا؟

25 جي نبي منهنجي نالي سان ڪوڙيون پيشنگوئيون ڪن ٿا ۽ چون ٿا تہ مون خواب لڌو آهي مون خواب لڌو آهي، تن جون سڀ ڳالهيون مون ٻڌيون آهن.

26 جيڪي نبي ڪوڙيون پيشنگوئيون ٿا ڪن تن جي دل ۾ ڪيستائين اهي رهنديون؛ يعني جي پنهنجي دل جي ٺڳيءَ جا نبي آهن.

27 اُهي سمجهن ٿا تہ هرڪو پنهنجا خواب پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٻڌائي منهنجي قوم کان منهنجو نالو وسارائين، جيئن ڪ سندن ابن ڏاڏن بعل جي خاطر منهنجو نالو وساريو.

28 خداوند ٿو فرمائي، تہ جنهن نبيءَ ڪو خواب ڏٺو هجي سو ڀلي تہ خواب ٻڌائي؛ ۽ جنهن وٽ منهنجو ڪلام هجي سو ڀلي تہ ايمانداريءَ سان منهنجو ڪلام ٻڌائي، ڪڻڪ جو بهہ سان ڪهڙو واسطو؟

29 خداوند ٿو فرمائي، تہ منهنجو ڪلام باهہ جي مثل ناهي ڇا؟ ۽ انهي مترڪي جي مثل جو ٽڪر کي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏي؟

30 تنهن ڪري خداوند فرمائي ٿو، تہ ڏس، آءٌ انهن نبين جي برخلاف آهيان جنهن مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ وٽان منهنجون ڳالهيون چورائي ٿو.

31 خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ انهن نبين جي برخلاف آهيان جي پنهنجون زبانون هلائين ٿا ۽ چون ٿا تہ اهو ڪلام آهي.

32 خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ انهن جي برخلاف آهيان جي ڪوڙا خواب نبوت ڪري ٻڌائين ٿا، ۽ انهن کي بيان ڪري پنهنجن ڪوڙن سان، ۽ پنهنجن اجاين ٻٽاڪن سان منهنجي قوم کي گمراهہ ڪن ٿا: خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هنن کي نہ موڪليو ۽ نڪو حڪم ڏنو مان؛ نڪي اُنهن مان هن قوم کي ڪو فائدو ٿيندو.

33 ۽ جيڪڏهن اها قوم، يا اُهو نبي، يا ڪو ڪاهن تو کان پڇي ۽ چوي تہ خداوند جو ڪلام ڪهڙو آهي؟ تہ تون انهن کي چئج تہ ڪهڙو ڪلام؟ خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کي اُڇلائي ڇڏيندس.

34 جيڪو نبي يا ڪاهن، يا قوم مان چوندو تہ خداوند جو ڪلام، تنهن ماڻهوءَ ۽ سندس گهراڻي کي آءٌ سزا ڏيندس.

35 اوهان مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي، ۽ هرڪو پنهنجي ڀاءُ کي ائين چوندو تہ خداوند ڪهڙو جواب ڏنو، ۽ خداوند ڇا فرمايو آهي؟

36 ۽ خداوند جي ڪلام جو ذڪر اوهين وري متان ڪريو: ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو پنهنجو ڪلام سندس بار ٿيندو، جو اوهان جيئري خدا جون، يعني اسان جي خدا، لشڪرن جي خداوند، جون ڳالهيون بگاڙي ڇڏيون آهن.

37 تون نبيءَ کي هيئن چئج تہ توکي خداوند ڪهڙو جواب ڏنو آهي؟ ۽ خداوند ڇا فرمايو آهي؟

38 پر جي اوهين چوندا تہ خداوند جو ڪلام؛ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ اوهين هيءَ ڳالهہ ٿا ڪريو، يعني خداوند جو ڪلام، ۽ مون اوهان کي چوائي موڪليو آهي تہ اوهين نہ چئجو تہ خداوند جو ڪلام؛

39 تنهن ڪري ڏسو، آءٌ اوهان کي بلڪل وساري ڇڏيندس، ۽ اوهان کي پنهنجي حضور مان اُڇلائي ڇڏيندس، ۽ انهيءَ شهر کي بہ جو مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنو هو.

40 ۽ آءٌ اوهان تي هميشہ جي خواري آڻيندس، ۽ مدامي شرم، جو وسري نہ ويندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan