يرمياہ 2 - Sindhi Bible1 ۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 2 وڃ ۽ يروشلم جي ڪنن ۾ پڪار تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي تنهنجي جوانيءَ جي اُلفت ۽ تنهنجي شاديءَ واري محبت ياد آهي؛ جو تون بيابان ۾ يعني اڻ پوکيل زمين ۾ منهنجي پٺيان پئي هلئين. 3 اسرائيل خداوند جي لاءِ پاڪ، ۽ سندس فصل جو پهريون ڦر هو: جيڪي انهي کي ڳڙڪائيندا سي ڏوهاري ٺهرائڻ ۾ ايندا؛ خداوند ٿو فرمائي تہ انهن تي مصيبت ايندي. 4 اي يعقوب جا گهراڻا، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جا سڀ قبيلا، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: 5 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جن ابن ڏاڏن مون ۾ ڪهڙي بي انصافي ڏٺي جو مون کان پري هليا ويا آهن، ۽ بيهودگيءَ جي پٺيان پئي رليا آهن، ۽ مغرور ٿي ويا آهن؟ 6 انهن نہ چيو تہ اهو خداوند ڪٿي آهي جنهن اسان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو؛ جنهن بيابان مان، رڻ پٽن ۽ کڏن جي ملڪ مان، خشڪيءَ ۽ موت جي پاڇي جي ملڪ مان، اهڙي زمين جنهن مان ڪوبہ ڪونہ ٿي لنگهيو ۽ جنهن ۾ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهيو، تنهن مان اسان کي سونهون ٿي وٺي هليو. 7 ۽ مون اوهان کي سڪار واري زمين ۾ آندو، انهي لاءِ تہ انهي جو ڦر، ۽ انهي جي چڱي پيدائش کائو؛ پر جڏهن اوهين منهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيا تڏهن اُن کي پليت ڪيوَ ۽ منهنجي ميراث کي ڪِنو ڪري ڇڏيوَ. 8 ڪاهنن ايترو بہ ڪين چيو تہ خداوند ڪٿي آهي؟ ۽ جيڪي شريعت سان واهپي رکڻ وارا آهن، تن مون کي نہ سڃاتو: حاڪمن بہ منهنجي حڪم عدولي ڪئي، ۽ نبين بہ بعل جي نالي نبوت ڪئي ۽ اجاين شين جي پٺيان هليا. 9 تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ اڃا بہ آءٌ اوهان سان، ۽ اوهان جي ٻارن جي ٻارن سان مقابلو ڪندس. 10 ڇالاءِ جو ڪتيم جي ٻيٽن ڏي پار لنگهي وڃي ڏسو، ۽ قيدار ڏي ماڻهو موڪليو ۽ ڌيان ڏيئي ويچار ڪريو؛ ۽ ڏسو تہ اهڙي ڪا ڳالهہ ڪڏهن ٿي آهي. 11 ڪنهن قوم پنهنجا معبود بدلايا آهن ڇا، جي حقيقت ۾ خدا ناهن؟ پر منهنجي قوم انهيءَ شيءِ تي پنهنجو جلال بدلايو آهي، جنهن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي. 12 اي آسمان، خدا ٿو فرمائي تہ انهيءَ ڳالهہ ڪري اوهين عجب ۾ پئو ۽ نهايت ڊپ وارا ٿيو، ۽ تمام پريشان ٿيو. 13 ڇالاءِ جو منهنجي قوم ٻہ خرابيون ڪيون آهن؛ مون جيئري پاڻيءَ جي چشمي کي هنن ڇڏي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي لاءِ حوض، بلڪ ڀڳل حوض ٽڪي ٺاهيا اٿن جي پاڻي جهلي نٿا سگهن. 14 اسرائيل ڪو ٻانهو آهي ڇا؟ هو ڪو گهر ڄاول غلام آهي ڇا؟ ڇالاءِ هو لٽجي ڦرجي ٿو؟ 15 جوان شينهن اُنهي تي گوڙ ڪيو آهي، ۽ اُهي گجيا آهن: ۽ انهن هن جي زمين سڃي ڪري ڇڏي آهي؛ هن جا شهر سڙي ويا آهن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونهي. 16 بني نوف، ۽ بني تحفنيس تنهنجي مٿي جي چوٽي ڀڃي ڇڏي آهي. 17 تو اهو پنهنجي مٿان پاڻ نہ آندو آهي ڇا، جو جڏهن تنهنجي خداوند خدا رستي ۾ تنهنجي سونهپ ڪئي، تڏهن تو هن کي ڇڏي ڏنو آهي؟ 18 ۽ هاڻي سيحور جي پاڻي پيئڻ لاءِ مصر ڏي وڃڻ واري رستي تي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟ يا فرات نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ اسور جي وڃڻ واري رستي تي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟ 19 خداوند، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ خود تنهنجي شرارت توکي سيکت ڏيندي، ۽ تنهنجون ڪوتاهيون توکي ملامت ڪنديون: تنهن ڪري ڄاڻ ۽ ڏس، تہ تو جو خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ توکي منهنجو ڊپ ڪونهي، سو اها هڪڙي خراب ۽ ڪَرڙي ڳالهہ آهي. 20 ڇالاءِ جو قديم وقت کان مون تنهنجي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي، ۽ تنهنجا بند خلاص ڪري ڇڏيا اٿم؛ ۽ تو چيو تہ آءٌ خدمت نہ ڪنديس؛ ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن مٿانهينءَ ٽڪريءَ تي ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ تو ڪنڃريءَ وانگي پاڻ کي جهڪايو آهي. 21 انهيءَ هوندي بہ مون توکي عمدي ڊاک بلڪ چڱو ٻج ڪري پوکيو. تڏهن ڪيئن تون منهنجي لاءِ ڌاري قسم جي ڊاک جو خسيس ٿڏو ٿي پئين؟ 22 هاڻي جي تون کڻي پاڻ کي ڪيترو بہ کار سان ڌوئين، ۽ گهڻو صابڻ ڪم آڻين، تہ بہ تنهنجي بدڪاري منهنجي اڳيان ظاهر آهي؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي. 23 تون ڪيئن چئي ٿي سگهين تہ آءٌ ناپاڪ نہ ٿي آهيان، آءٌ بعليم جي پٺيان نہ ويئي آهيان؟ واديءَ ۾ پنهنجو رستو ڏس، جيڪي ڪيو اٿيئي سو معلوم ڪر: تون هڪڙي تکي ڏاچي آهين جا هيڏي هوڏي پئي ڊوڙين؛ 24 ۽ جهڙي بيابان جي هريل مادي گورخر جا پنهنجي مرضيءَ پٺيان هوا سنگهندي وتي؛ انهيءَ حالت ۾ ڪير هن کي ٻئي پاسي ڦيرائي ٿو سگهي؟ ان جا ڳوليندڙ ٿڪجي نہ پوندا؛ ان جي مهيني ۾ هو انهي کي لهندا. 25 تون بنا نعلن رهڻ کان پنهنجو پير جهل، ۽ پنهنجي نڙيءَ کي اُڃ کان بچاءِ: پر تو چيو تہ اُميد ڪانهي: اصلي نہ؛ ڇالاءِ جو منهنجي ڌارين سان محبت لڳل آهي، ۽ آءٌ انهن جي پٺيان ويندس. 26 جيئن ڪو چور لڀي پوڻ وقت شرمندو ٿيندو آهي، تيئن اسرائيل جو گهراڻو بہ شرمندو آهي؛ هو پاڻ، ۽ سندن بادشاهہ، ۽ سندن امير، ۽ سندن ڪاهن، ۽ سندن نبي؛ 27 جي ڪاٺ کي چون ٿا تہ تون منهنجو پيءُ آهين؛ ۽ پٿر کي چون ٿا تہ تو اسان کي ڄڻيو آهي: ڇالاءِ جو هنن ڦري مون ڏي پٺ ڪئي آهي، نہ منهن: پر پنهنجي مصيبت جي وقت هو چوندا تہ اُٿي اسان کي بچاءِ. 28 پر جيڪي معبود تو پنهنجي لاءِ جوڙيا سي ڪٿي آهن؟ جي اُهي توکي تنهنجي مصيبت جي وقت بچائي سگهن تہ ڀلي اُٿن: ڇالاءِ جو اي يهوداہ، جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا تنهنجا معبود آهن. 29 ڇالاءِ اوهين مون سان حجت دليل ڪرڻ ٿا گهرو؟ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان سڀني منهنجي حڪم عدولي ڪئي آهي. 30 بي فائدي مون اوهان جي اولاد کي ماريو ڪُٽيو، پر انهن کي ڪابہ سيکت نہ آئي: خود اوهان جي ترار ناس ڪندڙ شينهن وانگي، اوهان جن نبين کي ڳهي وئي آهي. 31 اي هن پيڙهيءَ جا ماڻهو، اوهين خداوند جو ڪلام ڏسو. آءٌ اسرائيل جي لاءِ ڪو بيابان ٿيو آهيان ڇا؟ يا گهاٽي اونداهيءَ واري زمين آهيان ڇا؟ منهنجي قوم ڇو ٿي چوي تہ اسين ڇوڙي ڇڏيا ويا آهيون، اسين اڳتي وري تو وٽ نہ اينداسين؟ 32 ڪا ڪنواري پنهنجا ڳهہ ڳٺا، يا ڪا ڪنوار پنهنجي پوشاڪ وساري ڇڏيندي ڇا؟ تڏهن بہ منهنجي قوم بيشمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي. 33 تون ڪيئن نہ پنهنجو رستو ٿي ٺاهين تہ يار ڳولين! تنهن ڪري ڪميڻين زالن کي بہ تو پنهنجا رستا سيکاريا آهن. 34 بيگناهہ غريبن جي جانين جو رت بہ تنهنجي گود ۾ لڌو آهي: مون اُهو ڪنهن کاٽ هڻڻ جي جاءِ تي نہ ڏٺو آهي، پر انهن سڀني جي مٿان ظاهر آهي. 35 انهيءَ هوندي بہ تو چيو تہ آءٌ بيگناهہ آهيان؛ يقيناً هن جي ڪاوڙ مون تان لهي وئي آهي. ڏس، آءٌ توتي فتويٰ ڏيندس، ڇالاءِ جو تون چوين ٿي تہ مون گناهہ ڪونہ ڪيو آهي. 36 تون پنهنجي رستي بدلائڻ لاءِ ڇو ٿي رلين؟ جيئن تون اسور جي ڪري شرمندي ٿي هئينءَ تيئن مصر جي ڪري بہ شرمندي ٿيندينءَ. 37 انهيءَ مان بہ تون پنهنجا هٿ مٿي تي رکي نڪري ويندينءَ: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو ڀروسو رد ڪيو آهي، ۽ انهي جي ڪري تون ڪامياب نہ ٿيندينءَ. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society