يرمياہ 13 - Sindhi Bible1 خداوند مون کي هيئن فرمايو، تہ وڃي پنهنجي لاءِ سڻيءَ جو هڪڙو ڪمربند خريد ڪر، ۽ چيلهہ سان ٻڌ، ۽ اُهو پاڻيءَ ۾ نہ وجهہ، 2 تڏهن مون خداوند جي حڪم موجب هڪڙو ڪمربند خريد ڪري چيلهہ سان ٻڌو. 3 ۽ خداوند جو ڪلام ٻيو ڀيرو مون وٽ آيو، تہ 4 جيڪو ڪمربند تو خريد ڪيو آهي ۽ جو تنهنجي چيلهہ تي آهي، سو کڻي فرات نديءَ ڏي وڃ ۽ اُتي اهو ٽڪريءَ جي هڪڙي کڏ ۾ لڪائي ڇڏ. 5 ان موجب مون وڃي اُهو فرات جي ڪناري تي لڪايو، جيئن ڪ خداوند مون کي حڪم ڏنو هو. 6 ۽ گهڻن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ خداوند مون کي فرمايو، تہ اُٿي فرات ڏي وڃ، ۽ جيڪو ڪمربند مون توکي اُتي لڪائڻ لاءِ چيو هو سو وڃي اُتان ڪڍ. 7 تڏهن آءٌ فرات ڏي ويس ۽ جتي اهو ڪمربند لڪايو هوم اُتان کوٽي ڪڍيم: ۽ ڏسان تہ ڪمربند اهڙو خراب ٿي پيو هو جو ڪنهن بہ ڪم جو ڪين هو. 8 تڏهن خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ 9 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ انهيءَ وانگي آءٌ يهوداہ جي وڏائي ۽ يروشلم جي وڏي مغروري خراب ڪندس. 10 اها خراب قوم، جا منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ٿي ڪري، ۽ جا پنهنجي دل جي نٺرائي سان هلي ٿي، ۽ ٻين معبودن جي بندگي ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ٿي وڃي، ۽ اُنهن کي سجدو ٿي ڪري، سا بہ انهي ڪمربند جهڙي ٿيندي، جو ڪنهن بہ ڪم جو ناهي. 11 ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيئن ڪمربند ماڻهوءَ جي چيلهہ کي ٻڌل ٿو رهي، تيئن مون اسرائيل جي سڄي گهراڻي کي، ۽ يهوداہ جي سڄي گهراڻي کي پاڻ سان ٻڌو آهي؛ تہ اُهي منهنجي لاءِ هڪڙي قوم ٿين، ۽ انهي ڪري منهنجو نالو ۽ منهنجي تعريف، ۽ منهنجو جلال ظاهر ٿئي: پر هنن ٻڌڻ نہ گهريو. 12 تنهن ڪري تون هنن کي هيءُ ڪلام چئُہ، تہ خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ سڀڪا سانداري شراب سان ڀربي، ۽ هو توکي چوندا تہ اسان کي خبر ناهي ڇا تہ سڀ ڪا سانداري شراب سان ڀربي؟ 13 تڏهن تون انهن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ هن ملڪ جي سڀني رهاڪن کي، يعني جيڪي بادشاهہ دائود جي تخت تي ويهن ٿا تن کي، ۽ ڪاهنن کي، ۽ نبين کي، ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي، نشي سان ڀري ڇڏيندس. 14 ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هنن مان هڪڙن کي ٻين تي اُڇلي هڻندس، يعني پيئن ۽ پٽن کي گڏ: آءٌ ڪو بہ قياس ڪونہ ڪندس، نڪي ڇڏي ڏيندس نڪي رحم ڪندس، تہ ناس نہ ڪريان. 15 اوهين ٻڌو ۽ ڪن ڏيو؛ مغرور نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمايو آهي. 16 خداوند پنهنجي خدا کي جلال ڏيو انهيءَ کان اڳي تہ هو اونداهي ڪري ۽ اوهان جا پير اوندهہ وارن جبلن تي آٿڙن؛ ۽ جڏهن اوهين روشنائيءَ لاءِ منتظر رهو تڏهن هو انهي کي ڦيرائي موت جو پاڇو ڪري، ۽ ڀڀ اونداهي ڪري وجهي. 17 پر جي اوهين نہ ٻڌندا تہ منهنجو روح ڳجهيءَ طرح اوهان جي مغروريءَ جي ڪري رئندو؛ ۽ منهنجون اکيون زار زار رئنديون ۽ ڳوڙها وهائينديون، ڇالاءِ جو خداوند جو ڌڻ قيد ٿي ويو آهي. 18 تون بادشاهہ کي ۽ ملڪہ والدہ کي چئُہ، تہ اوهين پاڻ کي نماڻو ڪريو ۽ هيٺ لهي ويهو. ڇالاءِ جو اوهان جي مٿي جا ڇٽ، يعني اوهان جي وڏائيءَ جو تاج، هيٺ لهي آيو آهي. 19 ڏکڻ وارا شهر بند ٿي ويا آهن، ۽ ڪوبہ انهن کي کولڻ وارو ڪونهي: يهوداہ سموري ساري قيد ٿي وئي آهي؛ اُهي سڀ گرفتار ٿي کڄي ويا آهن. 20 پنهنجون اکيون مٿي کڻو، ۽ جيڪي اُتر کان اچن ٿا تن کي ڏسو: جيڪو ڌڻ، يعني سهڻو ڌڻ توکي ڏنو ويو هو سو ڪٿي آهي؟ 21 جڏهن هو تنهنجن دوستن کي حڪمران ڪندو تڏهن تون ڇا چوندين، جنهن صورت ۾ تو پاڻ هنن کي پنهنجي برخلاف سيکاريو آهي؟ ڇا تون انهيءَ زال وانگر جنهن کي سور لڳا هجن، سور ۾ نہ پوندين؟ 22 ۽ جي تون پنهنجي دل ۾ چوندين تہ هي مصيبتون منهنجي سر تي ڇو آيون آهن؟ تنهنجي گناهہ جي وڏائيءَ ڪري تنهنجي دامن کولي وئي آهي، ۽ تنهنجن کڙين کي عذاب ڏنو ويو آهي. 23 حبشي ڪو پنهنجي کل بدلائي سگهي ٿو ڇا يا ڪو چيتو پنهنجا چُٽا بدلائي سگهي ٿو ڇا؟ تڏهن اوهين بہ، جي بڇڙائي ڪرڻ تي هريل آهيو، سي چڱائي ڪري سگهندا. 24 تنهن ڪري آءٌ انهي کي ائين پکيڙي ڇڏيندس جيئن بيابان جي واءُ ۾ بهہ اُڏامي ويندو آهي. 25 خداوند ٿو فرمائي تہ اهو آهي تنهنجو حصو، تنهنجو ورثو، جو مون ماپي توکي ڏنو آهي؛ ڇالاءِ جو تو مون کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ ڪوڙ تي ڀروسو رکيو اٿيئي. 26 تنهن ڪري آءٌ بہ تنهنجي دامن تنهنجي ئي منهن تي کوليندس، ۽ تنهنجي اوگهڙ ظاهر ڪندس. 27 مون تنهنجا ڪراهت جهڙا ڪم، يعني تنهنجون زناڪاريون، ۽ هڻڪارون، ۽ حرامڪاريءَ جي شهوت بازي، ميدان ۽ ٽڪرن جي مٿان ڏٺي آهي. اي يروشلم، ويل هجي توسان؛ تون پاڪ ڪين ٿيندينءَ؛ ڪيستائين اڃا بہ اهو حال رهندو؟ |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society