يرمياہ 12 - Sindhi Bible1 اي خداوند تون سچو آهين جڏهن آءٌ توسان حجت ڪريان ٿو: تڏهن بہ آءٌ هن ڳالهہ بابت توسان حجت دليل ڪرڻ ٿو گهران: ڇالاءِ بڇڙن جو رستو سک وارو ٿو ٿئي؟ ڇالاءِ گهڻي دغابازي ڪندڙ سڀ آرام ۾ ٿا گذارين؟ 2 تون انهن کي پوکيو آهي، هائو هو پاڙ هڻي ويا آهن؛ هو وڌن ٿا، هائو هو ڦر ٿا ڪڍن: تون هنن جي وات کي ويجهو آهين، پر هنن جون دليون پري آهن. 3 پر اي خداوند، منهنجي توکي خبر آهي؛ تون مونکي ڏسين ٿو ۽ منهنجي دل جا تو سان آهي، تنهن جي آزمائش وٺين ٿو: هنن کي ڪوس جي رڍن وانگي ڇڪي ٻاهر ڪڍ، ۽ ذبح جي ڏينهن لاءِ هنن کي تيار ڪري رک. 4 ڪيستائين هيءَ زمين ماتم ڪندي، ۽ سڄي ملڪ جي ساوڪ ڪومائجي ويندي؟ اُتي جي رهڻ وارن جي بڇڙائيءَ ڪري جانور ۽ پکي ناس ٿي ويا آهن؛ ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هو اسان جي پڇاڙي نہ ڏسندو. 5 جيڪڏهن تون پيادن سان ڊوڙيو آهين ۽ انهن توکي ٿڪائي ڇڏيو آهي، تہ پوءِ تون ڪيئن گهوڙن سان ڊوڙي سگهندين؟ ۽ جيتوڻيڪ سلامتيءَ جي زمين ۾ تون صحيح سلامت آهين، تہ بہ يردن جي جهنگل ۾ تون ڪيئن ڪندين؟ 6 ڇالاءِ جو خود تنهنجي ڀائرن ۽ تنهنجي ابي جي گهراڻي بہ تو سان دغابازي ڪئي آهي؛ انهن بہ تنهنجي پٺيان وڏيون رڙيون ڪيون آهن: جيتوڻيڪ اُهي توسان مٺو ٿا ڳالهائين تہ بہ تون انهن تي ويساهہ نہ رک. 7 مون پنهنجو گهر ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجو ورثو اُڇلائي ڇڏيو اٿم؛ مون پنهنجي دل جي پياري محبوبہ کي سندس دشمنن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو آهي. 8 منهنجي ميراث منهنجي لاءِ اهڙي ٿي آهي جهڙو ٻيلي ۾ شينهن: هن مون تي وڏي آواز سان گوڙ ڪيو آهي؛ تنهن ڪري مون هن کي ڌڪاريو آهي. 9 منهنجي ميراث منهنجي لاءِ اهڙي آهي ڇا جهڙو ڪو چٽڪمرو شڪاري پکي؟ شڪاري پکي چوڌاري هن تي ڪاهي آيا آهن ڇا؟ اوهين وڃو، جهنگ جا سڀ جانور گڏ ڪري وٺي اچو تہ ڳڙڪائي وڃن. 10 گهڻن ڌنارن منهنجي ڊاک جو منهہ ناس ڪري ڇڏيو آهي، منهنجو حصو هنن پيرن هيٺ لتاڙي ڇڏيو آهي، منهنجي خوبصورت حصي کي هنن سڃو پٽ ڪري ڇڏيو آهي: 11 هنن اُنهي کي ويران ڪري ڇڏيو آهي؛ اُهو ويران ٿي مون وٽ دانهون ٿو ڪري؛ سڄو ملڪ ويران ڪيو ويو آهي؛ ڇالاءِ جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي دل ۾ انهي جي ڳڻتي ڪانهي. 12 بيابان ۾ سڀني اُگهاڙين ٽڪرين تي ڦرلٽ ڪرڻ وارا اچي نڪتا آهن: ڇالاءِ جو خداوند جي ترار هڪڙي ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏي ٿي: ڪنهن بہ ماڻهوءَ لاءِ سلامتي ڪانهي. 13 هنن ڪڻڪ پوکي آهي پر ڪنڊا لڻيا اٿن: هنن سور سٺا آهن پر حاصل ڪجهہ بہ نہ ڪيو اٿن: ۽ اوهين خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ جي سبب پنهنجي حاصلات کان شرمندا ٿيندا. 14 خداوند منهنجن انهن سڀني خراب پاڙيسرين جي برخلاف هيئن ٿو فرمائي، جي اُنهي ميراث کي ٿا هٿ لائين جا مون پنهنجي قوم کي ورثي ۾ ڏياري آهي، تہ ڏسو، آءٌ هنن کي سندن زمين مان پٽي ڪڍندس؛ ۽ انهن منجهان يهوداہ جو گهراڻو ڪڍي وٺندس. 15 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن آءٌ هنن کي پٽي ڪڍي وٺندس تڏهن موٽي اچي هنن تي رحم ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن مان هر ڪنهن کي پنهنجي ورثي ڏي موٽائي آڻيندس. 16 ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو ڪوشش ڪري منهنجي قوم جا رستا سکندا، ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ خداوند جيئري جو قسم آهي، جيئن ڪ هنن منهنجي قوم کي بعل جو قسم کڻڻ سيکاريو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم جي وچ ۾ اڏجي ويندا. 17 پر جي هو نہ ٻڌندا تہ آءٌ انهيءَ قوم کي پٽي ڪڍندس؛ خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ پٽي ناس ڪندوسانس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society