Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يرمياہ 1 - Sindhi Bible

1 يرمياہ بن خلقياہ جون ڳالهيون، جو عنتوتيءَ جي ڪاهنن منجهان ۽ بنيمين جي ملڪ ۾ هو،

2 جنهن تي يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن امون جي ڏينهن ۾، سندس حڪومت جي تيرهين سال، خداوند جو ڪلام نازل ٿيو.

3 يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي ڏينهن ۾ ۽ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ بن يوسياہ جي يارهين ورهيہ جي پڇاڙيءَ تائين بہ ڪلام نازل ٿيندو رهيو؛ يعني انهي سال جي پنجين مهيني تائين جنهن ۾ يروشلم قيد ٿي کڄي ويو.

4 هاڻي خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ

5 پيٽ ۾ مون توکي جوڙيو تنهن کان اڳي مون توکي ڄاتو، ۽ پيٽ مان تون نڪتين تنهن کان اڳي مون توکي مخصوص ڪيو؛ مون توکي قومن جي لاءِ نبي مقرر ڪيو آهي.

6 تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا! ڏس آءٌ ڳالهائي نٿو سگهان: ڇالاءِ جو آءٌ ٻار آهيان.

7 پر خداوند مون کي چيو تہ ائين نہ چئُہ تہ آءٌ ٻار آهيان: ڇالاءِ جو جنهن ڏانهن آءٌ توکي موڪليندس تنهن ڏي تون ويندين، ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيندس سو تون ٻڌائيندين.

8 هنن جي ڪري ڊڄ نہ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.

9 تڏهن خداوند پنهنجو هٿ ڊگهيري منهنجي وات کي ڇهيو؛ ۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ ڏس، مون پنهنجون ڳالهيون تنهنجي وات ۾ وڌيون آهن:

10 ڏس، اڄوڪي ڏينهن مون توکي قومن تي ۽ حڪومتن تي مقرر ڪيو آهي، انهي لاءِ تہ تون پٽين ۽ ڀڃي ڊاهي وجهين، ۽ ناس ڪرين، ۽ اونڌو ڪري ڪيرائين؛ اڏائين ۽ پوکين.

11 تنهن کان سواءِ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ اي يرمياہ، تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ بادام جي هڪڙي وڻ جي ٽاري ٿو ڏسان.

12 تڏهن خداوند مون کي چيو تہ تو چڱو ڏٺو آهي: ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ڪلام کي پوري ڪرڻ لاءِ اُن جي سنڀال ٿو ڪريان.

13 ۽ خداوند جو ڪلام ٻيو ڀيرو مون تي نازل ٿيو، ۽ هن فرمايو تہ تون ڇا ٿو ڏسين؟ ۽ مون چيو تہ آءٌ هڪڙي ٽهڪندڙ ديڳ ٿو ڏسان؛ ۽ انهي جو منهن اُتر کان آهي.

14 تڏهن خداوند مون کي چيو تہ اُتر منجهان ملڪ جي سڀني رهاڪن تي خرابي ڪاهي پوندي.

15 ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ اُتر جي حڪومتن مان سڀني قبيلن کي سڏيندس؛ ۽ اُهي ايندا ۽ انهن مان هرڪو پنهنجو تخت يروشلم جي دروازن جي لنگهہ تي، ۽ آسپاس ان جي ڀتين جي سامهون ۽ يهوداہ جي سڀني شهرن جي سامهون قائم ڪندو.

16 ۽ آءٌ هنن تي سندن ڪل شرارت جي نسبت ۽ پنهنجي فتويٰ جاري ڪندس؛ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن لاءِ لوبان ساڙيو اٿن، ۽ پنهنجي هٿن جي جوڙيلن شين کي سجدو ڪيو اٿن.

17 تنهن ڪري تون پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ اُٿ ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان اهو انهن کي ٻڌاءِ: انهن کي ڏسي ڊڄ نہ، متان انهن جي اڳيان آءٌ توکي حيران پريشان ڪري ڇڏيان.

18 ڇالاءِ جو ڏس، مون توکي اڄوڪي ڏينهن هن سڄي ملڪ جي سامهون يهوداہ جي بادشاهن، اميرن، ڪاهنن، ۽ ملڪ جي ماڻهن جي سامهون هڪڙو ڪوٽ جهڙو شهر، ۽ لوهہ جو ٿنڀ، ۽ پتل جون ڀتيون ڪيو آهي.

19 ۽ اُهي تو سان وڙهندا؛ پر اُهي توتي غالب نہ پوندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan