Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

قاضين 7 - Sindhi Bible

1 تڏهن يروبعل، جو جدعون آهي، ۽ ٻيا ماڻهو جي ساڻس هئا، سي سڀ صبح جو سوير اُٿيا ۽ حرود جي چشمي جي پاسي ۾ تنبو هنيائون: ۽ مديانين جي منزلگاهہ هنن جي اُتر ڏانهن واديءَ ۾، مورہ جي ٽڪر جي ڀرسان هئي.

2 ۽ خداوند جدعون کي چيو تہ جيڪي ماڻهو تو ساڻ آهن، سي ايترا گهڻا آهن، جو آءٌ مديانين کي انهن جي هٿ ۾ ڏيڻ نٿو گهران، تہ متان اسرائيلي منهنجي اڳيان ٻٽاڪ هڻي چون تہ اسان جي پنهنجي هٿ اسان کي بچايو.

3 تنهنڪري هاڻي وڃي قوم کي چٽيءَ طرح چئُہ تہ جيڪو ڊڄي ٿو، سو موٽي وڃي، ۽ جلعاد جبل کان هليو وڃي ۽ انهن ماڻهن مان ٻاويهہ هزار موٽي ويا، ۽ باقي ڏهہ هزار وڃي بچيا.

4 ۽ خداوند جدعون کي چيو تہ اڃا بہ ماڻهو گهڻا آهن؛ انهن کي هن پاڻيءَ تي وٺي اچ تہ آءٌ تنهنجي لاءِ اُتي انهن جي آزمائش وٺان: ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن جي لاءِ آءٌ توکي چوان تہ هي توسان هلندو، سو هلندو، ۽ جنهن جي نالي آءٌ توکي چوان تہ هي توسان نہ هلندو، سو نہ هلندو.

5 ان موجب هن ماڻهو پاڻيءَ تي آندا: ۽ خداوند جدعون کي چيو تہ جيڪو پنهنجي زبان سان پاڻي لڪيندو، جيئن ڪتو لڪيندو آهي، تنهن کي تون جدا ڪر؛ ۽ انهيءَ کي بہ جو گوڏن ڀر جهڪي پاڻي پيئي.

6 ۽ جن پاڻيءَ جي لپ ڀري پنهنجي وات وٽ آڻي انهي مان پيتو، تن جو شمار ٽي سؤ ماڻهو هو، پر باقي ماڻهن گوڏن ڀر جهڪي پاڻي پيتو.

7 ۽ خداوند جدعون کي چيو تہ جن ٽن سوَن ماڻهن پاڻي لڪيو آهي، تنهن جي هٿان آءٌ اوهان کي بچائيندس، ۽ مديانين کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس: باقي ٻيا سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر هليا وڃن.

8 تڏهن انهن ماڻهن پنهنجو کاڌو، ۽ پنهنجون قرنائون پنهنجن هٿن ۾ کنيون: ۽ باقي اسرائيل کي هن سندس تنبن ڏانهن ڏياري موڪليو، پر اُهي ٽي سؤ ماڻهو پاڻ وٽ رکيائين: مديانين جي منزلگاهہ سندس هيٺان واديءَ ۾ هئي.

9 ۽ انهيءَ رات هيئن ٿيو تہ خداوند هن کي چيو تہ اُٿ، هيٺ منزلگاهہ ۾ لهي وڃ، ڇالاءِ جو اُها مون تنهنجي هٿن ۾ ڏني آهي.

10 پر جي تون هيٺ لهڻ کان ڊڄين تہ پنهنجي ٻانهي فوراہ کي وٺي انهيءَ منزلگاهہ ۾ لهي وڃ:

11 ۽ جيڪي هو چوندا سو تون ٻڌندين؛ ۽ تنهن کان پوءِ تنهنجا هٿ منزلگاهہ ۾ لهي وڃڻ لاءِ مضبوط ٿيندا. تڏهن هو پنهنجي ٻانهي فوراہ سان گڏجي منزلگاهہ ۾ لشڪر جي ٻاهرين پاسي ويو.

12 ۽ مدياني ۽ عماليقي، ۽ سڀ اُڀرندي وارا ماڻهو واديءَ ۾ مڪڙن وانگر ميڙ ڪيو لٿا پيا هئا؛ ۽ هنن جا اُٺ اهڙا بيشمار هئا جهڙي واري، جا سمنڊ جي ڪناري تي هوندي آهي.

13 ۽ جڏهن جدعون آيو، تڏهن ڏٺائين تہ هڪڙو ماڻهو پنهنجي سنگتيءَ کي خواب ٻڌائي رهيو هو تہ ڏس، مون هڪڙو خواب لڌو آهي، تہ جوَن جي هڪڙي ماني اوچتو اچي مديانين جي منزلگاهہ ۾ ڪري، ۽ تنبوءَ ۾ اچي انهيءَ کي لڳي، ۽ اُهو ڪري پيو، ۽ اهڙو اونڌو ڪري پيو، جو وڇائجي ويو.

14 ۽ هن جي سنگتيءَ ورندي ڏئي چيو تہ اها هڪڙي اسرائيلي جدعون بن يوآس جي ترار آهي، ٻي ڪا شيءِ ناهي، انهن جي هٿن ۾ خدا مديانين ۽ سڄي لشڪر کي ڏئي ڇڏيو آهي.

15 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن جدعون اُهو خواب، ۽ انهي جو تعبير ٻڌو، تڏهن هن سجدو ڪيو؛ ۽ موٽي اسرائيل جي منزلگاهہ ۾ آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ اُٿو: ڇالاءِ جو خداوند مديانين جو لشڪر اوهان جي هٿ ۾ ڏنو آهي.

16 ۽ هن اُهي ٽي سؤ ماڻهو ٽن ٽولين ۾ ورهايا، ۽ انهن سڀني جي هٿن ۾ قرنائون، ۽ خالي دلا ڏنائين، ۽ انهن دلن ۾ مشعلون هيون.

17 ۽ انهن کي چيائين تہ مون ڏانهن نهارجو، ۽ جيئن آءٌ ڪريان تيئن ڪجو: ۽ ڏسو: جڏهن آءٌ منزلگاهہ جي ٻاهرين پاسي وٽ اچان، تڏهن هيئن ٿئي تہ جيئن آءٌ ڪريان تيئن اوهين بہ ڪجو.

18 جڏهن آءٌ قرنائي وڄايان، ۽ ٻيا جيڪي مون سان آهن، سي بہ سڀ قرنائون وڄائين، تڏهن اوهين بہ منزلگاهہ جي سڀ ڪنهن پاسي کان قرنائون وڄائجو، ۽ چئجو تہ خداوند جي لاءِ، ۽ جدعون جي لاءِ.

19 انهيءَ طرح جدعون ۽ اُهي ٽي سؤ ماڻهو جي ساڻس هئا سي وچين پهر جي شروع ۾، جڏهن اڃا پهري وارا تازا بيٺا هئا، تڏهن منزلگاهہ جي ٻاهرين ڀاڱي ۾ آيا: ۽ قرنائون وڄايائون، ۽ جيڪي دلا هٿن ۾ هئن سي ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيائون.

20 ۽ ٽنهي ٽولين قرنائون وڄايون، ۽ دلا ڀڳائون، ۽ مشعلون کاٻي هٿ ۾ جهليائون، ۽ قرنائون ساڄي هٿ ۾، ۽ انهن کي وڄايائون، ۽ وڏي سڏ چوڻ لڳا تہ خداوند جي، ۽ جدعون جي ترار.

21 ۽ هرڪو ماڻهو منزلگاهہ جي چوڌاري پنهنجي پنهنجي جاءِ تي بيهي رهيو: ۽ سڄو لشڪر ڊوڙڻ لڳو؛ ۽ هنن واڪا ڪري هنن کي ڀڄائي ڪڍيو.

22 ۽ هنن ٽي سؤ قرنائون وڄايون، ۽ خداوند هرهڪ ماڻهوءَ جي ترار سندس سنگتيءَ تي، ۽ سڄي لشڪر تي وهارائي: ۽ لشڪر ڀڄي صريرات جي پاسي بيت سط تائين، ۽ ابيل محولہ جي سرحد تي طبات تائين ڀڳو.

23 تڏهن اسرائيلي نفتاليءَ مان، ۽ آشر مان، ۽ منسيءَ مان گڏ ٿي مديانين جي پٺيان پيا.

24 ۽ جدعون افرائيم جي سڄي ڪوهستان ۾ قاصد موڪلي چوايو، تہ مديانين سان وڙهڻ لاءِ هلي اچو، ۽ هنن جو اڳ جهلي بيت برہ تائين، پاڻيءَ جون جايون هٿ ڪريو. انهي موجب سڀ افرائيم جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ بيت برہ ۽ يردن تائين پاڻيءَ تي قبضو ڪيائون.

25 ۽ هنن مديانين جا ٻہ شهزادا، عوريب، ۽ زئيب گرفتار ڪيا؛ ۽ هنن عوريب کي، عوريب جي ٽڪر تي، ۽ زئيب کي، زئيب جي شراب جي چيچڙي وٽ، قتل ڪري ڇڏيو، ۽ مديانين جي پٺيان پيا: ۽ هنن عوريب ۽ زئيب جون سسيون، يردن جي هن ڀر جدعون وٽ آنديون.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan