Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

قاضين 6 - Sindhi Bible

1 پوءِ بني اسرائيل اُهي ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا: ۽ خداوند انهن کي ست ورهيہ مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.

2 ۽ مديانين جو هٿ اسرائيل تي غالب پيو: مديانين جي ڪري، بني اسرائيل پنهنجي لاءِ جبلن ۾ چرون، ۽ غار، ۽ مضبوط پناهہ جون جايون جوڙيون.

3 ۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن اسرائيلي ڪجهہ پوکيندا هئا تہ مدياني، ۽ عماليقي، ۽ اُڀرندي وارا ماڻهو چڙهي ايندا هئا؛ ۽ اچي ساڻن وڙهندا هئا؛

4 ۽ هنن جي سامهون منزل ڪري زمين جي پيدائش، جيڪا غزہ جي حد تائين هوندي هئي، سا چٽ ڪندا هئا، ۽ اسرائيل ۾ ڪابہ کاڌي جي شيءِ نہ ڇڏيندا هئا، نڪي رڍون، نڪي ڍڳا، نڪي گڏهہ.

5 ڇالاءِ جو هو پنهنجي چوپائي مال ۽ پنهنجن تنبن سان ايندا هئا، ۽ مڪڙن وانگر ميڙ ڪري ايندا هئا؛ هو پاڻ توڙي سندن اُٺ شمار کان ٻاهر هوندا هئا: ۽ هو ملڪ کي تباهہ ڪرڻ لاءِ ايندا هئا.

6 ۽ اسرائيل مديانين جي ڪري تمام ذليل ٿيا؛ پوءِ بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪرڻ لڳا.

7 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بني اسرائيل مديانين جي ڪري خداوند وٽ دانهون ڪيون.

8 تڏهن خداوند بني اسرائيل وٽ هڪڙو نبي موڪليو: ۽ انهيءَ هنن کي چيو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون اوهان کي مصر مان آندو، ۽ ٻانهپ جي گهر مان اوهان کي ڪڍي آيس؛

9 ۽ مصرين جي هٿن مان، ۽ جيڪي اوهان تي ظلم ڪندا هئا، تن سڀني جي هٿن مان اوهان کي ڇڏايم، ۽ انهن کي اوهان جي اڳيان هڪالي ڪڍيم، ۽ انهن جي زمين اوهان کي ڏنم؛

10 ۽ مون اوهان کي چيو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان؛ ۽ اموري جن جي زمين ۾ اوهين رهو ٿا، تن جي معبود جو اوهين متان خوف ڪريو، پر اوهان منهنجو آواز نہ ٻڌو.

11 ۽ خداوند جو فرشتو آيو، ۽ جيڪو شاهہ بلوط جو وڻ عفرہ ۾ يوآس ابيعزريءَ جو هو، تنهن جي هيٺان ويٺو: ۽ سندس پٽ جدعون انهيءَ وقت شراب ڪڍڻ واري چيچڙي ۾ سنگن مان ڪڻڪ سٽي پئي ڪڍي، انهي لاءِ تہ اُها مديانين کان لڪائي.

12 ۽ خداوند جي فرشتي هن کي ڏيکاري ڏني، ۽ چيائينس تہ اي بهادر ۽ زوراور مرد، خداوند تو ساڻ آهي.

13 ۽ جدعون انهي کي چيو تہ اي منهنجا سائين، جيڪڏهن خداوند اسان سان هجي ها تہ پوءِ هي واقعا ڇو اسان تي ٿي گذرن؟ ۽ هن جا سڀ اُهي عجيب ڪم ڪٿي آهن جن بابت اسان جي ابن ڏاڏن اسان کي چيو تہ خداوند اسان کي مصر مان هتي آندو. پر هاڻي خداوند اسان کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ اسان کي مديانين جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو اٿس.

14 تڏهن خداوند هن تي نگاهہ ڪئي، ۽ چيائينس تہ انهيءَ پنهنجي زور ۾ وڃي اسرائيل کي مديانين جي هٿن مان ڇڏاءِ: مون توکي نہ موڪليو آهي ڇا؟

15 ۽ هن انهيءَ کي چيو تہ اي خداوند، آءٌ اسرائيل کي ڪهڙيءَ طرح ڇڏايان؟ ڏس، منسي ۾ منهنجو قبيلو سڀني کان غريب آهي، ۽ آءٌ پنهنجي اباڻي گهراڻي ۾ سڀني کان ننڍو آهيان.

16 تڏهن خداوند هن کي چيو تہ يقيناً آءٌ تو ساڻ ٿيندس، ۽ تون مديانين کي هڪڙي ماڻهوءَ وانگر ماري وٺندين.

17 ۽ هن انهي کي چيو تہ جيڪڏهن هاڻي تنهنجي نظر ۾ مون کي مان مليو آهي، تہ مون کي ڪا اهڙي نشاني ڏيکار، جنهن مان مون کي خبر پوي تہ اهو تون آهين جو مون سان ڳالهائين ٿو.

18 آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ جيستائين آءٌ تو وٽ نہ اچان، ۽ پنهنجو نذرانو آڻي تنهنجي اڳيان نہ رکان، تيستائين تون هتي ترس. ۽ هن چيو تہ جيستائين تون موٽي نہ ايندين تيستائين آءٌ هتي ترسندس.

19 تڏهن جدعون ويو ۽ هڪڙو ڇيلو تيار ڪيائين ۽ اٽي جي هڪڙي ايفہ مان فطيري مانيون پچائي کڻي آيو: اُهو گوشت هن هڪڙي ٽوڪري ۾ وڌو، ۽ شوروو هڪڙي پياليءَ ۾ وڌائين، ۽ اُهو آڻي انهيءَ شاهہ بلوط وٽ هن جي اڳيان رکيائين.

20 ۽ خدا جي فرشتي هن کي چيو تہ اهو گوشت ۽ اهي فطيري مانيون کڻي هن ٽڪر تي رک، ۽ اهو شوروو بہ انهيءَ تي هاري وجهہ: ۽ هن ائين ڪيو.

21 تڏهن خداوند جي فرشتي، جيڪا لٺ سندس هٿ ۾ هئي، تنهن جي چهنب ڊگهيري انهي گوشت، ۽ فطيري مانين کي لاتائين؛ تہ ٽڪر مان باهہ نڪري آئي، ۽ اُهو گوشت ۽ اُهي فطيري مانيون کائي ويئي؛ ۽ خدا جو فرشتو هن جي نظر کان غائب ٿي ويو.

22 ۽ جدعون سمجهي ويو تہ اهو برابر خداوند جو فرشتو هو؛ ۽ جدعون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، مون خداوند جي فرشتي کي روبرو ڏٺو آهي.

23 ۽ خداوند هن کي چيو تہ تون سلامت رهہ: ڊڄ نہ؛ تون ڪين مرندين.

24 تڏهن جدعون اُتي خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ سلوم رکيائين: جا اڄ ڏينهن تائين ابيعزرين واري عفرہ ۾ موجود آهي.

25 ۽ هيئن ٿيو تہ اُنهي رات خداوند هن کي چيو تہ پنهنجي پيءُ جو ڍڳو وٺ، يعني اهو ٻيو ڍڳو جو ستن ورهين جو آهي، ۽ تنهنجي پيءُ جي جيڪا بعل واري قربانگاهہ آهي، تنهن کي ڀڃي ڇڏ، ۽ انهيءَ جي پاسي ۾ جيڪا يسيرت آهي، تنهن کي وڍي ڇڏ:

26 ۽ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هن مضبوط ڳڙهہ جي چوٽيءَ تي، پوري بندوبست سان، هڪڙي قربانگاهہ جوڙ، ۽ اُهو ٻيو ڍڳو وٺي، يسيرت وارين وڍيل ڪاٺين سان سوختني قرباني چاڙهہ.

27 تڏهن جدعون پنهنجي نوڪرن مان ڏهہ ڄڻا وٺي، ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند فرمايو هوس: ۽ هيئن ٿيو جو پنهنجي پيءُ جي گهر وارن، ۽ شهر جي ماڻهن جي ڊپ کان ڏينهن ڏٺي جو ائين ڪري نہ سگهيو، تنهنڪري رات جو ائين ڪيائين.

28 ۽ جڏهن صبح جو سوير شهر جا ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ بعل جي قربانگاهہ ڀڳي پيئي آهي، ۽ ان جي پاسي واري يسيرت وڍي پيئي آهي، ۽ جيڪا نئين قربانگاهہ جڙيل آهي، تنهن تي ٻيو ڍڳو قرباني ٿيل آهي.

29 تڏهن هنن هڪ ٻئي کي چيو تہ هي ڪم ڪنهن ڪيو آهي ۽ جڏهن هنن پڇا ڳاڇا ڪئي تڏهن هنن چيو تہ هي ڪم يوآس جي پٽ جدعون ڪيو آهي.

30 تڏهن شهر جي ماڻهن يوآس کي چيو تہ پنهنجي پٽ کي ٻاهر ڪڍي اچ تہ ماريو وڃي: ڇالاءِ جو هن بعل جي قربانگاهہ ڀڳي آهي، ۽ انهي جي پاسي واري يسيرت کي بہ وڍيو اٿس.

31 ۽ يوآس، جيڪي ماڻهو سندس برخلاف اُٿيا هئا، تن سڀني کي چيو تہ اوهين بعل جي طرفداري ٿا ڪريو ڇا؟ جيڪو انهي جي طرفداري ڪندو سو ڀلي تہ صبح جو ئي قتل ڪيو وڃي: جيڪڏهن هو ڪو خدا آهي تہ پاڻيهي پنهنجي طرفان وڙهي، جو ڪنهن ماڻهوءَ سندس قربانگاهہ ڊاهي ڇڏي آهي.

32 تنهنڪري انهيءَ ڏينهن هن انهيءَ جو نالو يروبعل رکيو، ۽ چيائين تہ جنهن بعل جي قربانگاهہ ڊاهي آهي، تنهن سان هو پاڻ پڄي.

33 تڏهن سڀ مدياني، ۽ عماليقي، ۽ اُڀرندي جا ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ پار لنگهي يزرعيل جي واديءَ ۾ وڃي تنبو هنيائون.

34 ۽ خداوند جو روح جدعون تي نازل ٿيو؛ ۽ هن قرناءِ وڄائي؛ ۽ ابيعزر وارا ماڻهو سندس پٺيان اچي گڏ ٿيا؛

35 ۽ هن منسيءَ جي قبيلي ڏانهن قاصد روانا ڪيا؛ ۽ اُهي بہ هن جي پٺيان اچي گڏ ٿيا؛ ۽ هن آشر، ۽ زبولون، ۽ نفتاليءَ ڏانهن ماڻهو موڪليا؛ ۽ اُهي هن کي گڏجڻ لاءِ نڪري آيا.

36 ۽ جدعون خدا کي چيو تہ جيڪڏهن تون اسرائيل کي منهنجي هٿان بچائڻ ٿو گهرين، جيئن تو فرمايو آهي،

37 تہ ڏس، آءٌ هڪڙي پشمي پوستين اَن ڳاهڻ واري ٻار تي ٿو وجهان؛ جيڪڏهن ماڪ رڳو پوستين تي هوندي، ۽ باقي آس پاس واري زمين سڀ سڪل هوندي، تہ مون کي پڪ ٿيندي تہ تون اسرائيل کي منهنجي هٿان بچائيندين، جيئن تو فرمايو آهي.

38 ۽ ائين ئي ٿيو: ڇالاءِ جو هو صبح جو سوير اُٿيو ۽ پوستين کي سوڙهو دٻي نچوڙي ماڪ ڪڍيائين، ۽ پاڻي سان پيالو ڀرجي پيو.

39 تڏهن جدعون خدا کي چيو تہ تنهنجي ڪاوڙ مون تي نہ ڀڙڪي، جو آءٌ فقط هڪڙو ڀيرو وڌيڪ ڳالهائيندس: آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ هڪڙو ڀيرو وري بہ مون کي هن پوستين سان آزمائش وٺڻ ڏي؛ هاڻي هيءَ پوستين سڪل رهي، ۽ باقي سڀ زمين تي ماڪ پوي.

40 ۽ خدا انهيءَ رات ائين ئي ڪيو: ڇالاءِ جو فقط پوستين سڪل رهي، باقي سڀ زمين تي ماڪ هئي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan