قاضين 5 - Sindhi Bible1 تڏهن انهيءَ ڏينهن دبورہ ۽ برق بن ابي نوعم هڪڙو راڳ ڳايو، تہ، 2 اوهين خداوند کي سڳورو ڄاڻو، جو پيشوائن اسرائيل ۾ پيشوائي ڪئي؛ ۽ ماڻهو خوشيءَ سان اچي حاضر ٿيا. 3 ٻڌو، اي بادشاهہ، ڪن ڏيو اي شهزادا، آءٌ خداوند جي لاءِ راڳ ڳائينديس؛ آءٌ خداوند اسرائيل جي خدا جي تعريف ڪنديس. 4 اي خداوند، جڏهن تون شعير مان نڪري هلين، جڏهن تون ادوم جي ميدان مان ڪوچ ڪري نڪتين، تڏهن زمين ڌڏي ويئي، ۽ آسمان بہ ٽمڻ لڳو، هائو ڪڪر پاڻي وسائڻ لڳا. 5 جبل خداوند جي روبرو ڌڏڻ لڳا، يعني سينا جبل بہ خداوند، اسرائيل جي خدا جي اڳيان ڌڏڻ لڳو. 6 شمجر بن عنات جي ڏينهن ۾، ۽ ياعيل جي ڏينهن ۾، شاهي رستا سڃا پيا هوندا هئا. 7 اسرائيل ۾ حاڪم موقوف ٿي ويا، اُهي موقوف ٿي ويا، جيسين آءٌ دبورہ اُٿيس، آءٌ اسرائيل ۾ هڪڙي ماءُ ٿي اُٿيس. 8 هنن نوان معبود پسند ڪيا؛ تڏهن شهر جي دروازن تي جنگ لڳي: اسرائيل جي چاليهن هزارن منجهہ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ڏسڻ ۾ آيو ڇا؟ 9 منهنجي دل اسرائيل جي حاڪمن جي پاسي آهي، جن ماڻهن منجهان پاڻ کي خوشيءَ سان آڻي حاضر ڪيو: اوهين خدا کي سڳورو ڄاڻو. 10 اوهين جي اڇن گڏهن تي ٿا چڙهو، اوهين جي قيمتي غاليچن تي ٿا ويهو، ۽ اوهين جي رستي تي پنڌ هلو ٿا، سڀ انهيءَ جو ذڪر ڪريو. 11 ڪماندارن جي آواز کان پري، پاڻي ڀرڻ وارين جاين ۾، هو خداوند جي سچائيءَ جي ڪمن جو بيان ڪندا، يعني اسرائيل ۾ هن جي حڪومت جا سچائيءَ وارا ڪم. تنهن کان پوءِ خداوند جي قوم دروازن ڏانهن لهي ويئي. 12 جاڳ جاڳ، اي دبورہ جاڳ، ۽ ڪو راڳ ڳاءِ: اُٿ، اي برق، اي ابي نوعم جا پٽ، اُٿ، ۽ پنهنجي قيدين کي قيد ڪر. 13 تنهن کان پوءِ اميرن ۽ عام ماڻهن مان باقي بچيل لهي آيا؛ خداوند منهنجي لاءِ زور وارن سان وڙهڻ لاءِ لهي آيو. 14 افرائيم مان اُهي نڪري لهي آيا، جن جي پاڙ عماليق ۾ آهي؛ توکان پوءِ اي بنيمين، تنهنجن ماڻهن منجهہ؛ مڪير مان حاڪم لهي آيا، ۽ زبولون مان اُهي آيا جي سپهہ سالارن جي لٺ ٿا کڻن. 15 ۽ اشڪار جا شهزادا دبورہ سان هئا؛ جيئن اشڪار هو تيئن برق هو؛ اُهي هن جي پيرن وٽ واديءَ ۾ ڪاهي پيا، روبن جي نهرن وٽ دل جا وڏا ارادا ٿيا. 16 ڇالاءِ تون رڍن جي واڙن ۾، ڌڻن جو آواز ٻڌڻ لاءِ ويهي رهين؟ روبن جي نهرن وٽ دل جون وڏيون تلاشيون ٿيون، 17 جلعاد يردن جي هن ڀر رهندو هو: ۽ دان ڇالاءِ ٻيڙين ۾ رهيو؟ آشر ماٺ ڪري سمنڊ جي بندرگاهہ تي ويهي رهيو، ۽ پنهنجن سمنڊ جي کارين وٽ رهي پيو. 18 زبولون ۽ نفتالي اُهي قومون هيون، جن مرڻ تائين پنهنجيون حياتيون ميدان جي مٿانهين جاين تي خوف ۾ وڌيون. 19 بادشاهہ آيا ۽ اچي وڙهيا، پوءِ ڪنعان جا بادشاهہ، تنعاڪ ۾ مجدو جي پاڻين وٽ وڙهيا: هنن کي ڪو ذري جو فائدو ڪونہ مليو. 20 هو آسمان مان وڙهيا، ۽ تارا پنهنجي دور تان سيسرا سان وڙهيا. 21 قيسون ندي هنن کي ٻوڙي کڻي ويئي، اُها قيسون جا قديم ندي آهي. اي منهنجي جان، تون زور سان اڳتي ڪاهي هل. 22 تڏهن گهوڙن جا سنب ٽپڻ جي ڪري دٻڪو ڪرڻ لڳا، يعني هنن جي بهادرن جي ٽپڻ جي ڪري. 23 خداوند جي فرشتي چيو تہ اوهين ميروز تي لعنت وجهو، اوهين انهن جي رهاڪن تي سخت لعنت وجهو، ڇالاءِ جو هو خداوند جي مدد لاءِ نہ آيا، يعني زور وارن سان وڙهڻ جي لاءِ خداوند کي مدد ڏيڻ واسطي. 24 حبر قينيءَ جي زال ياعيل سڀني زالن مان برڪت واري ٿيندي. 25 هن پاڻي گهريو ۽ انهيءَ کير ڏنس؛ اُنهيءَ هن کي هڪڙي اميراڻي رڪابيءَ تي مکڻ آڻي ڏنو. 26 هن پنهنجو هٿ ڪليءَ تي رکيو، ۽ پنهنجو ساڄو هٿ واڍي جي مترڪي تي؛ ۽ انهيءَ مترڪي سان هن سيسرا کي ڌڪ هنيو ۽ سندس مٿي مان ڪلي لنگهايائين؛ هائو، هن ڌڪ هڻي سندس لوندڙين مان ڪلي لنگهائي. 27 هن جي پيرن تي هن سر جهڪايو، ۽ ڪريو، ۽ ليٽي پيو: هن جي پيرن تي هو اونڌو ٿي ڪري پيو: جتي سر جهڪايائين، اُتي ئي ڪريو ۽ مري ويو. 28 دريءَ منجهان هن ٻاهر نهاريو ۽ دانهن ڪيائين، سيسرا جي ماءُ ڳڙکيءَ مان دانهن ڪري چيو تہ ڇو هن جي گاڏي اچڻ ۾ دير ڪئي آهي؟ ڇو هن جي گاڏيءَ جا ڦيٿا بيهي رهيا آهن؟ 29 سندس ڏاهيءَ زال ورندي ڏنيس، بلڪ هن پاڻهي پاڻ کي ورندي ڏيئي چيو، 30 تہ هنن کي لٽ جو مال ڪونہ مليو ڇا ۽ هنن اُهو نہ ورهايو آهي ڇا؟ هرهڪ مرد کي هڪڙي ڇوڪري، بلڪ ٻہ ڇوڪريون؛ سيسرا کي جدا جدا رنگن واريون لٽ جون شيون، ۽ رنگين ڀرت وارا ڪپڙا، ۽ جدا جدا رنگ جي ڪپڙن جو لٽ جو مال، ۽ ٻنهي پاسن رنگارنگي ڀرت جو مال قيدين جي ڳچين تي ڀريل نہ مليو آهي ڇا؟ 31 اي خداوند، ڀلي تہ تنهنجا سڀ دشمن انهيءَ طرح ناس ٿي وڃن: پر جيڪي هن کي پيار ٿا ڪن، سي ڀلي تہ سج وانگر هجن، جڏهن اُهو زور سان نڪرندو آهي، ۽ ملڪ کي چاليهہ ورهيہ آرام مليو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society