Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

قاضين 4 - Sindhi Bible

1 ۽ اهود جي وفات ڪرڻ کان پوءِ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا، جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا.

2 تڏهن خداوند هنن کي ڪنعان جي بادشاهہ، يابين وٽ وڪڻي ڇڏيو، جو حصور ۾ بادشاهي ڪندو هو؛ انهي جي لشڪر جو سپهہ سالار سيسرا هو، جو حروسيت هگوئيم ۾ رهندو هو.

3 ۽ بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون: ڇالاءِ جو هن وٽ نوَ سؤ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون: ۽ انهيءَ ويهہ ورهيہ برابر بني اسرائيل تي ڏاڍي سختي ڪئي.

4 هاڻي دبورہ، جا هڪڙي نبيہ هئي، ۽ لفيدوت جي زال هئي، سا انهن ڏينهن ۾ اسرائيل جو انصاف ڪندي هئي.

5 ۽ اُها افرائيم جي ڪوهستان ۾، رامہ ۽ بيت ايل جي وچ ۾ دبورہ جي کجيءَ هيٺ رهندي هئي: ۽ بني اسرائيل اُتي وٽس اچي پنهنجن معاملن جا فيصلا ڪرائيندا هئا.

6 ۽ هن ابي نوعم جي پٽ برق کي، قادس نفتاليءَ مان گهرائي چيو، تہ خداوند اسرائيل جي خدا اهڙو حڪم نہ ڏنو آهي ڇا، تہ تون تبور جبل ڏانهن وڃ، ۽ پاڻ سان بني نفتاليءَ ۽ بني زبولون جا ڏهہ هزار ماڻهو بہ وٺي وڃ؟

7 ۽ آءٌ يابين جي سپهہ سالار سيسرا کي سندس جنگي گاڏين، ۽ لشڪر سوڌو، قيسون نديءَ تائين تو وٽ وٺي ايندس؛ ۽ انهيءَ کي تنهنجي حوالي ڪندس.

8 ۽ برق هن کي چيو تہ جي تون مون سان هلندينءَ تہ آءٌ ويندس، پر جي تون مون سان نہ هلندينءَ تہ آءٌ ڪين ويندس.

9 تڏهن هن چيس تہ آءٌ بيشڪ توسان هلنديس: انهيءَ هوندي بہ جيڪو سفر تون ڪرين ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عزت آبرو نہ رهندي، ڇالاءِ جو خداوند سيسرا کي هڪڙيءَ زال جي هٿ وڪڻي ڇڏيندو. ۽ دبورہ اُٿي ۽ برق سان گڏجي قادس ڏانهن ويئي.

10 ۽ برق، زبولون ۽ نفتاليءَ کي ڪوٺي قادس ۾ گڏ ڪيو؛ ۽ ڏهہ هزار ماڻهو ساڻس گڏ هئا، ۽ دبورہ بہ ساڻس گڏ هئي.

11 هاڻي حبر قيني پاڻ کي قينين کان ڌار ڪيو هو، يعني موسيٰ جي سالي حباب جي پٽن کان: ۽ ضعننيم، جو قادس جي پاسي ۾ آهي، تنهن ۾ وڃي، شاهہ بلوط وٽ پنهنجو تنبو هنيو هئائين.

12 ۽ هنن سيسرا کي چيو تہ ابي نوعم جو پٽ برق، تبور جي جبل ڏانهن چڙهي ويو آهي.

13 تنهن تي سيسرا پنهنجون سڀ جنگي گاڏيون، يعني نوَ سؤ لوهہ جون جنگي گاڏيون، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي سڀ گڏ ڪري حروست هگوئيم کان قيسون نديءَ تائين آندا.

14 ۽ دبورہ برق کي چيو تہ اُٿي کڙو ٿيءُ؛ ڇالاءِ جو اڄ اُهو ڏينهن آهي جنهن ۾ خداوند سيسرا کي تنهنجي هٿن ۾ ڏنو آهي: خداوند تنهنجي اڳيان ٻاهر نڪري نہ هليو آهي ڇا؟ تڏهن برق تبور جبل مان لٿو، ۽ اُهي ڏهہ هزار ماڻهو سندس پٺيان آيا.

15 ۽ خداوند سيسرا کي، ۽ سندس سڀني جنگي گاڏين ۽ ڪل لشڪر کي، ترار جي ڌار سان، برق جي اڳيان ڀڄائي ڪڍيو؛ ۽ سيسرا پنهنجي جنگي گاڏيءَ تان لهي پيرين پيادو اُٿي ڀڳو.

16 پر برق انهن گاڏين ۽ انهيءَ لشڪر جي پٺيان پئي حروست هگوئيم تائين آيو: ۽ سيسرا جو سڄو لشڪر ترار جي ڌار سان مارجي ويو؛ هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو.

17 ۽ سيسرا پيادو حبر قينيءَ جي زال ياعيل جي تنبوءَ ڏانهن ڀڳو: ڇالاءِ جو حصور جي بادشاهہ يابين، ۽ حبر قينيءَ جي گهراڻي جي وچ ۾ صلح هو.

18 ۽ ياعيل نڪري وڃي سيسرا کي گڏي، ۽ چيائينس تہ اي منهنجا سائين، اندر هل، اندر مون وٽ هل، ڊڄ نہ. ۽ هو تنبوءَ منجهہ گهڙي ويو، ۽ هن هڪڙو کٿو مٿان وجهي لڪايس.

19 ۽ سيسرا چيس تہ ڀلائي ڪري مون کي ٿورو پاڻي ڏي تہ پيان، ڇالاءِ جو مون کي اُڃ لڳي آهي. تڏهن هن کير جي هڪڙي دلي کولي، ۽ کير پياري ڍڪي ڇڏيس.

20 پوءِ سيسرا چيس تہ تنبوءَ جي در تي بيهي رهہ، ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اچي توکان پڇي ۽ چوي تہ هتي ڪو ماڻهو آهي؟ تڏهن تون چئجانءِ تہ نہ.

21 تڏهن حبر جي زال ياعيل تنبوءَ جي هڪڙي ڪلي کنئي، ۽ مترڪو پنهنجي هٿ ۾ کڻي آهستي آهستي هن وٽ ويئي، ۽ اُها ڪلي هن جي لوندڙين ۾ ٺوڪي هنيائين، ۽ اُها آرپار لنگهي وڃي زمين ۾ کُتي؛ ڇالاءِ جو هن کي گهري ننڊ اچي ويئي هئي، تنهنڪري هو بيهوش ٿي مري ويو.

22 ۽ ڏس جڏهن برق سيسرا جي پٺيان آيو تڏهن ياعيل ٻاهر نڪري اچي هن کي گڏي، ۽ چيائينس تہ اچ تہ آءٌ توکي اُهو ماڻهو ڏيکاريان جنهن کي تون ڳولين ٿو: ۽ هو وٽس آيو؛ ۽ ڏس، سيسرا مئو پيو هو، ۽ تنبوءَ جي ڪلي لوندڙين ۾ لڳي پيئي هيس.

23 انهيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن ڪنعان جي بادشاهہ يابين کي بني اسرائيل جي اڳيان شڪست ڏني.

24 ۽ بني اسرائيل جو هٿ ڪنعان جي بادشاهہ يابين تي غالب ٿيندو ويو، اهڙو جو هنن ڪنعانين جي بادشاهہ يابين کي صفا ناس ڪري ڇڏيو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan