قاضين 3 - Sindhi Bible1 هاڻي اُهي قومون هي آهن، جي خداوند ڇڏي ڏنيون، انهي لاءِ تہ انهن جي وسيلي اسرائيل کي آزمائي، يعني انهن سڀني کي، جن کي ڪنعانين جي سڀني جنگين جي خبر نہ هئي؛ 2 تہ بني اسرائيل جي پيڙهين کي خبر پوي، ۽ جن کي اڳي جنگ جي واقفيت نہ هئي، تن کي جنگ ڪرڻ سيکاري؛ 3 يعني پنج سردار فلستين جا، ۽ سڀ ڪنعاني، ۽ صيداني، ۽ حوي، جي لبنان جي جبل ۾ رهندا هئا، بعل حرمون جبل کان وٺي حمات جي لنگهہ تائين. 4 ۽ اُهي اسرائيل جي آزمائش لاءِ ڇڏيا ويا هئا، انهيءَ لاءِ تہ خبر پوي تہ هو خداوند جا اُهي حڪم مڃين ٿا يا نہ، جي هن موسيٰ جي معرفت هنن جي، ابن ڏاڏن کي ڏنا هئا. 5 ۽ بني اسرائيل ڪنعانين منجهہ، ۽ حتين، ۽ امورين، ۽ فرزين، ۽ حوين، ۽ يبوسين منجهہ رهندا آيا؛ 6 ۽ انهن جي ڌيئرن سان هو پرڻيا، ۽ پنهنجون ڌيون انهن جي پٽن کي ڏنائون، ۽ انهن جي معبودن جي عبادت ڪرڻ لڳا. 7 ۽ بني اسرائيل اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، ۽ هنن خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو، ۽ بعليم ۽ يسيرتن جي عبادت ڪرڻ لڳا. 8 تنهنڪري خداوند جي ڪاوڙ اسرائيل تي ڀڙڪي، ۽ هن انهن کي وڪڻي مسوپتاميہ جي بادشاهہ، ڪوشن رسعتيم جي هٿ ۾ ڏنو: ۽ بني اسرائيل اٺ ورهيہ ڪوشن رسعتيم جي ٻانهپ ڪئي. 9 ۽ جڏهن بني اسرائيل خداوند کي دانهون ڪيون، تڏهن هن هڪڙو بچائيندڙ بني اسرائيل لاءِ اُٿاريو، جنهن هنن کي ڇڏايو، ۽ اُهو ڪالب جي ننڍي ڀاءُ قنز جو پٽ غٿني ايل هو. 10 ۽ خداوند جو روح هن تي نازل ٿيو، ۽ هو اسرائيلين جو قاضي ٿيو؛ ۽ هو جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو؛ ۽ خداوند مسوپتاميہ جو بادشاهہ ڪوشن رسعتيم هنن جي هٿ ۾ ڏنو؛ ۽ هنن جو هٿ ڪوشن رسعتيم تي غالب پيو. 11 ۽ انهيءَ ملڪ کي چاليهہ ورهيہ آرام مليو. پوءِ غٿني ايل بن قنز وفات ڪئي. 12 ۽ بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا: ۽ خداوند موآب جي بادشاهہ عجلون کي اسرائيل تي غالب ڪيو، ڇالاءِ جو هنن اهڙا ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا. 13 ۽ هن بني عمون، ۽ بني عماليق پاڻ وٽ گڏ ڪيا، ۽ انهن وڃي اسرائيل کي شڪست ڏني، ۽ کجين وارو شهر هٿ ڪيو. 14 ۽ بني اسرائيلين ارڙهن ورهيہ موآب جي بادشاهہ عجلون جي ٻانهپ ڪئي. 15 پر جڏهن بني اسرائيل خداوند وٽ دانهون ڪيون تڏهن خداوند هنن جي لاءِ هڪڙو بچائڻ وارو اُٿاريو، ۽ اُهو اهود بن جيرا هو، جو بنيميني هو، ۽ کاٻڙيو هو: ۽ بني اسرائيل هن جي هٿان موآب جي بادشاهہ عجلون ڏانهن هڪڙي سوکڙي موڪلي. 16 ۽ اهود پنهنجي لاءِ هڪڙي ٻہ منهين ترار ٺاهي، جا هڪ هٿ ڊگهي هئي، ۽ اُها هن پنهنجي ڪپڙن جي هيٺان ساڄي ران تي ٻڌي ڇڏي. 17 پوءِ هن اُها سوکڙي وڃي موآب جي بادشاهہ عجلون کي ڏني: هاڻي عجلون تمام ڳورو ماڻهو هو. 18 ۽ جڏهن هو اُها سوکڙي ڏيئي چڪا، تڏهن انهن سوکڙي آڻيندڙ ماڻهن کي موڪلي ڏنائين. 19 مگر پاڻ جلجال وارين پٿرن جي کاڻين وٽان موٽي آيو، ۽ چوڻ لڳو تہ اي بادشاهہ، مون کي هڪڙو ڳجهو پيغام توکي ڏيڻو آهي، ۽ هن چيس تہ صبر ڪر. پوءِ اُتي جيڪي بيٺا هئا سي سڀ وٽانئس نڪري ٻاهر ويا. 20 تڏهن اهود هن کي ويجهو آيو: ۽ هو پنهنجي آرڙهہ واري صفيءَ ۾ اڪيلو ويٺو هو. ۽ اهود چيو تہ مون کي تنهنجي لاءِ خدا جو هڪڙو پيغام آهي، ۽ هو پنهنجي جاءِ تان اُٿي کڙو ٿيو. 21 ۽ اهود پنهنجو کٻو هٿ ڊگهو ڪري پنهنجي ساڄيءَ ران تان ترار ڪڍي هن جي پيٽ ۾ هنئي. 22 ۽ ترار جو هٿيو بہ، ڦر جي پٺيان، پيٽ ۾ گهڙي ويو؛ ۽ هٿئي تي چرٻي چڙهي ويئي، ڇالاءِ جو هن اُها ترار هن جي پيٽ مان ٻاهر ڪڍي نہ ورتي؛ ۽ اها پٺيان نڪري آئي. 23 تڏهن اهود ورانڊي ۾ نڪري ويو، ۽ صفيءَ جا در بند ڪري ڪُلف پائي ڇڏيائين. 24 هاڻي جڏهن هو هليو ويو تڏهن هن جا غلام آيا؛ ۽ ڏسن تہ صفيءَ جا دروازا بند پيا آهن؛ ۽ هو چوڻ لڳا تہ هو پنهنجي آرڙهہ واري ڪمري ۾ ننڊ پيو ڪري. 25 ۽ هو ترسي ويهي رهيا، جيستائين ڪ پشيمان ٿيڻ لڳا: ۽ ڏسو، هن اڃا بہ صفيءَ جا در نہ پٽيا؛ پوءِ هنن ڪنجي کڻي در پٽيا، ۽ ڏسن تہ سندن ڌڻي زمين تي مئو پيو آهي. 26 ۽ ڇالاءِ جو هنن ايتري دير ڪئي هئي، تنهن وچ ۾ اهود ڀڄي پٿر جي کاڻين کان بہ لنگهي ويو، ۽ سعيرت ۾ وڃي نڪتو. 27 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن هن افرائيم جي ڪوهستان ۾ قرناءِ وڄائي، جنهن تي بني اسرائيل ڪوهستان مان لهي هيٺ آيا، ۽ هو سندن سردار ٿي هليو. 28 ۽ هن انهن کي چيو تہ منهنجي پٺيان اچو: ڇالاءِ جو خدا اوهانجن دشمنن يعني موآبين کي، اوهان جي هٿ ۾ ڏنو آهي، ۽ هو انهيءَ جي پٺيان لهي ويا، ۽ وڃي يردن جي گهيرن وٽ، موآبين جا گهٽ جهليائون، ۽ هڪڙي ماڻهو کي بہ پار لنگهڻ نہ ڏنائون. 29 ۽ انهي وقت هنن موآب جا ڏهہ هزار ماڻهو ماريا، جن مان هرهڪ مضبوط ۽ بهادر مرد هو؛ ۽ هڪڙو بہ ماڻهو ڇٽي نہ ويو. 30 انهيءَ طرح موآب انهيءَ ڏينهن اسرائيل جي قبضي ۾ آيو، ۽ ملڪ کي اسي ورهيہ آرام مليو. 31 ۽ انهي کان پوءِ شمجر بن عنات اُٿيو، جنهن فلستين جا ڇهہ سؤ ماڻهو ڏاندن هڪلڻ واريءَ لٺ سان ماريا: ۽ انهيءَ بہ اسرائيل کي بچايو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society