Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

قاضين 21 - Sindhi Bible

1 هاڻي اسرائيل جي ماڻهن مصفاہ ۾ قسم کڻي چيو هو تہ انهن مان ڪوبہ پنهنجي ڌيءَ بني بنيمين کي پرڻائي نہ ڏيندو.

2 ۽ اُهي ماڻهو بيت ايل ۾ آيا، ۽ شام تائين خدا جي اڳيان ويٺا رهيا، ۽ دانهون ڪري زاروزار رنائون.

3 ۽ چيائون تہ اي خداوند، اسرائيل جا خدا، اسرائيل ۾ ائين ڇو ٿيو آهي، جو اڄ بني اسرائيل مان هڪڙو فرقو گهٽ ٿي ويو آهي؟

4 ۽ صبح جو هيئن ٿيو تہ ماڻهو سوير اُٿيا ۽ اُتي هڪڙي قربانگاهہ جوڙيائون، ۽ انهيءَ تي سوختني قربانيون چاڙهيائون.

5 ۽ بني اسرائيل چيو تہ اسرائيل جي سڀني فرقن مان اُهو ڪير آهي جو خداوند جي جماعت ۾ نہ آيو آهي؟ ڇالاءِ جو مصفاہ ۾ خداوند جي حضور ۾ نہ اچڻ واري جي نسبت ۾ هنن وڏو قسم کنيو هو، ۽ چيو هئائون تہ اهڙو ماڻهو ضرور قتل ڪيو وڃي.

6 ۽ بني اسرائيل پنهنجي ڀائرن بني بنيمين جي لاءِ پشيمان ٿيا، ۽ چيائون تہ اڄ هڪڙو فرقو اسرائيل مان وڍجي ويو آهي.

7 ۽ جيڪي بچيا آهن تن جي لاءِ زالن بابت اسين ڪيئن ڪريون، ڇالاءِ جو اسان خداوند جو قسم کنيو آهي تہ اسين پنهنجون ڌيون هنن کي پرڻائي نہ ڏينداسين؟

8 تڏهن هنن چيو تہ اسرائيل جي فرقن مان ڪهڙو آهي جو خداوند جي حضور ۾ نہ آيو؟ ۽ ڏسو يبيس جلعاد مان ڪوبہ جماعت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ لشڪرگاهہ ۾ نہ آيو هو.

9 ڇالاءِ جو جڏهن ماڻهن جو شمار ڪيو ويو تڏهن ڏسو، يبيس جلعاد جي رهاڪن مان ڪوبہ اُتي ڪونہ هو.

10 ۽ جماعت اوڏانهن ٻارهن هزار نهايت بهادر ماڻهو موڪليا ۽ انهن کي حڪم ڏيئي چيائون تہ وڃي يبيس جلعاد جي رهاڪن کي، زالن ۽ ٻارن سميت، ترار جي ڌار سان ماريو.

11 ۽ اوهين هي ڪم ڪجو، سڀ ڪنهن مرد کي، ۽ سڀڪا زال جا مڙس سان سمهي هجي، تن کي اصل ماري چٽ ڪري ڇڏجو.

12 ۽ هنن يبيس جلعاد جي رهاڪن مان چار سؤ جوان ڪنواريون زالون لڌيون، جي مڙس سان نہ سمهيون هيون: ۽ انهن کي هو سيلا جي لشڪرگاهہ ۾ وٺي آيا، جو ڪنعان جي ملڪ ۾ آهي.

13 پوءِ سڄيءَ جماعت رمون جي ٽڪر وارن، بني بنيمين کي صلح سلامتيءَ جو پيغام موڪليو.

14 تڏهن بني بنيمين موٽي آيا، ۽ هنن اُهي زالون کين ڏنيون جي يبيس جي زالن مان جيئريون بچايون هئائون؛ انهيءَ هوندي بہ اُهي پوريون نہ پيون.

15 ۽ ماڻهو بنيمين لاءِ پشيمان ٿيا، ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جي فرقن ۾ تفرقو وڌو هو.

16 تنهن کان پوءِ جماعت جي بزرگن چيو تہ جڏهن بنيمين جون زالون ماريون ويون آهن تڏهن باقي رهيل مردن جي زالن لاءِ ڇا ڪريون؟

17 تڏهن هنن چيو تہ بنيمين مان جيڪي بچيا آهن تن لاءِ ضرور ڪو ورثو هئڻ گهرجي، تہ اسرائيل مان هڪڙو فرقو اصل گم ٿي نہ وڃي.

18 انهيءَ هوندي بہ اسين هنن کي پنهنجون ڌيئرون پرڻائي نہ ڏينداسين: ڇالاءِ جو بني اسرائيل قسم کڻي چيو هو تہ لعنت هجي انهيءَ تي جو بنيمين کي ڪا زال ڏئي.

19 تڏهن هنن چيو تہ ڏسو، سال بسال سيلا ۾ خداوند جي عيد ٿي ٿئي، جو بيت ايل جي اُتر ڏانهن جيڪو شاهي رستو بيت ايل کان سڪم ڏانهن ٿو وڃي، تنهن جي اُڀرندي پاسي ۽ لبونہ جي ڏکڻ ڏانهن آهي.

20 ۽ هنن بني بنيمين کي حڪم ڏيئي چيو تہ وڃو، ۽ ڊاک جي منهہ ۾ لڪي ويهي رهو؛

21 ۽ چتائي ڏسو تہ جيڪڏهن سيلا جون ڇوڪريون ناچن ۾ نچڻ لاءِ نڪري اچن، تہ اوهين ڊاک جي منهہ مان نڪري اچجو، ۽ اوهان مان هرڪو انهن سيلا جي ڇوڪرين مان هڪڙي هڪڙي پنهنجي لاءِ زال ڪري کڻي؛ ۽ پوءِ اوهين بنيمين جي ملڪ ۾ وڃي نڪرجو.

22 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن انهن جا ابا يا ڀائر اسان وٽ دانهن کڻي ايندا تڏهن اسين هنن کي چونداسين تہ اوهين مهرباني ڪري اُهي اسان کي ڏيو؛ ڇالاءِ جو جنگ ۾ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي لاءِ زال نہ ورتي؛ نڪي اوهان پاڻيهي اُهي اسان کي ڏنيون؛ ائين نہ ڪرڻ ڪري هينئر ڏوهہ اوهان جو آهي.

23 ۽ بني بنيمين ائين ئي ڪيو، ۽ جيڪي زالون نچڻ لاءِ آيون هيون تن مان پنهنجي تعداد موجب پنهنجي لاءِ زالون هٿ ڪيائون، پوءِ هو موٽي پنهنجي موروثي ملڪ ۾ ويا، ۽ شهر ٻڌائون ۽ انهن ۾ رهڻ لڳا.

24 انهيءَ وقت بني اسرائيل اُتان روانا ٿيا، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجي فرقي ۽ پنهنجي قبيلي ڏانهن ويو، ۽ اُتان وري هرڪو ماڻهو پنهنجي موروثي زمين ڏانهن ويو.

25 انهن ڏينهن ۾ اسرائيل منجهہ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو؛ سڀڪو ماڻهو جيئن هن کي مناسب نظر ايندو هو تيئن ڪندو هو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan