قاضين 20 - Sindhi Bible1 تڏهن سڀ بني اسرائيل هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا، ۽ جماعت جلعاد ۽ دان کان وٺي بيرسبع تائين، مصفاہ ۾، خداوند جي لاءِ گڏ ٿي، 2 ۽ سڄي قوم جا سردار، ۽ اسرائيل جي سڀني فرقن جا ماڻهو، جي خدا جي قوم جي جماعت ۾ اچي حاضر ٿيا، سي چار لک پيادا هئا، جن ترار ٿي کنئي. 3 (هاڻي بني بنيمين ٻڌو تہ بني اسرائيل مصفاہ ۾ آيا آهن). ۽ بني اسرائيل چيو تہ اسان کي ٻڌايو تہ هي خراب ڪم ڪيئن ٿيڻ ۾ آيو؟ 4 ۽ جيڪا زال ماري ويئي هئي، تنهن جي مڙس لاويءَ ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ پنهنجي سريت سميت بنيمين واري جبعہ ۾ آيس تہ اُتي رات ٽڪون. 5 جبعہ جا ماڻهو مون تي ڪاهي آيا، ۽ رات جو گهر جي چوڌاري مون کي وڪوڙي ويا؛ هنن منهنجي مارڻ جو خيال ڪيو، ۽ منهنجي سريت سان هنن زور زبردستي ڪئي، ۽ هوءَ مري ويئي. 6 ۽ پوءِ مون پنهنجي سريت کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ اُهي اسرائيل جي سڄي موروثي ملڪ ۾ موڪلي ڏنم: ڇالاءِ جو هنن اسرائيل ۾ برائي ۽ احمق پڻو ڪيو آهي. 7 اي اسرائيليو ڏسو، اوهين سڀ هتي پنهنجي صلاح، ۽ فيصلو ڏيو. 8 تڏهن سڀ ماڻهو متفق ٿي اُٿيا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسان مان ڪوبہ پنهنجي تنبوءَ ۾ نہ ويندو، نڪي اسان مان ڪوبہ پنهنجي گهر ڏانهن منهن ڪندو. 9 هاڻي اسين جبعہ سان هيئن ڪنداسين، اسين ڪڻا وجهي انهن تي ڪاهي وينداسين؛ 10 ۽ اسين اسرائيل جي سڀني فرقن مان، هر ڪنهن سؤ مان ڏهہ ماڻهو وٺنداسين، ۽ هر ڪنهن هزار مان هڪ سؤ، ۽ ڏهن هزارن مان هڪ هزار وٺنداسين، تہ قوم لاءِ کاڌو آڻين، ۽ جڏهن بنيمين واري جبعہ ۾ اچن تڏهن جيڪو احمق پڻو هنن اسرائيل ۾ ڪيو آهي، انهيءَ موجب هنن سان ڪن. 11 پوءِ سڀ اسرائيل جا ماڻهو متفق ٿي انهيءَ شهر تي ڪاهڻ لاءِ گڏ ٿيا. 12 ۽ اسرائيل جي فرقن بنيمين جي سڄي فرقي ڏانهن ماڻهو موڪليا ۽ چوايائون تہ هي ڪهڙو خراب ڪم آهي جو اوهان ۾ ٿي چڪو آهي؟ 13 تنهنڪري هاڻي انهن شيطان زادن کي، جي جبعہ ۾ آهن، اسان جي حوالي ڪريو، تہ اسين انهن کي قتل ڪريون، ۽ اسرائيل مان خرابي ڪڍي ڇڏيون، پر بني بنيمين پنهنجن ڀائرن بني اسرائيل جي ڳالهہ نہ مڃي. 14 ۽ بني بنيمين شهر مان اچي جبعہ ۾ گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل سان جنگ ڪن. 15 ۽ انهيءَ ڏينهن بني بنيمين شهرن منجهان ڇويهہ هزار ماڻهو گڏ ڪيا، جن ترار ٿي کنئي، ۽ انهن کان سواءِ جبعہ جا رهاڪو هئا، جي شمار ۾ ست سؤ چونڊيل ماڻهو هئا. 16 انهن سڀني مان ست سؤ چونڊيل ماڻهو کاٻڙيا هئا؛ انهن مان هڪڙو هڪڙو اهڙو هو جو کانڀاڻيءَ سان وار جهڙي سنهي شيءِ تي بہ پٿر اُڇلائي نشان چُٽي سگهندو هو، ۽ گسندو ڪين هو. 17 ۽ بنيمين جي مقابلي ۾ اسرائيل جا ماڻهو شمار ۾ چار لک جوان هئا، جن ترار ٿي کنئي؛ اهي سڀ جنگي پهلوان هئا. 18 ۽ بني اسرائيل اُٿيا ۽ بيت ايل ڏانهن ويا، ۽ خدا جي صلاح پڇيائون؛ ۽ هنن چيو تہ بني بنيمين سان وڙهڻ لاءِ اسان مان پهرين ڪير ڪاهي وڃي؟ ۽ خداوند چيو تہ يهوداہ پهرين وڃي. 19 ۽ بني اسرائيل صبح جو اُٿيا، ۽ جبعہ جي سامهون اچي منزل ڪيائون. 20 ۽ اسرائيل جا ماڻهو بنيمين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ويا، ۽ اسرائيل جا ماڻهو جبعہ ۽ انهن جي سامهون صفون ٻڌي جنگ لاءِ بيهي رهيا. 21 ۽ بني بنيمين جبعہ مان نڪري آيا، ۽ انهيءَ ڏينهن اسرائيل مان ٻاويهہ هزار ماڻهو ماري ناس ڪري زمين تي ڪيرائي وڌائون. 22 تڏهن اسرائيل جا ماڻهو پاڻ کي همتائي، جنهن هنڌ پهرئين ڏينهن صفون ٻڌي بيٺا هئا، انهيءَ هنڌ وري بہ جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺا. 23 (۽ بني اسرائيل وڃي شام تائين خداوند جي اڳيان رنو؛ ۽ هنن خداوند کان پڇيو ۽ چيائون تہ اسين پنهنجن ڀائرن بني بنيمين سان جنگ ڪرڻ لاءِ وري کين ويجها وڃون يا نہ؟ ۽ خداوند چيو تہ ڀلي هنن تي ڪاهي وڃو). 24 ۽ ٻئي ڏينهن بني اسرائيل بني بنيمين سان وڙهڻ لاءِ هنن کي ويجهو ويا. 25 ۽ انهيءَ ٻئي ڏينهن بني بنيمين جبعہ مان نڪري هنن تي ڪاهي آيا، ۽ وري بہ بني اسرائيل جا ارڙهن هزار ماڻهو ماري زمين تي ڪيرائي وڌائون؛ انهن سڀني ترار کنئي هئي. 26 تڏهن سڀ بني اسرائيل، بلڪ سڀ ماڻهو بيت ايل ۾ آيا، ۽ رنائون، ۽ اُتي خداوند جي اڳيان ويٺا، ۽ اُهو ڏينهن شام تائين روزو رکيائون؛ ۽ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون، خدا جي اڳيان چاڙهيائون. 27 ۽ بني اسرائيل خداوند کان پڇيو، (ڇالاءِ جو خداوند جي عهدنامي جي صندوق انهن ڏينهن ۾ اُتي هئي، 28 ۽ فينحاس، بن اليعزر، بن هارون، انهن ڏينهن ڏينهن ۾ انهيءَ جي اڳيان بيهندو هو) ۽ چيائين تہ آءٌ وري بہ پنهنجي ڀاءُ بني بنيمين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃان يا بس ڪري ويهي رهان؟ ۽ خداوند چيو تہ وڃ؛ ڇالاءِ جو سڀاڻي آءٌ هن کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيندس. 29 ۽ اسرائيل جبعہ جي چوڌاري ماڻهو لڪائي بيهاري ڇڏيا. 30 ۽ ٽئين ڏينهن بني اسرائيل بني بنيمين تي ڪاهي ويا، ۽ اڳين ڀيرن وانگر صفون ٻڌي جبعہ جي سامهون بيهي ويا. 31 ۽ بني بنيمين انهن تي ڪاهي آيا، ۽ شهر کان پري نڪري ويا؛ ۽ ٻين وقتن وانگر انهن ماڻهن کي شاهي رستن تي، جن مان هڪڙو بيت ايل ڏانهن ٿي ويو، ۽ ٻيو جبعہ ڏانهن، ميدان ۾ شڪست ڏيڻ، ۽ مارڻ شروع ڪيائون؛ ۽ اسرائيل جا اٽڪل ٽيهہ ماڻهو ماري ڇڏيائون. 32 ۽ بني بنيمين چيو تہ هو اڳي وانگر اسان جي اڳيان مارجي ويا، پر بني اسرائيل چيو تہ اچو تہ ڀڄون ۽ هنن کي شهر مان ڪڍي شاهي رستن تي آڻيون. 33 ۽ اسرائيل جا سڀ ماڻهو پنهنجي جاءِ تان اُٿيا، ۽ بعل تمر وٽ صفون ٻڌي بيٺا: ۽ اسرائيل جا لڪي بيٺل ماڻهو پنهنجي جاءِ تان، يعني معري جبعہ مان نڪري ٻاهر ٿيا. 34 ۽ ساري اسرائيل مان ڏهہ هزار چونڊيل ماڻهو جبعہ تي ڪاهي آيا، ۽ ڏاڍي سخت جنگ لڳي: پر هنن کي اها خبر ڪانہ هئي تہ مصيبت ستت مٿان اچڻي آهي. 35 ۽ خداوند بنيمين کي اسرائيل جي اڳيان شڪست ڏني: انهيءَ ڏينهن بنيمين جا پنجويهہ هزار هڪ سؤ ماڻهو بني اسرائيل ماري ناس ڪيا: انهن سڀني ترار کنئي هئي. 36 انهيءَ طرح بني بنيمين ڏٺو تہ شڪست کاڌي اٿن: ڇالاءِ جو اسرائيل جا ماڻهو بنيمين جي اڳيان اُٿي ڀڳا هئا، ڇو جو سندن ڀروسو انهن ماڻهن تي هو جي جبعہ وٽ لڪائي ويهاريا هئائون. 37 ۽ انهن لڪي ويٺل ماڻهن جلدي ڪري جبعہ تي حملو ڪيو؛ ۽ اهي لڪي ويٺل نڪري ٻاهر ٿيا، ۽ سڄي شهر کي ترار جي ڌار سان ماريائون. 38 هاڻي اسرائيل جي ماڻهن، ۽ لڪي ويٺل ماڻهن جي وچ ۾ اها نشاني مقرر ڪئي ويئي هئي تہ هو شهر مان دونهين جو وڏو ڪڪر مٿي چاڙهين. 39 ۽ اسرائيل جي ماڻهن جنگ ۾ پٺ ڏني، ۽ بنيمين اسرائيل جي ماڻهن کي مارڻ لڳا، ۽ اٽڪل ٽيهہ ماڻهو ماريائون: ڇالاءِ جو هنن چيو تہ پهرين وانگر هن ڀيري بہ هنن اسان جي اڳيان شڪست کاڌي آهي. 40 پر جڏهن شهر مان دونهين جو ٿنڀ مٿي چڙهڻ لڳو، تڏهن بنيمين پٺيان نهاريو ۽ ڏسن تہ سڄي شهر مان دونهون آسمان تائين پيو چڙهي. 41 تڏهن اسرائيل جي ماڻهن موٽي بنيمين جي ماڻهن کي حيران پريشان ڪيو: ڇالاءِ جو هنن ڏٺو تہ مصيبت اچي مٿان ڪڙڪي آهي. 42 تنهنڪري هو اسرائيل جي ماڻهن جي اڳيان پٺ ورائي بيابان جو رستو ڏيئي اُٿي ڀڳا؛ پر سندن پٺيان سخت لڙائي لڳي آئي؛ ۽ جيڪي شهرن مان نڪري آيا هئا، تن هنن کي پنهنجي وچ ۾ ماري ناس ڪري ڇڏيو. 43 هو بنيمين کي چوڌاري ڦري آيا ۽ هنن جي پٺيان پيا، ۽ اُلهندي ۾ جبعہ جي سامهون سندن لشڪرگاهہ ۾ کين لتاڙي ڇڏيائون. 44 ۽ بنيمين مان ارڙهن هزار ماڻهو مئا؛ اُهي سڀ همت وارا بهادر مرد هئا. 45 ۽ هو بيابان ڏانهن منهن ڪري رمون جي ٽڪر ڏانهن ڀڳا: ۽ شاهي رستن تان هنن پنج هزار ماڻهو گڏ ڪيا، ۽ جدوم تائين هنن کي سوڙها پوندا ڀڄائيندا ويا، ۽ انهن مان ٻہ هزار ماڻهو ماري وڌائون. 46 انهيءَ طرح بنيمين جا جيڪي ماڻهو انهي ڏينهن مئا سي پنجويهہ هزار ترار کڻندڙ ماڻهو هئا؛ اُهي سڀ همت وارا پهلوان هئا. 47 پر ڇهہ سؤ ماڻهو منهن ڦيرائي بيابان ڏي رمون جي ٽڪر تي ڀڄي ويا، ۽ رمون جي ٽڪر تي چار مهينا رهي پيا. 48 پوءِ اسرائيل جا ماڻهو وري بنيمين تي ڪاهي آيا، ۽ سڄي شهر کي، ۽ سموري چوپائي مال کي، ۽ ٻيو جيڪي اُتي لڌائون، تنهن کي ترار جي ڌار سان ماريائون، تنهن کان سواءِ جيڪي شهر ڏٺائون سي بہ باهہ ڏيئي ساڙيائون. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society