قاضين 19 - Sindhi Bible1 انهن ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو، ۽ هيئن ٿيو تہ افرائيم جي ڪوهستان جي پرين پاسي هڪڙو لاوي رهندو هو، جنهن بيت لحم يهوداہ جي هڪڙي زال سريت ڪري پاڻ وٽ رکي هئي. 2 ۽ هن جي سريت کانئس ڦري ڪسبياڻي ٿي، ۽ هن وٽان ڀڄي بيت لحم يهوداہ ڏانهن، پنهنجي پيءُ جي گهر هلي ويئي، ۽ اُتي چار مهينا وڃي رهي. 3 ۽ هن جو مڙس اُٿيو، ۽ اُتي ويو تہ هن کي پرچائي موٽائي وٺي اچي، ۽ هو پاڻ سان پنهنجو نوڪر، ۽ ٻہ گڏهہ بہ وٺي ويو: ۽ انهيءَ زال هن کي پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ آندو، ۽ جڏهن انهيءَ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي ڏٺو تڏهن هن سان ملاقات ڪرڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو. 4 ۽ هن جي سهري، يعني انهيءَ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي رهائي ڇڏيو؛ ۽ هو هن وٽ ٽي ڏينهن رهيو: انهيءَ طرح اُتي هنن کاڌو پيتو ۽ ٽڪي پيا. 5 ۽ چوٿين ڏينهن هيئن ٿيو تہ صبح جو سوير هو اُٿيا، ۽ هو موڪلائي وڃڻ لاءِ سنبريو، تڏهن ڇوڪريءَ جي پيءُ پنهنجي ناٺيءَ کي چيو تہ ماني ٽڪر کائي پنهنجي دل کي آرام ڏي، ۽ پوءِ ڀلي پنهنجو رستو وٺي هليو وڃج. 6 تڏهن هو ٻئي ڄڻا ويهي رهيا، ۽ گڏجي کاڌائون پيتائون. پوءِ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي چيو تہ هاڻي راضي ٿي رات رهي پنهنجي دل کي خوش ڪر. 7 ۽ هو ماڻهو وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، پر سندس سهري زور لاتس تنهنڪري هو وري ٽڪي پيو. 8 ۽ پنجين ڏينهن صبح جو سوير هو وڃڻ لاءِ سنبريو؛ تڏهن ڇوڪريءَ جي پيءُ چيس تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجي دل کي آرام ڏي، ۽ جيستائين ڏينهن لڙي تيستائين ترسي پئُہ: پوءِ هنن ٻنهي گڏجي ماني کاڌي. 9 ۽ جڏهن اُهو ماڻهو ۽ سندس سريت ۽ سندس نوڪر اُٿي هلڻ لڳا، تڏهن هن جي سهري، يعني ڇوڪريءَ جي پيءُ، هن کي چيو تہ ڏس، هاڻي ڏينهن لهندو وڃي، تون هتي رات ٽڪي پئُہ تہ تنهنجي دل خوش ٿئي، ڇالاءِ جو ڏس تہ ڏينهن لهڻ تي آهي؛ ۽ سڀاڻي سوير اُٿي پنڌ پئجانءِ تہ پنهنجي گهر وڃين. 10 پر انهيءَ ماڻهو اُها رات اُتي ٽڪڻ جي نہ ڪئي، ۽ اُٿي هليو، ۽ يبوس جي سامهون آيو (جو يروشلم آهي): ۽ هن سان ٻہ گڏهہ زين پيل هئا؛ ۽ سندس سريت بہ ساڻس هئي. 11 جڏهن هو يبوس جي ڀرسان ويا تڏهن ڏينهن گهڻو گذري ويو هو: ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ کي چيو تہ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اسين هلي رات يبوسين جي هن شهر ۾ ٽڪون. 12 ۽ هن جي مالڪ هن کي چيو تہ اسين ڌارين جي شهر ۾ ڪين ٽڪنداسين، جي بني اسرائيل مان ناهن؛ پر اسين لنگهي جبعہ ۾ هلنداسين. 13 تڏهن هن پنهنجي نوڪر کي چيو تہ اچ تہ هنن جاين مان هڪڙيءَ ڏانهن هلون؛ ۽ اسين جبعہ يا رامہ ۾ ٽڪي پونداسين. 14 تڏهن هو اڳتي پنهنجو رستو وٺي هليا؛ ۽ جبعہ جي ويجهو هنن کي سج لهي ويو، ۽ اهو شهر بنيمين جو هو. 15 ۽ اُتي هو ڦريا تہ جبعہ ۾ وڃي ٽڪن: ۽ هو اندر ويو ۽ شهر جي رستي تي ويهي رهيو: ڇالاءِ جو اهڙو ڪوبہ ماڻهو ڪونہ هو جو هنن کي پنهنجي گهر وٺي وڃي. 16 ۽ ڏسو، هڪڙو ڪراڙو مرد شام جو ٻنيءَ مان ڪم ڪري موٽيو پئي آيو؛ هاڻي اُهو ماڻهو افرائيم جي ڪوهستان جو هو، ۽ جبعہ ۾ رهندو هو: پر انهيءَ شهر جا ماڻهو بنيميني هئا. 17 ۽ هن نهاريو ۽ انهيءَ مسافر کي شهر جي رستي تي ڏٺائين؛ ۽ انهيءَ پير مرد چيس تہ تون ڪٿان ٿو اچين ۽ ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ 18 تڏهن هن چيس تہ اسين بيت لحم يهوداہ کان لنگهي افرائيم جي ڪوهستان جي پرئين پاسي ٿا وڃون: آءٌ اچان بہ اُتان ٿو، ۽ بيت لحم يهوداہ ڏانهن ويو هوس: ۽ آءٌ هاڻي خداوند جي گهر ڏانهن ٿو وڃان؛ ۽ اهڙو ڪو ماڻهو ڪونهي جو مون کي پنهنجي گهر ۾ وٺي هلي. 19 اسان کي پنهنجي گڏهن لاءِ گاهہ داڻو اڃا موجود آهي؛ ۽ منهنجي لاءِ ۽ تنهنجي ٻانهيءَ لاءِ، ۽ ٻيو جيڪو جوان تنهنجي ٻانهن سان آهي، تن جي لاءِ اسان وٽ ماني ۽ شراب موجود آهي؛ ڪنهن بہ شيءِ جي گهرج ڪانهي. 20 تڏهن هن پير مرد چيس تہ شل تون سلامت رهين، پر ڀلي جيڪي توکي گهرجي سو مون تي هجي؛ رڳو ايترو ڪر جو رستي تي نہ ٽڪ. 21 پوءِ هو انهن کي پنهنجي گهر وٺي ويو، ۽ گڏهن کي چارو ڏنائين؛ ۽ هنن پنهنجا پير ڌوتا، ۽ کاڌائون پيتائون. 22 هنن پنهنجيون دليون خوش ويٺي ڪيون تہ اوچتو شهر جا ماڻهو، ڪي شيطان زادا، گهر کي چوڌاري وڪوڙي ويا، ۽ در کڙڪائڻ لڳا؛ ۽ گهر جي مالڪ، يعني انهيءَ پير مرد کي چوڻ لڳا، تہ جيڪو ماڻهو تنهنجي گهر ۾ آيو، تنهن کي ڪڍي اچ تہ اسين انهي جي خبر لهون. 23 ۽ اُهو پير مرد گهر جو مالڪ ٻاهر نڪري هنن وٽ ويو، ۽ هنن کي چوڻ لڳو تہ نہ، اي منهنجا ڀائرو، آءٌ منٿ ٿو ڪريان، تہ اهڙو خراب ڪم متان ڪريو؛ جڏهن هو ماڻهو منهنجي گهر ۾ آيو آهي، تڏهن اهڙي بي عقلي متان ڪريو. 24 ڏسو، منهنجي ڪنواري ڌيءَ، ۽ هن جي سريت ٻئي حاضر آهن؛ انهن کي آءٌ ٻاهر وٺي ٿو اچان، اوهين هنن کي بي آبرو ڪريو، ۽ جيڪي اوهان کي مناسب نظر اچي سو ساڻن ڪريو: پر هن شخص سان اهڙو بي عقليءَ جو ڪم متان ڪريو. 25 پر هنن ماڻهن هن جي ڳالهہ نہ مڃي: تڏهن هن پنهنجي سريت هنن وٽ آندي؛ ۽ هنن انهي سان صحبت ڪئي، ۽ سڄي رات صبح تائين انهيءَ سان بڇڙي هلت ڪيائون: ۽ جڏهن پرهہ ڦٽڻ لڳي تڏهن هنن ڇڏي ڏنس. 26 تڏهن اُها زال پرهہ ڦٽيءَ مهل آئي، ۽ جنهن ماڻهوءَ جي گهر سندس مڙس رهيل هو، تنهن جي در تي ڪري پيئي، جيستائين ڪ سوجهرو ٿيو. 27 ۽ هن جو مڙس صبح جو اُٿيو، ۽ گهر جا در پٽيائين، تہ پنهنجو رستو وٺي وڃي: ۽ ڏسو، اُها زال هن جي سريت پنهنجا هٿ گهر جي در جي چانئٺ تي رکي ڪري پئي هئي. 28 ۽ هن چيس تہ اُٿ تہ هلون؛ پر جواب ڏيڻ وارو ڪو ڪونہ هو: تڏهن هن انهي کي کڻي گڏهہ تي رکيو، ۽ اُهو ماڻهو اُٿي پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو. 29 ۽ جڏهن هو پنهنجي گهر آيو تڏهن، هڪڙو ڪپ کڻي هن پنهنجي سريت کي ڪپي عضوو عضوو ڌار ڪري، ان جا ٻارهن ٽڪر ڪيائين، ۽ اُهي اسرائيل جي سڀني سرحدن ڏانهن موڪليائين. 30 ۽ هيئن ٿيو تہ جن انهي کي ٿي ڏٺو، تن سڀني ٿي چيو تہ جنهن ڏينهن کان بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا، تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، اهڙو ڪم نہ ڪيو ويو نہ ڏٺو ويو آهي: ويچار ڪريو ۽ انهيءَ بابت صلاح مشورو ڪريو، ۽ ٻڌايو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society