قاضين 18 - Sindhi Bible1 انهن ڏينهن ۾ اسرائيل ۾ ڪوبہ بادشاهہ ڪونہ هو: ۽ دان جو فرقو انهي ڳولا ۾ هو تہ پنهنجي لاءِ ڪا ميراث هٿ ڪري ۽ هو اُتي رهن؛ ڇالاءِ جو اُنهي ڏينهن تائين هنن کي اسرائيل جي فرقن مان ڪو ورثو نہ مليو هو. 2 ۽ بني دان پنهنجي سڄي قبيلي مان پنج همت وارا ماڻهو، صرعہ ۽ استال مان، جاسوس ڪري موڪليا تہ زمين ڳولي ڏسي اچن، ۽ انهن کي چيائون تہ وڃي زمين ڳوليو، ۽ هو افرائيم جي ڪوهستان ۾ آيا، ۽ ميڪاہ جي گهر ۾ اچي ٽڪيا. 3 جڏهن هو ميڪاہ جي گهر کي ويجهو آيا، تڏهن هنن انهيءَ جوان لاويءَ جو آواز سڃاتو؛ ۽ هو ڦري اُتي آيا، ۽ هن کي چيائون تہ توکي هت ڪنهن آندو؟ ۽ تون هتي ڇا ٿو ڪرين؟ ۽ تنهنجو هتي ڇا آهي؟ 4 ۽ هن چين تہ ميڪاہ مون سان ههڙو سلوڪ ڪيو آهي، ۽ هن مون کي ڀاڙي تي رکيو آهي، ۽ آءٌ هن جو ڪاهن ٿيو آهيان. 5 تڏهن هنن چيس تہ اسين توکي منٿ ٿا ڪريون تہ تون خدا کان پڇي ٻڌاءِ تہ اسان کي خبر پوي تہ جيڪو رستو اسين وٺي ٿا وڃون، سو سڳورو ٿيندو يا نہ. 6 ۽ ڪاهن هنن کي چيو تہ سلامتيءَ سان هليا وڃو: جنهن رستي تي اوهين وڃو ٿا سو خداوند جي اڳيان آهي. 7 تڏهن اُهي پنج ماڻهو اُتان روانا ٿيا، ۽ ليس ۾ آيا، ۽ ڏٺائون تہ جيڪي ماڻهو اُتي هئا، تن صيدانين وانگر آرام ۽ امن ۾ پئي گذاريو؛ ڇالاءِ جو انهيءَ ملڪ ۾ ڪوبہ اختياريءَ وارو ڪونہ هو، جو هنن کي ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو ڪري، ۽ اُهي صيدانين کان پري هئا، ۽ ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان واسطو ڪونہ هون. 8 ۽ هو صرعہ ۽ استال ۾ پنهنجن ڀائرن وٽ آيا: ۽ سندن ڀائرن انهن جو احوال پڇيو تہ هو ڇا ٿا چون؟ 9 تڏهن هنن چيو تہ اُٿو تہ هلي هنن جو مقابلو ڪريون: ڇالاءِ جو اسان زمين ڏٺي آهي، ۽ اُها تمام عمدي آهي: ۽ اوهين ماٺ ڪري ويٺا آهيو ڇا؟ هلي انهيءَ زمين کي هٿ ڪريو، ۽ منجهس رهو، ۽ سستي نہ ڪريو. 10 جڏهن اوهين هلندا تڏهن هڪڙي امن ۾ رهندڙ قوم ڏسندا؛ ۽ اُها زمين گهڻي آهي: ڇالاءِ جو اها خداوند اوهان جي هٿ ۾ ڏني آهي؛ اهڙي جاءِ آهي جنهن ۾ ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ناهي. 11 ۽ اُتان دان جي قبيلي مان، صرعہ ۽ استال منجهان ڇهہ سؤ ماڻهو جنگ جا هٿيار ٻڌي نڪتا. 12 ۽ هو مٿي چڙهي ويا، ۽ يهوداہ ۾ قريت يعريم ۾ وڃي منزل ڪيائون: جنهنڪري انهي جاءِ کي اڄ ڏينهن تائين منح دان ڪري سڏيندا آهن: ڏسو، اُهو قريت يعريم جي پٺيان آهي. 13 ۽ اُتان هو لنگهي افرائيم جي ڪوهستان ڏانهن ويا، ۽ ميڪاہ جي گهر آيا. 14 تڏهن جيڪي پنج ماڻهو ليس جي ملڪ ڏسڻ لاءِ جاسوس ٿي ويا هئا، تن پنهنجي ڀائرن کي چيو، تہ اوهان کي خبر آهي تہ هنن گهرن ۾ هڪڙو افود ۽ ترافيم، ۽ هڪڙي اُڪريل مورت، ۽ هڪڙو پلٽيل بت رکيل آهي؟ تنهنڪري هاڻي خيال ڪريو تہ اوهان کي ڇا ڪرڻ گهرجي. 15 ۽ هو اُنهيءَ پاسي ڦري ويا ۽ انهيءَ لاوي جوان جي گهر ۾ آيا، يعني ميڪاہ جي گهر ۾ آيا، ۽ سندس حال احوال پڇڻ لڳا. 16 ۽ اُهي ڇهہ سؤ ماڻهو جنگ جي هٿيارن وارا، جي بني دان مان هئا، سي دروازي جي لنگهہ وٽ بيهي رهيا. 17 ۽ جيڪي پنج ماڻهو زمين جي جاسوسي ڪرڻ ويا هئا، سي اُتي ويا، ۽ اُها اُڪريل مورت، ۽ افود، ۽ ترافيم، ۽ پلٽيل بت هٿ ڪيائون: ۽ ڪاهن انهن ڇهن سوَن جنگ جي هٿيار ٻڌل ماڻهن سان دروازي جي لنگهہ وٽ بيهي رهيو. 18 ۽ جڏهن هي ميڪاہ جي گهر ويا، ۽ اُڪريل مورت، ۽ افود، ۽ ترافيم ۽ پلٽيل بت ڪڍيائون، تڏهن ڪاهن هنن کي چوڻ لڳو تہ اوهين ڇا ٿا ڪريو؟ 19 ۽ هنن چيس تہ ماٺ ڪر، پنهنجو وات بند ڪر، اسان سان هل ۽ اسان جو ابو ۽ ڪاهن ٿيءُ، تنهنجي لاءِ اهو بهتر آهي تہ هڪڙي ماڻهوءَ جي گهر جو ڪاهن ٿين، يا اسرائيل ۾ هڪڙي فرقي، ۽ هڪڙي قبيلي جو ڪاهن ٿين؟ 20 تڏهن ڪاهن جي دل خوش ٿي، ۽ هن افود، ۽ ترافيم ۽ اُڪريل مورت کنئي، ۽ انهن سان گڏجي ويو. 21 پوءِ هو ڦري روانا ٿيا، ۽ ٻار ٻچا، ۽ چوپايو مال ۽ سامان اسباب پنهنجي اڳيان ڪڍيائون. 22 جڏهن هو ميڪاہ جي گهر کان ڳچ پنڌ نڪري ويا، تڏهن جيڪي ماڻهو ميڪاہ جي گهر جي ويجهو گهرن ۾ هئا، سي اچي گڏ ٿيا، ۽ وڃي بني دان کي پهتا. 23 ۽ هنن بني دان کي هڪل ڏني، ۽ هنن پنهنجا منهن ورايا، ۽ ميڪاہ کي چيائون تہ توکي ڪهڙو مرض لڳو آهي جو هيءَ جماعت گڏ ڪري آيو آهين؟ 24 ۽ هن چيو تہ جيڪي معبود مون جوڙيا هئا سي، ۽ ڪاهن اوهين کڻي هليا ويا آهيو، باقي مون وٽ ڇا بچيو آهي؟ تڏهن اوهين ڪيئن مون کي چئو ٿا تہ توکي ڪهڙو مرض لڳو آهي؟ 25 ۽ بني دان هن کي چيو تہ ائين نہ ڪر جو تنهنجو آواز اسان کي ٻڌڻ ۾ اچي، متان ڪاوڙيل ماڻهو توتي ڪاهي پون، ۽ تنهنجي جان، ۽ تنهنجي گهراڻي جون جانيون وڃن. 26 تڏهن بني دان پنهنجي واٽ وٺي هليا ويا: ۽ جڏهن ميڪاہ ڏٺو تہ هو کانئس ڏاڍا آهن تڏهن منهن ڦيرائي موٽي پنهنجي گهر هليو ويو. 27 ۽ هو جيڪي ميڪاہ جوڙيو هو سو، ۽ جيڪو ڪاهن وٽس هو سو، وٺي ليس ۾ انهن ماڻهن تي اچي پيا، جي آرام ۽ امن ۾ ويٺا هئا؛ ۽ انهن کي ترار جي ڌار سان ماريائون، ۽ انهن جو شهر باهہ سان ساڙي ڇڏيائون. 28 ۽ ڪوبہ ڇڏائڻ وارو ڪونہ هو؛ ڇالاءِ جو اُهو صيدا کان پري هو، ۽ انهن جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان واسطو ڪونہ هو؛ ۽ اُهو بيت رحوب جي پاسي واريءَ واديءَ ۾ هو، ۽ هنن اُهو شهر ٻڌو، ۽ منجهس رهڻ لڳا. 29 ۽ انهيءَ شهر جو نالو هنن دان رکيو، يعني پنهنجي پيءُ دان جي نالي پٺيان، جو اسرائيل جو پٽ هو: پر اڳي انهيءَ شهر جو نالو ليس هو. 30 ۽ بني دان اُها اُڪريل مورت پنهنجي لاءِ بيهاري ڇڏي: ۽ يونتن، بن جيرسوم، بن موسيٰ، ۽ سندس پٽ، دان جي فرقي جا ڪاهن ٿيا، جيستائين ڪ انهيءَ ملڪ جا رهاڪو قيد ٿي ويا. 31 انهي طرح جيستائين خدا جو گهر سيلا ۾ هو، تيستائين ميڪاہ واري اُڪريل مورت هنن پاڻ وٽ بيهاري رکي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society