قاضين 14 - Sindhi Bible1 ۽ سمسون تمنت ڏانهن ويو، ۽ تمنت ۾ فلستين جي ڌيئرن مان هڪڙي زال ڏٺائين. 2 ۽ هو پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ وٽ آيو، ۽ چيائين تہ مون تمنت ۾ فلستين جي ڌيئرن مان هڪڙي زال ڏٺي آهي: تنهنڪري هاڻي انهيءَ کي وٺي مون سان پرڻايو. 3 تڏهن هن جي ماءُ پيءُ هن کي چيو تہ تنهنجن ڀائرن جي ڌيئرن ۾، يا منهنجي سڄي قوم ۾، ڪا زال ڪانهي ڇا جو تون اڻ طهريلن فلستين مان پرڻجڻ ٿو چاهين؟ ۽ سمسون پنهنجي پيءُ کي چيو تہ مون کي اُها وٺي ڏي؛ ڇالاءِ جو اُها مون کي پسند آهي. 4 پر هن جي ماءُ پيءُ کي اها خبر نہ هئي تہ اها ڳالهہ خداوند وٽان آهي؛ ڇالاءِ جو هن فلستين سان وڙهڻ جو وجهہ پئي ڳوليو. هاڻي انهيءَ وقت فلستين جو اسرائيل تي حڪم هلندو هو. 5 تڏهن سمسون ۽ هن جا ماءُ پيءُ تمنت ڏانهن ويا، ۽ تمنت جي ڊاک جي منهہ ۾ آيا: ۽ هن ڏٺو تہ هڪڙو جوان شينهن مٿس گجگوڙ ڪري چڙهي پيو اچي. 6 ۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ هن انهيءَ کي ائين ڦاڙي وڌو، جيئن هو ڪنهن ڇيلي کي ڦاڙي، ۽ هن جي هٿ ۾ ڪجهہ بہ ڪين هو: پر هن جيڪي ڪيو سو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي نہ ٻڌايائين. 7 ۽ هن وڃي انهيءَ زال سان ڳالهايو؛ ۽ هوءَ سمسون کي ڏاڍي وڻي. 8 ۽ ٿوري وقت کان پوءِ هو انهيءَ کي وٺڻ جي لاءِ موٽي ويو، ۽ اُتان ڦري شينهن جي لاش ڏسڻ لاءِ ويو: ۽ ڏسي تہ شينهن جي لاش ۾ ماکيءَ جي مکين جو مانارو آهي ۽ ماکي بہ آهي. 9 تڏهن هن اُها پنهنجي هٿن ۾ کنئي ۽ اُها کائيندو اڳتي هليو، ۽ پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ وٽ آيو ۽ انهن کي بہ ڏنائين، ۽ انهن بہ اُها کاڌي؛ پر هن انهن کي نہ ٻڌايو تہ اُها ماکي شينهن جي لاش مان ڪڍي هئائين. 10 ۽ هن جو پيءُ انهيءَ زال وٽ لهي ويو: ۽ سمسون اُتي هڪڙي مجلس ڪئي؛ ڇالاءِ جو جوان ماڻهو ائين ڪندا هئا. 11 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن انهن هن کي ڏٺو تڏهن ٽيهہ ڄڻا هن جي سنگت لاءِ آندائون. 12 ۽ سمسون انهن کي چيو تہ آءٌ اوهان کي هڪڙي پرولي ٿو ڏيان: جيڪڏهن اُها اوهان مجلس وارن ستن ڏينهن جي اندر سلي، ۽ انهي جي سمجهاڻي مون کي ٻڌائي، تہ آءٌ اوهان کي ڪتيل سوٽي سڻيءَ جون ٽيهہ پوشاڪون، ۽ ٽيهہ ڪپڙن جا وڳا ڏيندس: 13 پر جي اُها اوهين نہ سلي سگهيا تہ اوهين مون کي ڪتيل سڻيءَ جون ٽيهہ پوشاڪون، ۽ ٽيهہ ڪپڙن جا وڳا ڏجو. ۽ هنن چيس تہ پنهنجي پرولي بيان ڪر تہ اسين ٻڌون. 14 ۽ هن انهن کي چيو تہ کائڻ واري مان کاڌو نڪتو، ۽ زور واري مان مٺاڻ نڪري آيو. ۽ هو ٽن ڏينهن تائين اُها پرولي سلي نہ سگهيا. 15 ۽ ستين ڏينهن هيئن ٿيو تہ هنن سمسون جي زال کي چيو تہ پنهنجي مڙس کي ڌتار تہ هو اسان کي اها پرولي سلي ٻڌائي، نہ تہ اسين توکي، ۽ تنهنجي پيءُ جي گهر کي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏينداسين: اوهان اسان کي انهيءَ لاءِ ڪوٺيو ڇا تہ اسان کي ڦري غريب ڪري ڇڏيو؟ ائين ناهي ڇا؟ 16 تڏهن سمسون جي زال هن جي اڳيان رنو، ۽ چوڻ لڳي تہ تون مون کي پيار نٿو ڪرين بلڪ ڌڪارين ٿو: تو منهنجي قوم جي ماڻهن کي ڪا پرولي ڏني آهي، پر اُها تو مون کي نہ ٻُڌائي آهي، ۽ هن چيس تہ مون اُها پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي بہ نہ ٻڌائي آهي سو اُها توکي ٻڌائيندس ڇا؟ 17 ۽ اُهي ست ڏينهن جن ۾ اُها مجلس پئي هلي، سي هن سندس اڳيان پئي رنو: ۽ هيئن ٿيو تہ ستين ڏينهن جڏهن هن کيس گهڻو زور ڪيو تڏهن هن اُها ٻڌايس. پوءِ هن وڃي اُها پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ٻڌائي. 18 ۽ انهيءَ ستين ڏينهن سج لٿي کان اڳي شهر جي ماڻهن هن کي چيو تہ ماکيءَ کان مٺي ٻي ڪا شيءِ آهي ڇا؟ ۽ شينهن کان وڌيڪ ٻيو ڪو زوراور آهي ڇا؟ تڏهن هن انهن کي چيو تہ، جيڪڏهن اوهين منهنجي گابيءَ سان هر نہ کيڙيو ها، تہ منهنجي پرولي سلي نہ سگهو ها. 19 ۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ هو اسقلون ۾ لهي ويو، ۽ انهن جا ٽيهہ ماڻهو ماري انهن جو مال ڦريائين، ۽ جن پرولي سلي انهن کي ڪپڙن جا وڳا ڏنائين، ۽ هن جي ڪاوڙ ڀڙڪي، ۽ هو پنهنجي پيءُ جي گهر موٽي ويو. 20 ۽ سمسون جي زال هن جي هڪڙي سنگتيءَ کي ڏني ويئي، جنهن کي هن پنهنجو دوست ڪيو هو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society