قاضين 1 - Sindhi Bible1 ۽ يشوع جي وفات ڪرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو بني اسرائيل خداوند کان پڇيو، تہ اسان جي لاءِ ڪير پهرين ڪنعانين سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهن تي ڪاهي وڃي؟ 2 ۽ خداوند فرمايو تہ يهوداہ وڃي: ڏسو مون اُهو ملڪ هن جي هٿ ۾ ڏنو آهي. 3 تڏهن يهوداہ پنهنجي ڀاءُ شمعون کي چيو تہ تون منهنجي حصي ۾ مون سان هل، تہ هلي ڪنعانين سان وڙهون؛ ۽ ساڳيءَ طرح آءٌ بہ تنهنجي حصي ۾ تو سان گڏجي هلندس. پوءِ شمعون هن سان گڏجي ويو. 4 ۽ يهوداہ چڙهي ويو، ۽ خداوند ڪنعاني ۽ فرزي هن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيا: ۽ هنن انهن مان ڏهہ هزار ماڻهو بزق ۾ ماريا. 5 ۽ هنن ادوني بزق کي بزق ۾ لڌو: ۽ هن سان وڙهيا، ۽ ڪنعانين، ۽ فرزين کي ماريائون. 6 پر ادوني بزق ڀڄي ويو؛ ۽ هو انهيءَ جي پٺيان پيا، ۽ وڃي پڪڙيائونس، ۽ هن جي هٿن ۽ پيرن جا آڱوٺا وڍي ڇڏيائون. 7 تڏهن ادوني بزق چيو تہ ستر بادشاهہ هٿن پيرن جي آڱوٺن وڍيل، منهنجي دسترخاني هيٺ مانيءَ جا ڀور گڏ ڪري کائيندا هئا. جيئن مون ڪيو، تيئن خدا بہ مون کي بدلو ڏنو. پوءِ کيس يروشلم ۾ وٺي ويا، ۽ هو اُتي مري ويو. 8 ۽ بني يهوداہ يروشلم سان جنگ ڪئي، ۽ اُهو ورتائون، ۽ انهيءَ کي ترار جي ڌار سان ماريائون ۽ شهر کي باهہ ڏنائون. 9 تنهن کان پوءِ بني يهوداہ انهن ڪنعانين سان جنگ ڪرڻ لاءِ ڪاهي ويا، جي ڪوهستان ۾ ڏکڻ ڏانهن ماٿريءَ ۾ رهندا هئا. 10 ۽ يهوداہ انهن ڪنعانين تي بہ ڪاهي ويو جي حبرون ۾ رهندا هئا: (هاڻي حبرون جو نالو اڳي قريت اربع هو): ۽ هنن سيسي ۽ اخيمان، ۽ تلميءَ کي ماريو. 11 ۽ اُتان هو دبير جي رهاڪن تي ڪاهي ويو، (هاڻي دبير جو نالو اڳي قريت سفر هو). 12 ۽ ڪالب چيو تہ جيڪو قريت سفر کي ماري وٺندو، تنهن کي آءٌ پنهنجي ڌيءَ عڪسہ پرڻائي ڏيندس. 13 ۽ ڪالب جي ننڍي ڀاءُ قنز جي پٽ غٿني ايل اُهو ورتو: ۽ هن انهيءَ کي پنهنجي ڌيءَ عڪسہ پرڻائي ڏني. 14 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هوءَ پنهنجي مڙس وٽ آئي، تڏهن انهي کي چوريائين تہ سندس پيءُ کان هڪڙي ٻني گهري ۽ هوءَ پنهنجي گڏهہ تان لهي پيئي: تڏهن ڪالب چيس تہ تنهنجي ڪهڙي مرضي آهي؟ 15 هن کيس چيو تہ مون کي بخشش ڏي؛ ڇالاءِ جو تو مون کي ڏکڻ واري زمين ڏني آهي؛ مون کي پاڻيءَ جا چشما بہ ڏي. تڏهن ڪالب هن کي مٿيان توڙي هيٺيان چشما ڏنا. 16 ۽ موسيٰ جي سالي قينيءَ جا پٽ، کجورين واري شهر مان، بني يهوداہ سان گڏجي، يهوداہ جي بيابان ۾ ويا، جو عراد جي ڏکڻ ۾ آهي؛ ۽ هو وڃي انهن ماڻهن سان گڏ رهڻ لڳا. 17 ۽ يهوداہ پنهنجي ڀاءُ شمعون سان گڏجي روانو ٿيو، ۽ جيڪي ڪعناني صفت ۾ رهندا هئا تن کي هن وڃي شڪست ڏني، ۽ اُنهن کي صفا ناس ڪري ڇڏيائون، ۽ انهيءَ شهر جو نالو حرمہ سڏجڻ لڳو. 18 ۽ يهوداہ، غزہ، ان جي سرحد سميت، اسقلون، ان جي سرحد سميت، ۽ عقرون، ان جي سرحد سميت بہ ورتو. 19 ۽ خداوند يهوداہ سان هو؛ ۽ هن انهيءَ ڪوهستان جا رهاڪو هڪالي ڪڍيا؛ ڇالاءِ جو هو انهيءَ واديءَ جي رهاڪن کي هڪالي نہ ڪڍي سگهيو، جو هنن وٽ لوهہ جون جنگي گاڏيون هيون. 20 ۽ هنن حبرون ڪالب کي ڏنو، جيئن موسيٰ چيو هو: ۽ هن اُتان عناق جا ٽي پٽ هڪالي ڪڍي ڇڏيا. 21 ۽ بني بنيمين يروشلم ۾ رهندڙ يبوسين کي نہ ڪڍيو، پر يبوسي بني بنيمين سان اڄ تائين يروشلم ۾ رهندا اچن. 22 ۽ يوسف جو گهراڻو بہ بيت ايل تي چڙهي ويو: ۽ خداوند انهن سان هو: 23 ۽ يوسف جي گهراڻي ڪي جاسوس موڪليا تہ بيت ايل ڏسي اچن: (هاڻي انهي شهر جو نالو اڳي لوز هو). 24 ۽ جاسوسن هڪڙو ماڻهو شهر مان نڪرندي ڏٺو، ۽ انهي کي چيائون تہ مهرباني ڪري اسان کي شهر ۾ گهڙڻ جو رستو ڏيکار، اسين تو سان ڀلائي ڪنداسين. 25 ۽ هن انهن کي شهر ۾ گهڙڻ جو رستو ڏيکاريو، ۽ انهن شهر کي ترار جي ڌار سان ماري ورتو؛ پر انهيءَ ماڻهوءَ کي سندس ڪٽنب سميت ڇڏي ڏنائون. 26 ۽ اهو ماڻهو حتين جي ملڪ ۾ ويو، ۽ اُتي هڪڙو شهر ٻڌائين، ۽ انهي جو نالو لوز رکيائين: جو نالو انهيءَ تي اڄ ڏينهن تائين هليو اچي. 27 ۽ منسيءَ، بيت شان ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي هڪالي نہ ڪڍيو، نڪي تعناڪ، ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي ڪڍيائين، نڪي دور، ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي ڪڍيائين، نڪي ابليعام، ۽ ان جي شهرن جي رهاڪن کي ڪڍيائين، ۽ نڪي مجدو، ۽ ان جي شهرن جي ماڻهن کي ڪڍيائين: پر ڪنعاني انهيءَ ملڪ ۾ رهندا آيا: 28 ۽ هيئن ٿيو جو جڏهن اسرائيل زور ورتو تڏهن ڪنعانين کان بيگر ۾ سخت ڪم وٺڻ لڳا، پر هنن کي هڪالي نہ ڪڍيائون. 29 ۽ افرائيم انهن ڪنعانين کي هڪالي نہ ڪڍيو، جي جزر ۾ رهندا هئا؛ پر ڪنعاني انهن سان گڏ جزر ۾ رهندا آيا. 30 زبولون، قطرون جي رهاڪن، ۽ نهلال جي رهاڪن کي هڪالي نہ ڪڍيو، پر ڪنعاني انهيءَ منجهہ رهندا آيا، ۽ ڍل ڀرڻ لڳا. 31 آشر، عڪو جي رهاڪن، ۽ صيدا جي رهاڪن، ۽ احلاب جي، ۽ اڪزيب جي ۽ حلبہ جي، ۽ افيق، ۽ رحوب جي رهاڪن کي بہ هڪالي نہ ڪڍيو. 32 پر آشري انهيءَ ملڪ جي رهندڙن ڪنعانين سان گڏ رهڻ لڳا: ڇالاءِ جو هنن انهن کي نہ ڪڍيو. 33 نفتاليءَ بيت شمس جي رهاڪن، ۽ بيت عنات جي رهاڪن کي هڪالي نہ ڪڍيو، پر هو انهيءَ ملڪ جي رهندڙن ڪنعانين ۾ رهندو آيو: انهيءَ هوندي بہ بيت شمس، ۽ بيت عنات جا ماڻهو سندس ڍل ڀريندڙ ٿيا. 34 ۽ امورين بني دان کي زور زبردستيءَ سان ڪوهستان ڏانهن هڪالي ڪڍيو: ڇالاءِ جو هنن انهن کي واديءَ ۾ هيٺ لهڻ نہ ڏنو. 35 امورين جي مرضي ٿي تہ هو حرس جبل، ايالون، ۽ سعلبيم ۾ رهندا اچن: انهي هوندي بہ يوسف جي گهراڻي جو هٿ غالب پيو، ۽ هو ڍل ڀرڻ لڳا. 36 ۽ امورين جي سرحد عقربيم جي چاڙهيءَ، يعني جبل کان وٺي مٿي ويئي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society