Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يعقوب 5 - Sindhi Bible

1 اي دولتمندو، هاڻي ٻُڌو؛ جيڪي مصيبتون اوهان تي اچڻيون آهن، تن جي ڪري اوهين روئو ۽ رڙيون ڪريو.

2 اوهان جي دولت سڙي ڪِني ٿي ويئي، ۽ اوهان جا ويس وڳا ڪينئن کائي چٽ ڪيا.

3 اوهان جي سون ۽ چانديءَ تي ڪٽ چڙهي ويئي آهي، ۽ اُها ڪٽ اوهان تي شاهدي ڏيندي، ۽ باهہ وانگر اوهان جو ماس کائيندي. اوهان پوين ڏينهن لاءِ خزانو گڏ ڪيو آهي.

4 ڏسو، جن مزورن اوهانجين ٻنين ۾ لابارو وڌو، تن جي مزوري، جا اوهان ٺڳي ڪري روڪي رکي ڇڏي، سا رڙيون پيئي ڪري: ۽ اُنهن لاهيارن جون دانهون لشڪرن جي خداوند جي ڪَنن تائين وڃي پهتيون آهن.

5 اوهين زمين تي عيش عشرت ۾ رهيا آهيو، ۽ موجون ماڻيون اٿوَ؛ قتلام جي ڏينهن لاءِ اوهان پنهنجين دلين کي تازو توانو ڪيو آهي.

6 راستباز کي اوهان ڏوهاري ٺهرائي قتل ڪيو؛ پر هو اوهان جي مخالفت نٿو ڪري.

7 تنهنڪري اي ڀائرو، خداوند جي اچڻ تائين صبر ڪريو. ڏسو، هاري زمين جي قيمتي ڦل لاءِ جيستائين آڳاٽو ۽ پاڇاٽو مينهن نٿو پوي، تيستائين صبر سان انتظار ٿو ڪري.

8 اوهين بہ صبر ڪريو؛ پنهنجيون دليون مضبوط ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند جو اچڻ ويجهو آهي.

9 اي ڀائرو، هڪٻئي جي شڪايت نہ ڪريو، متان ڏوهاري ٺهرو: ڏسو، انصاف ڪرڻ وارو در تي بيٺو آهي.

10 اي ڀائرو، جن نبين خداوند جي نالي ڪلام ڪيو، تن جي ڏک سهڻ ۽ صبر جي نموني تي هلو.

11 ڏسو، جن صبر ڪيو، تن کي اسين مبارڪ ٿا سڏيون؛ اوهان ايوب جي صبر جو حال ٻُڌو آهي، ۽ ڏٺو اٿوَ تہ خداوند ساڻس پڇاڙيءَ ۾ ڇا ڇا ڪيو، ۽ ڪيئن خداوند فضل ۽ رحم سان ڀرپور آهي.

12 پر اي منهنجا ڀائرو، سڀ کان وڏي ڳالهہ هيءَ آهي تہ قسم نہ کڻو، نہ آسمان جو، نہ زمين جو، نہ ڪنهن ٻيءَ شيءِ جو؛ پر اوهان جي ها، ها هئڻ کپي؛ ۽ اوهان جي نہ، نہ؛ تہ اوهين سزاوار نہ ٿيو.

13 جيڪڏهن اوهان مان ڪوبہ ڏکي هجي تہ اُهو دعا گهُري، ۽ جيڪڏهن ڪو خوش هجي تہ اُهو تعريف جا گيت ڳائي.

14 جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو بيمار هجي تہ اهو ڪليسيا جي بزرگن کي سڏي؛ ۽ اهي کيس خداوند جي نالي تيل مکي هن لاءِ دعا گهُرن:

15 ۽ جا دعا ايمان سان گهُربي، سا بيمار کي بچائيندي، ۽ خداوند انهي کي اُٿاري کڙو ڪندو؛ ۽ جيڪڏهن هن گناهہ ڪيا هوندا تہ انهن جي معافي ملنديس.

16 تنهنڪري پنهنجا گناهہ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ دعا گهُرو تہ شفا پايو. راستباز ماڻهوءَ جي دعا جو گهڻو اثر ٿو ٿئي.

17 ايلياہ بہ اسان جهڙيءَ طبيعت جو ماڻهو هو، ۽ هن دل و جان سان دعا گهُري تہ مينهن نہ وسي؛ پوءِ ساڍا ٽي ورهيہ برابر زمين تي مينهن نہ وسيو.

18 ۽ هن وري دعا گهُري، تڏهن آسمان مان مينهن وسيو ۽ زمين مان پيداوار ٿيڻ لڳي.

19 اي منهنجا ڀائرو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو حق کان گمراهہ ٿي وڃي، ۽ ٻيو ڪو کيس موٽائي آڻي؛

20 تہ ان کي ڄاڻڻ گهرجي تہ جيڪو ڪنهن گنهگار کي گمراهيءَ کان ڦيرائي صحيح راهہ تي ٿو آڻي، سو پنهنجي جان کي موت کان بچائيندو ۽ گهڻا گناهہ ڍڪي ڇڏيندو.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan