يعقوب 4 - Sindhi Bible1 اوهان ۾ جنگيون، جهيڙا ڪٿان ٿا اچن؟ ڇا انهن خواهشن مان نٿا نڪرن، جيڪي اوهان جي عضون ۾ پيون جنگ ڪن؟ 2 اوهين خواهش ڪريو ٿا؛ پر حاصل ڪجهہ بہ نٿا ڪريو؛ تنهنڪري اوهين خون ۽ لالچ ٿا ڪريو پر حاصل ڪجهہ بہ نٿا ڪريو؛ پوءِ جهيڙا جنگيون ٿا ڪريو. اوهان کي هن ڪري نٿو ملي جو گهُرو نٿا. 3 اوهين گهُرو ٿا پر حاصل نٿا ڪريو، جو اوهين بريءَ نيت سان ٿا گهُرو، انهي لاءِ تہ پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو. 4 اي زناڪار انسان، اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ دنيا جي دوستي خدا سان دشمني آهي؟ تنهنڪري جيڪو دنيا جو دوست ٿيڻ ٿو گهُري، سو پاڻ کي خدا جو دشمن ٿو ڪري. 5 يا اوهين ائين ٿا ڀانئيو ڇا، تہ پاڪ ڪتاب جو چوڻ اجايو آهي تہ ”جيڪو روح هن اسان کي ڏنو تہ اسان ۾ رهي، تنهن جي هن کي غيرت آهي؟“ 6 پر هو زيادہ فضل ٿو ڏئي، تنهنڪري هو فرمائي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن کي فضل ٿو بخشي.“ 7 تنهنڪري خدا جي تابع ٿيو؛ شيطان جو مقابلو ڪريو تہ هو اوهان وٽان ڀڄي ويندو. 8 خدا جي ويجهو وڃو تہ هو بہ اوهان جي ويجهو ايندو. اي گنهگارو، پنهنجا هٿ صاف ڪريو؛ ۽ اوهين جي ٻِہ چِتيا آهيو، سي پنهنجيون دليون پاڪ ڪريو. 9 افسوس ۽ ماتم ڪريو ۽ روئو: اوهان جو کلڻ بدلجي ماتم ٿيڻ گهرجي ۽ اوهان جي خوشي دلگيري. 10 خداوند جي حضور ۾ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي سرفراز ڪندو. 11 اي ڀائرو، هڪٻئي جي برخلاف نہ ڳالهايو. جيڪو ڪنهن ڀاءُ جي بدگوئي ٿو ڪري، يا پنهنجي ڀاءُ تي ڪو الزام ٿو آڻي، سو شريعت جي برخلاف ٿو ڳالهائي، ۽ شريعت تي الزام ٿو آڻي. پر جي تون شريعت تي الزام ٿو آڻين تہ تون شريعت تي عمل نہ پر عدالت ٿو ڪرين. 12 شريعت ڏيڻ وارو ۽ عدالت ڪرڻ وارو هڪڙو ئي آهي، يعني اُهو جو بچائي ۽ ماري ٿو سگهي. پر تون ڪير آهين جو پنهنجي پاڙيسريءَ تي الزام ٿو آڻين؟ 13 هاڻي ٻُڌو، اوهين جو چئو ٿا تہ اڄ يا سڀاڻ فلاڻي شهر ۾ وينداسين، ۽ هڪڙو ورهيہ اُتي وڃي گذارينداسين، ۽ واپار ڪنداسين، ۽ فائدو حاصل ڪنداسين: 14 پر اوهان کي ايتري بہ خبر ڪانهي تہ سڀاڻي ڇا ٿيندو. اوهان جي حياتي ڇا آهي؟ ڇالاءِ جو اوهين تہ ٻاڦ وانگر آهيو، جا ٿوري وقت تائين ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ۽ پوءِ گم ٿيو وڃي. 15 انهي جي بدران اوهان کي هيئن چوڻ گهرجي، تہ جيڪڏهن خداوند گهُريو تہ اسين جيئرا بہ رهنداسين، ۽ فلاڻو يا فلاڻو ڪم بہ ڪنداسين. 16 پر هاڻي اوهين پنهنجي مغروريءَ جي ٻٽاڪ ٿا هڻو: اهڙيون ٻٽاڪون هڻڻ گناهہ آهي. 17 تنهنڪري جيڪو چڱائي ڪرڻ ڄاڻي ٿو ۽ نٿو ڪري، تنهن جي لاءِ اهو گناهہ آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society