يعقوب 3 - Sindhi Bible1 اي منهنجا ڀائرو، اوهان مان گهڻا اُستاد نہ ٿيو، ڇو جو ڄاڻو ٿا تہ اسين جي اُستاد آهيون، تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ٿيندي. 2 ڇالاءِ جو اسين سڀيئي گهڻين ڳالهين ۾ خطا پيا ڪريون. پر ڪامل انسان اُهو آهي، جيڪو ڳالهائڻ ۾ خطا نٿو ڪري، جيڪو سڄي بدن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي ٿو سگهي. 3 هاڻي جڏهن اسين گهوڙن جي وات ۾ لغام ٿا وجهون، انهي لاءِ تہ هو اسان جي حڪم ۾ رهن، تہ پوءِ هنن جي ساري بدن کي بہ ڦيرائي ٿا سگهون. 4 ڏسو، جهاز بہ جيتوڻيڪ تمام وڏا ٿا ٿين ۽ تيز هوائن سان ڌڪجي ٿا هلن، تڏهن بہ هڪڙي تمام ننڍي سڪان جي وسيلي، سڪائيءَ جي مرضيءَ موجب ڦيرايا وڃن ٿا. 5 انهيءَ طرح زبان بہ هڪڙو ننڍو عضوو آهي، پر وڏيون وڏيون ٻٽاڪون ٿي هڻي. ڏسو، ڪيڏي نہ وڏي ٻيلي کي ڪيتري نہ ٿوري باهہ ساڙيو ڇڏي! 6 ۽ زبان بہ هڪڙي باهہ آهي: اسانجن عضون ۾ شرارت جو عالم اها زبان آهي، جا ساري بدن کي ڪِنو ٿي ڪري، ۽ دنيا جي چرخي کي باهہ ٿي لڳائي ۽ دوزخ جي باهہ سان پيئي سڙي. 7 ڇالاءِ جو سڀ ڪنهن قسم جا جانور، پکي، ۽ سُرندڙ ساهہ وارا، ۽ سمنڊ جا رهاڪو قابو ڪري سگهجن ٿا، ۽ ماڻهن انهن کي قابو ڪيو بہ آهي: 8 پر زبان کي ڪوبہ ماڻهو قبضي ۾ رکي نٿو سگهي؛ اها اهڙي بلا آهي جا روڪڻ جي ئي ڪينهي، ۽ موتمار زهر سان ڀريل آهي. 9 انهيءَ سان اسين خداوند ۽ ابي جي تعريف ٿا ڪريون؛ ۽ انهيءَ سان ئي اسين ماڻهن کي پِٽيون ٿا، جي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آهن؛ 10 ۽ ساڳئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري. اي منهنجا ڀائرو، ائين ٿيڻ نہ گهرجي. 11 چشمي جي هڪڙي ئي ساڳئي منهن مان مٺو ۽ کارو پاڻي نڪري ٿو ڇا؟ 12 اي منهنجا ڀائرو، انجير جي وڻ مان زيتون، يا ڊاک مان انجير پيدا ٿي سگهن ٿا ڇا؟ نڪي کاري چشمي مان مٺو پاڻي. 13 اوهان ۾ ڏاهو ۽ سمجهُو ڪير آهي؟ انهي کي گهرجي تہ پنهنجا ڪم چڱيءَ هلت ۽ ڏاهپ جي حليمائيءَ سان ڏيکاري. 14 پر جيڪڏهن اوهان جي دل ۾ سخت حسد ۽ نفاق آهي تہ فخر نہ ڪريو، نڪي سچ جي برخلاف ڪوڙ ڳالهايو. 15 هيءَ اُها ڏاهپ نہ آهي جا مٿان ٿي اچي، پر دنيوي ۽ جسماني ۽ شيطاني آهي. 16 ڇالاءِ جو جتي حسد ۽ نفاق آهي، اتي فساد ۽ هر طرح جو بڇڙو ڪم بہ ٿو ٿئي. 17 پر جيڪا ڏاهپ مٿان ٿي اچي، سا پهرين تہ پاڪ آهي، پوءِ صلح پسند، حليم، نرم مزاج، رحيم ۽ چڱن ڦلن سان ڀريل، بي ريا ۽ بنا مڪر آهي. 18 ۽ جيڪي صلح ٿا ڪرائين، تن جي لاءِ راستبازيءَ جو ڦل صلح ۾ پوکيو ٿو وڃي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society