Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -

يعقوب 2 - Sindhi Bible

1 اي منهنجا ڀائرو، اسان جو خداوند يسوع مسيح، جو جلال وارو آهي، تنهن ۾ اوهان جو ايمان اهڙو هجي جو ڪنهن جي بہ پاسخاطري نہ ٿئي.

2 ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو سوني مُنڊي پائي ۽ عمدي پوشاڪ ڍڪي اوهان جي جماعت ۾ اچي، ۽ ٻيو هڪڙو غريب ماڻهو ميرن ڪپڙن وارو بہ اچي؛

3 ۽ اوهين انهي عمدي پوشاڪ واري جو لحاظ ڪري چئو تہ تون هتي چڱيءَ جاءِ تي اچي ويهہ؛ ۽ هن غريب ماڻهوءَ کي چئُہ تہ تون هتي بيهہ، يا منهنجي پيرن جي صندليءَ وٽ ويهي رهہ؛

4 تڏهن اوهان پنهنجيءَ دل ۾ پاسخاطري نہ ڪئي ڇا، ۽ طرفداري ڪندڙ منصف نہ ٿيا ڇا؟

5 منهنجا پيارا ڀائرو ٻُڌو، خدا هن جهان جي غريبن کي ايمان ۾ ڀرپور ۽ انهي بادشاهت جو وارث ٿيڻ لاءِ پسند نہ ڪيو آهي ڇا، جنهن جو واعدو هن پنهنجي محبت ڪندڙن سان ڪيو آهي؟

6 پر اوهان انهي غريب ماڻهوءَ کي بي آبرو ڪيو آهي. دولتمند اوهان تي ظلم نٿا ڪن ڇا، ۽ اهي اوهان کي گهلي ڪچهريءَ ۾ نٿا وٺي وڃن ڇا؟

7 جنهن عزت واري نالي سان اوهين سڏبا آهيو، تنهن جي نسبت ۾ هو ڪفر نٿا بڪن ڇا؟

8 انهي هوندي بہ جيڪي پاڪ ڪتاب ۾ لکيل آهي، تہ ”تون پنهنجي پاڙيسريءَ کي پاڻ جهڙو پيار ڪر“ تنهن موجب جيڪڏهن اوهين الاهي شريعت پوري ٿا ڪريو تہ چڱو ٿا ڪريو؛

9 پر جيڪڏهن ماڻهن جي پاسخاطري ٿا ڪريو تہ گناهہ ٿا ڪريو، ۽ شريعت اوهان کي ڏوهاري ٿي ٺهرائي.

10 ڇالاءِ جو جنهن سڄيءَ شريعت تي عمل ڪيو ۽ پوءِ بہ هڪڙيءَ ڳالهہ ۾ قصور ڪيائين، تہ اُهو سڀني ڳالهين ۾ ڏوهاري ٿيو.

11 ڇالاءِ جو جنهن هيئن چيو تہ ”زنا نہ ڪر“ تنهن هيئن بہ چيو تہ ”خون نہ ڪر.“ هاڻي جيڪڏهن تون زنا نہ ڪندين پر خون ڪندين تہ تون شريعت جو ڏوهاري ٿي چڪين.

12 اوهان جي گفتگو ۽ هلت چلت انهن ماڻهن وانگر هئڻ گهرجي، جن جو آزاديءَ جي شريعت موجب انصاف ٿيڻو آهي.

13 ڇالاءِ جو جنهن پاڻ رحم نہ ڪيو آهي، تنهن جو انصاف بہ رحم کانسواءِ ٿيندو: رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.

14 اي منهنجا ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي تہ آئون ايمان وارو آهيان، پر عمل ڪندڙ نہ هجي، تہ انهي مان ڪهڙو فائدو؟ اهڙي ايمان ڪري هن کي نجات ملندي ڇا؟

15 جيڪڏهن ڪو ڀاءُ يا ڀيڻ پوري ڪپڙي ۽ ڏهاڙيءَ جي کاڌي لاءِ محتاج هجي،

16 ۽ اوهان مان ڪو انهن کي چوي تہ سلامتيءَ سان وڃو، گرم رهو ۽ ڍاول ٿيو؛ پر جيڪي شيون بدن جي لاءِ ضروري آهن سي کين نہ ڏئي، تہ انهي مان ڪهڙو فائدو؟

17 انهيءَ طرح ايمان بہ عمل کانسواءِ مُئل آهي.

18 هائو، ڪو ماڻهو چوندو تہ تون ايمان ٿو رکين ۽ آئون عمل ٿو ڪريان: تون پنهنجو ايمان عمل کانسواءِ مون کي ڏيکار، ۽ آئون توکي پنهنجن عملن جي ڪري ايمان ڏيکاريندس.

19 تنهنجو ايمان آهي تہ خدا هڪڙو آهي، سو چڱو ٿو ڪرين؛ بدروحن کي بہ اهڙو ايمان آهي ۽ ڏڪن پيا.

20 پر اي بيهودا ماڻهو، ايترو نٿو ڄاڻين تہ عمل کانسواءِ ايمان نڪمو آهي؟

21 جڏهن اسان جي پيءُ ابراهيم، پنهنجي پٽ اسحاق کي قربانگاهہ تي قربان ٿي ڪيو، تڏهن هو عملن جي ڪري سچار نہ ٺهرايو ويو ڇا؟

22 تون ڏسين ٿو تہ ايمان هن جي عمل سان گڏجي اثر ڪيو، ۽ عملن ئي جي ڪري ايمان ڪامل ٿيو؛

23 ۽ جيڪي پاڪ لکيت ۾ چيل آهي سو پورو ٿيو تہ ”ابراهيم خدا تي ايمان آندو ۽ اهو سندس حق ۾ راستبازي ليکيو ويو؛ ۽ هو خدا جو دوست سڏيو ويو.“

24 هاڻي اوهين ڏسو ٿا تہ ماڻهو عمل جي ڪري راستباز ٿو ٺهري، نہ فقط ايمان جي ڪري.

25 ساڳيءَ طرح راحب ڪسبياڻي بہ عمل جي ڪري سچار نہ ٺهري ڇا، جو هن قاصدن کي پاڻ وٽ ٽڪايو ۽ ٻئي رستي اُماڻي ڇڏيائينِ؟

26 ڇالاءِ جو جيئن روح کانسواءِ بدن مُئل آهي، تيئن عمل کانسواءِ ايمان بہ مُئل آهي.

Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.

Pakistan Bible Society
Lean sinn:



Sanasan