يعقوب 1 - Sindhi Bible1 خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي بندي يعقوب جي طرفان اُنهن ٻارهن قبيلن کي سلام رسن، جي جدا جدا ملڪن ۾ ٿا رهن. 2 اي منهنجا ڀائرو، جڏهن اوهين طرح طرح جي آزمائشن ۾ پئو، تڏهن انهن کي وڏي خوشيءَ جي ڳالهہ ڪري سمجهو؛ 3 ۽ ڄاڻو تہ اوهان جو امتحان صبر پيدا ٿو ڪري. 4 ۽ صبر کي پنهنجو پورو ڪم ڪرڻ ڏيو تہ اوهين ڪامل ۽ سالم ٿيو، ۽ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گهٽ نہ پئو. 5 پر جي اوهان مان ڪنهن ۾ دانائيءَ جي ڪمي آهي، تہ اُهو خدا کان گهُري، جو سڀني کي بي انداز ٿو ڏئي، ۽ طعنا نٿو هڻي؛ ۽ اُها هن کي ڏني ويندي. 6 پر ايمان سان گهُري، ۽ ڪوبہ شڪ نہ آڻي: ڇالاءِ تہ جيڪو شڪ ٿو آڻي سو سمنڊ جي اُنهي لهر وانگر آهي، جا هوا سان ڌڪجي ۽ اُڇلجي ٿي. 7 ڇالاءِ جو اهڙي ماڻهوءَ کي ائين سمجهڻ نہ گهرجي تہ کيس خداوند کان ڪي ڪجهہ ملندو؛ 8 ٻہ دليو ماڻهو پنهنجيءَ ڪنهن بہ ڳالهہ تي قائم نٿو رهي. 9 پر غريب ڀاءُ پنهنجي وڏي مرتبي تي فخر ڪري: 10 ۽ دولتمند انهي تي فخر ڪري تہ هو ذليل ڪيو ويو آهي: ڇالاءِ تہ گاهہ جي گل وانگر هو ڪومائجي ويندو. 11 ڇالاءِ تہ سج اُڀرندي ئي جهولو لڳڻ شروع ٿو ٿئي، جو گاهہ کي سُڪائي ٿو ڇڏي؛ ۽ انهي جو گل ڪِريو پوي، ۽ سندس خوبصورتي گم ٿيو وڃي؛ انهي طرح دولتمند ماڻهو بہ هلندي هلندي ڪومائجي ويندو. 12 مبارڪ آهي اُهو ماڻهو، جنهن تي آزمائش ٿي اچي تہ بہ قائم ٿو رهي؛ ڇالاءِ جو جڏهن هو قبول پوندو، تڏهن زندگيءَ جو اهو تاج حاصل ڪندو، جنهن جو خداوند پنهنجي محبت ڪرڻ وارن کي واعدو ڏنو آهي. 13 جڏهن ڪو ماڻهو آزمائش ۾ پوي، تڏهن انهي کي ائين چوڻ نہ گهرجي تہ منهنجي آزمائش خدا جي طرفان آهي، ڇالاءِ جو خدا پاڻ بڇڙائيءَ سان آزمايو نٿو وڃي، نڪي هو ڪنهن ماڻهوءَ کي آزمائي ٿو. 14 پر سڀڪو ماڻهو پنهنجين خواهشن ۾ ڇڪجي ۽ ٺڳجي، آزمائشن ۾ ٿو پوي. 15 پوءِ اها خواهش حاملہ ٿي گناهہ ٿي ڄڻي: ۽ جڏهن اهو گناهہ وڌي وڏو ٿو ٿئي، تڏهن موت ٿو آڻي. 16 اي منهنجا پيارا ڀائرو، ٺڳجي نہ وڃو. 17 سڀڪا چڱي بخشش ۽ سڀڪو ڪامل انعام مٿان ٿو اچي، يعني روشنيءَ جي ابي وٽان ٿو لهي، جنهن ۾ ڪنهن بہ طرح جي ڦير گهير ٿي نٿي سگهي، منجهس ڦرڻ جو پاڇو ئي ڪونهي. 18 هن پنهنجيءَ مرضيءَ سان حق جي ڪلام جي وسيلي اسان کي پيدا ڪيو، تہ اسين سندس پيدا ڪيل خلقت مان هڪڙي قسم جو پهريون ڦل ٿيون. 19 اي منهنجا پيارا ڀائرو، هيءَ ڳالهہ اوهين ڄاڻو ٿا، تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي گهرجي تہ ٻُڌڻ ۾ تکو، ۽ ڳالهائڻ ۾ ڍرو، ۽ ڪاوڙجڻ ۾ ٿڌو ٿئي: 20 ڇالاءِ جو انسان جي ڪاوڙ مان اهڙا ڪم ٿي نٿا سگهن، جي خدا جي راستبازيءَ موجب آهن. 21 تنهنڪري بڇڙائيءَ جي سڀ گندگي ۽ زيادتي ڇڏي، اُهو پوکيل ڪلام تحمل سان قبول ڪريو، جو اوهانجن روحن کي بچائي ٿو سگهي. 22 پر ڪلام تي عمل ڪندڙ ٿيو، نہ فقط ٻُڌندڙ، ۽ پاڻ کي نہ ٺڳيو. 23 ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪلام جو ٻُڌندڙ آهي ۽ عمل ڪندڙ نہ آهي، تہ اهو انهيءَ ماڻهوءَ جهڙو آهي جو پنهنجو منهن آرسيءَ ۾ ٿو ڏسي؛ 24 ۽ هو پاڻ کي ڏسي هليو ٿو وڃي ۽ هڪدم وساري ٿو ڇڏي تہ آئون ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهيان. 25 پر جيڪو ڪامل شريعت تي، يعني آزادگيءَ جي شريعت تي نظر ٿو ڪري ۽ غور ڪندو ٿو رهي، سو رڳو ٻُڌندڙ ناهي جو وساريو ڇڏي، پر عمل ڪندڙ آهي؛ اهوئي پنهنجي ڪم ۾ برڪت وارو ٿيندو. 26 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي ديندار سمجهي ٿو ۽ پنهنجي زبان کي لغام نٿو ڏئي، بلڪ پنهنجي دل کي ٺڳي ٿو، تنهن جي دينداري اجائي آهي. 27 اسان جي خدا ۽ پيءُ جي حضور ۾ خالص ۽ بي عيب دينداري اها آهي، تہ يتيمن ۽ بيوهہ زالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا کان بي داغ رکجي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society