يسعياہ 65 - Sindhi Bible1 جن مون کي نٿي گهريو سي منهنجي پڇا ٿا ڪن؛ جن مون کي نٿي ڳوليو، تن مون کي لڌو آهي: جا قوم منهنجي نالي سان سڏجڻ ۾ نٿي آئي، تنهن کي مون چيو تہ مون ڏانهن نهار، مون ڏانهن نهار. 2 مون سارو ڏينهن هڪڙيءَ اهڙيءَ فسادي اُمت ڏانهن هٿ کنيا آهن جا پنهنجن خيالن موجب خراب رستي تي ٿي هلي؛ 3 بلڪ اهڙي اُمت جا هميشہ منهنجي روبرو مون کي چڙ ٿي ڏياري، جا باغن ۾ قربانيون ٿي چاڙهي، ۽ سرن تي لوبان ٿي ساڙي؛ 4 جا قبرن جي وچ ۾ ويهي ٿي، ۽ ڳجهين جاين ۾ راتيون ٿي گذاري؛ جا سوئر جو گوشت کائي ٿي، ۽ ڪراهت جهڙين شين جو تيوڻ سندس ٿانوَن ۾ آهي. 5 جا چوي ٿي تہ پري ٿي بيهہ، منهنجي ويجهو نہ اچ؛ ڇالاءِ جو آءٌ توکان پاڪ آهيان: اهي منهنجي نڪ ۾ دونهين جهڙا، ۽ سڄو ڏينهن ٻرندڙ باهہ جهڙا آهن. 6 ڏس، منهنجي اڳيان هيئن لکيل آهي: خداوند فرمائي ٿو تہ آءٌ ماٺ نہ ڪندس، پر بدلو ڏيندس، هائو انهن جي هنج ۾ بدلو ڏيندس، 7 خود اوهان جين بدڪارين ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو، جن جبلن تي لوبان ساڙيو آهي، ۽ ٽڪرين تي منهنجي لاءِ ڪفر پئي بڪيو اٿن: تنهن ڪري آءٌ پهرين انهن جا ڪم سندس هنج ۾ ماپي ڏيندس. 8 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيئن انگور جي ڇڳي ۾ رس هوندي آهي، ۽ ڪو چوي تہ هن کي برباد نہ ڪر ڇو تہ هن ۾ برڪت آهي، تيئن آءٌ پنهنجي بندن جي خاطر ڪندس، تہ آءٌ هنن سڀني کي برباد نہ ڪريان. 9 ۽ آءٌ يعقوب مان هڪڙو نسل پيدا ڪندس، ۽ يهوداہ مان پنهنجن جبلن جو هڪڙو وارث: ۽ منهنجا چونڊيل انهي جا وارث ٿيندا، ۽ منهنجا بندا اتي رهندا. 10 منهنجي اُمت جنهن مون کي ڳوليو آهي تنهن لاءِ شارون ڌڻ جو واڙو ٿيندو، ۽ عڪور جي وادي ڍورن جي سمهڻ جي جاءِ ٿيندي. 11 پر اوهين جي خداوند کي ڇڏيو ٿا، جي منهنجي پاڪ جبل کي وساريو ٿا، ۽ جي نصيب جي جنتري ٺاهيو ٿا، ۽ جي قسمت لاءِ گڏيل شراب جو پيالو ٿا ڀريو؛ 12 آءٌ اوهان کي ترار جي لاءِ مقرر ڪندس، ۽ اوهين قتل ٿيڻ لاءِ ڪنڌ جهڪائيندا: ڇالاءِ تہ جڏهن مون سڏيو تڏهن اوهان جواب ڪونہ ڏنو؛ جڏهن مون ڳالهايو، تڏهن اوهان نہ ٻڌو؛ جيڪي منهنجي نظر ۾ خراب هو سو اوهان ڪيو، ۽ جنهن سان آءٌ راضي نہ هوس، سو اوهان پسند ڪيو. 13 تنهن ڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، منهنجا بندا کائيندا، پر اوهين بکيا رهندا؛ ڏسو، منهنجا بندا پيئندا، پر اوهين اُڃيا رهندا: ڏسو، منهنجا بندا خوشيون ڪندا، پر اوهين شرمندا ٿيندا: 14 ڏسو، منهنجا بندا دل جي خوشيءَ ڪري ڳالهائيندا، پر اوهين دل جي ڏک ڪري دانهون ڪندا، ۽ روح جي رنج ڪري واويلا مچائيندا. 15 ۽ اوهين پنهنجو نالو منهنجن چونڊيلن جي لاءِ لعنت وانگي ڇڏيندا، ۽ خداوند خدا توکي قتل ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن بندن کي ٻئي نالي سان سڏيندو؛ 16 جنهن ڪري زمين تي جيڪو پاڻ لاءِ برڪت گهرندو، سو سچي خدا جي نالي پاڻ لاءِ برڪت گهرندو؛ ۽ جيڪو زمين تي قسم کڻندو، سو سچي خدا جي نالي قسم کڻندو؛ ڇالاءِ جو اڳوڻيون تڪليفون وسري ويون آهن. ۽ اهي منهنجين اکين کان لڪل آهن. 17 ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ نوان آسمان ۽ نئين زمين پيدا ٿو ڪريان: ۽ اڳوڻيون شيون ياد نہ ڪيون وينديون، ۽ نہ دل تي اينديون. 18 پر اوهين سرها ٿيو، ۽ جيڪي آءٌ پيدا ٿو ڪريان تنهن تي هميشہ خوشي ڪريو: ڇالاءِ جو ڏسو، آءٌ يروشلم کي خوشي، ۽ ان جي ماڻهن کي سرهائي بنائيندس. 19 آءٌ يروشلم جي ڪري خوش ٿيندس، ۽ پنهنجي اُمت جي ڪري سرهو ٿيندس: ۽ انهي ۾ روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ جو آواز وري اڳتي ٻڌڻ ۾ نہ ايندو. 20 ۽ هن کان پوءِ اتي نہ اهڙو ننڍڙو ٻار هوندو، ۽ نڪو اهڙو ٻڍو هوندو، جو پنهنجيءَ حياتيءَ جا ڏينهن پورا نہ ڪري: ڇالاءِ جو ٻار بہ سؤ ورهين جو ٿي مرندو، ۽ جيڪو گنهگار سؤ ورهين جو ٿيندو سو لعنتي ٿيندو. 21 ۽ اهي گهر اڏيندا ۽ انهن ۾ رهندا؛ اهي ڊاک جا منهہ لڳائيندا، ۽ انهن جو ميوو کائيندا، 22 ائين نہ ٿيندو تہ اهي گهر اڏيندا ۽ ٻيا اچي انهن ۾ رهندا؛ ۽ اهي پوکيندا ۽ ٻيا اچي کائيندا: ڇالاءِ جو منهنجيءَ اُمت جي عمر وڻ جي عمر جيتري ٿيندي، ۽ منهنجا چونڊيل پنهنجن هٿن جي ڪم مان گهڻي وقت تائين فائدو وٺندا. 23 انهن جو پورهيو اجايو نہ ويندو، نڪي سندن اولاد تي آفت ايندي؛ ڇالاءِ جو اهي پنهنجي اولاد سميت خداوند جي مبارڪ ماڻهن جو نسل آهن. 24 ۽ هيئن ٿيندو تہ انهن جي سڏڻ کان اڳي آءٌ جواب ڏيندس؛ ۽ اُهي اڃا ڳالهائيندا هوندا، تہ آءٌ سندن ٻڌندس. 25 خداوند فرمائي ٿو، تہ بگهڙ ۽ گهيٽو گڏ چرندا، ۽ شينهن ڍڳي وانگي گاهہ کائيندو: ۽ مٽي نانگ جو کاڌو ٿيندي. منهنجي سڄي پاڪ جبل ۾ اهي نہ ڪنهن کي ايذاءُ رسائيندا نہ برباد ڪندا. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society