يسعياہ 64 - Sindhi Bible1 جي تون آسمان ڦاڙي هيٺ لهي اچين، ۽ تنهنجي حضور ۾ جبل ڪنبن تہ ڏاڍو چڱو. 2 جيئن باهہ سڪل ٻوڙن کي ساڙي ٿي، ۽ پاڻي باهہ تي ٽهڪي ٿو؛ تيئن تون پنهنجن دشمنن ۾ پنهنجو نالو مشهور ڪر، ۽ قومون تنهنجي حضور ۾ ڏڪن؛ 3 جڏهن تو اهڙا خوفناڪ ڪم ڪيا جن جي اسان کي اميد ڪانہ هئي، يعني تون هيٺ لهي آئين تڏهن تنهنجي حضور ۾ جبل ڪنبڻ لڳا. 4 ڇالاءِ جو قديم وقت کان وٺي ماڻهن تو کان سواءِ اهڙو ڪو خدا نہ ٻڌو آهي، نہ ڪنهن جي ڪنن تائين اهو پهتو آهي، نہ ڪنهن جي اک اهو ڏٺو آهي، جو پنهنجي انتظار ڪرڻ واري لاءِ اهڙا ڪم ڪري. 5 جيڪو خوشيءَ سان انهن کي ملي ٿو جي راستبازيءَ جا ڪم ٿا ڪن، ۽ تنهنجين واٽن تي هلي توکي ياد ٿا ڪن: ڏس تون ڪاوڙئين، ڇو تہ اسان گناهہ ڪيا، انهن ۾ اسين گهڻو وقت رهياسين، تنهن ڪري اسان کي نجات ملندي ڇا؟ 6 اسين ناپاڪ ماڻهوءَ جهڙا ٿي پيا آهيون، ۽ اسان جي سڀ راستبازي پليت ٿيل پوشاڪ وانگي آهي: اسين سڀ پن وانگر ڪومائجي وڃون ٿا؛ ۽ اسان جون بدڪاريون واءُ وانگيان اسان کي اڏايو ڇڏين. 7 ڪوبہ اهڙو ڪونهي جو تنهنجو نالو وٺي پڪاري، جو توتي ٽيڪ رکڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿئي؛ ڇالاءِ جو تو پنهنجو منهن اسان کان لڪايو آهي، ۽ اسانجين بدڪارين جي ڪري اسان کي کپائي ڇڏيو اٿيئي. 8 پر هاڻي، اي خداوند، تون اسان جو ابو آهين؛ اسين مٽي آهيون ۽ تون اسان جو ڪنڀر آهين؛ ۽ اسين سڀ تنهنجي دستڪاري آهيون. 9 اي خداوند تون نهايت گهڻو نہ ڪاوڙج، ۽ اسان جي بدڪارين کي هميشہ تائين ياد نہ ڪر: نهار، ڏس، اسين توکي منٿ ٿا ڪريون، اسين تنهنجي اُمت آهيون. 10 تنهنجا پاڪ شهر بيابان ٿي ويا آهن، صيون بيابان ٿيو آهي، ۽ يروشلم ويران آهي. 11 اسان جي پاڪ ۽ اسان جي سهڻي هيڪل، جتي اسان جن ابن ڏاڏن تنهنجي تعريف ٿي ڪئي، تنهن کي باهہ ساڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ اسان جون سڀ سٺيون شيون تباهہ ٿي ويون آهن. 12 اي خداوند، انهن ڳالهين هوندي بہ تون پاڻ کي روڪي ڇڏيندين ڇا؟ تون ماٺ ڪري اسان کي سخت مصيبت ۾ پيو وجهندين ڇا؟ |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society