يسعياہ 63 - Sindhi Bible1 هي ڪير آهي جو ادوم کان ٿو اچي، ۽ قرمزي ڪپڙا پائي بصراہ کان ٿو اچي؟ اهو جنهن جي پوشاڪ شاندار آهي، ۽ جو ڏاڍي زور سان ٿو هلي؟ اهو آءٌ آهيان، جو راستبازيءَ سان ٿو ڳالهايان، ۽ بچائڻ لاءِ قادر آهيان. 2 تنهنجي پوشاڪ ڇو ڳاڙهي آهي، ۽ تنهنجا ڪپڙا انهي ماڻهوءَ جهڙا ڇو آهن جو انگور جو حوض ۾ لتاڙيندو آهي؟ 3 مون اڪيلي انگور جو چيچڙو لتاڙيو آهي؛ ۽ قومن مان ڪوبہ ماڻهو مون سان ڪونہ هو؛ هائو، غصي ۾ مون انهن کي لتاڙيو، ۽ ڪاوڙ ۾ مون انهن کي چٿيو؛ انهن جو رت منهنجي ڪپڙن تي ڇاٽاريو ويو، ۽ منهنجن سڀني ڪپڙن تي داغ ٿيا آهن. 4 ڇالاءِ جو انتقام جو ڏينهن منهنجيءَ دل ۾ هو، ۽ منهنجن ڇڏايلن جو سال اچي پهتو آهي. 5 مون نهاريو، پر ڪوبہ مدد ڪرڻ وارو ڪونہ هو؛ ۽ مون کي عجيب لڳو تہ سنڀال ڪرڻ وارو ڪوبہ ڪونهي: تنهن ڪري خود منهنجيءَ ٻانهن نجات آندي؛ ۽ منهنجيءَ ڪاوڙ مون کي غيرت ڏني. 6 ۽ غصي ۾ مون قومن کي لتاڙيو، ۽ ڪاوڙ ۾ انهن کي مست ڪيم، ۽ انهن جو رت زمين تي وهائي ڇڏيم. 7 آءٌ خداوند جي پيار ڀري مهربانيءَ جو، ۽ خداوند جي تعريف جو، انهن سڀني نعمتن موجب ذڪر ڪندس، جي اسان کي عطا ڪيون اٿس؛ ۽ اسرائيل جي گهراڻي سان پنهنجن رحمتن، ۽ بي انداز پيار ڀريءَ مهربانيءَ موجب جيڪا ڀلائي ڪئي اٿس. 8 ڇالاءِ جو هن چيو تہ يقيناً، هيءَ منهنجي اُمت آهي؛ اهي اهڙا ٻار آهن، جي دغا نہ ڪندا: تنهن ڪري هو انهن جو نجات ڏيندڙ ٿيو. 9 هو انهن جي سڀني ڏکن ۾ ڏکي ٿيو، ۽ سندس حضوريءَ جي فرشتي انهن کي بچايو: هن پنهنجي رحم ۽ پنهنجي قياس سان سندن عيوضو ڏنو؛ ۽ قديم زماني کان انهن کي کڻي گهمائيندو رهيو. 10 پر انهن بغاوت ڪئي ۽ هن جي پاڪ روح کي رنجايائون: تنهن ڪري هو ڦري انهن جو دشمن ٿيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو. 11 پوءِ هن اڳين ڏينهن کي، ۽ موسيٰ ۽ پنهنجيءَ اُمت کي ياد ڪيو. هاڻي اهو ڪٿي آهي جنهن انهن کي سندس ڌڻ جي ڌنارن سان گڏ سمنڊ مان ڪڍي آندو؟ اهو ڪٿي آهي جنهن پنهنجو پاڪ روح انهن ۾ وڌو؟ 12 جنهن پنهنجيءَ جلال واريءَ ٻانهن سان موسيٰ جي ساڄي هٿ جي مدد ڪئي؟ جنهن پنهنجو نالو هميشہ قائم رکڻ لاءِ، انهن جي اڳيان پاڻيءَ جا ٻہ ڀاڱا ڪيا. 13 جو انهن کي اونهن پاڻين مان ائين وٺي هليو جيئن ڪو گهوڙو بيابان ۾ هلي، جنهن ڪري انهن کي ٿاٻو ئي نہ آيو؟ 14 خداوند جي روح انهن کي اهڙو آرام ڏنو جهڙو واديءَ ۾ چوپائي مال کي ملندو آهي: اهڙيءَ طرح تو پنهنجيءَ اُمت جي سونهپ ڪئي، انهيءَ لاءِ تہ تون پنهنجو نالو جلال وارو ڪرين. 15 آسمان تان هيٺ نهار، ۽ پنهنجي پاڪ ۽ جلال واري مڪان مان ڏس، تنهنجا غيرت ۽ تنهنجا قدرت وارا ڪم ڪٿي آهن؟ تنهنجي آنڊن جي اُڪير ۽ تنهنجون رحمتون جي مون تي هيون سي روڪجي ويون آهن. 16 تون اسان جو پيءُ آهين، جيتوڻيڪ ابرهام اسان کي نٿو سڃاڻي، ۽ اسرائيل اسان کي قبول نٿو ڪري: تون اي خداوند اسان جو پيءُ آهين؛ ازل کان تنهنجو نالو آهي اسان جو ڇڏائيندڙ. 17 اي خداوند ڇو تون اسان کي پنهنجن رستن کان گمراهہ ٿو ڪرين، ۽ اسان جي دل کي سخت ٿو ڪرين تہ تنهنجو ڊپ نہ رکون؟ پنهنجن بندن جي خاطر، ۽ پنهنجي ميراث جي قبيلن جي خاطر موٽي اچ. 18 رڳو ٿوري وقت جي لاءِ تنهنجي پاڪ اُمت جو انهي تي قبضو رهيو: اسان جي دشمنن تنهنجي پاڪ مڪان کي پائمال ڪري ڇڏيو آهي. 19 اسين انهن جهڙا ٿيا آهيون جن تي تو ڪڏهن بہ حڪومت نہ هلائي؛ ۽ جي تنهنجي نالي جا نٿا سڏجن. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society