يسعياہ 62 - Sindhi Bible1 صيون جي خاطر آءٌ ماٺ ڪري نہ ويهندس، ۽ يروشلم جي خاطر آءٌ آرام نہ ڪندس، جيسين ڪ هن جي راستبازي روشنائيءَ وانگي ظاهر نہ ٿيندي، ۽ هن جي نجات ٻرندڙ ڏيئي وانگي نہ ڏسبي. 2 ۽ قومون تنهنجي راستبازي ڏسنديون، ۽ سڀ بادشاهہ تنهنجو جلال ڏسندا: تون هڪڙي نئين نالي سان سڏبينءَ، جو خداوند جي واتان ڏنو ويندو. 3 تون خداوند جي هٿ ۾ سونهن جو تاج ٿيندينءَ، ۽ پنهنجي خدا جي هٿ ۾ شاهي ڇٽ ٿيندينءَ. 4 تون اڳتي ڇڏيل نہ سڏبينءَ؛ نڪي تنهنجي زمين اڳتي سڃي سڏبي: پر تون حفضيباہ (منهنجي سرهائي) سڏبينءَ ۽ تنهنجي زمين بعولاہ (وريتي) سڏبي: ڇالاءِ جو خداوند تو مان خوش آهي، ۽ تنهنجي زمين پرڻجندي. 5 جيئن ڪو جوان ماڻهو ڪنواريءَ سان پرڻبو آهي، تيئن تنهنجا پٽ تو سان پرڻبا: ۽ جيئن گهوٽ ڪنوار مان خوش ٿيندو آهي، تيئن تنهنجو خدا تو مان خوش ٿيندو. 6 اي يروشلم، مون تنهنجين ڀتين تي پهريدار بيهاريا آهن، اهي نہ ڏينهن جو ۽ نہ رات جو، ڪڏهن بہ ماٺ ڪري ڪين ويهندا: اوهين جي خداوند جو ذڪر ڪندڙ آهيو سي ماٺ نہ ڪريو. 7 ۽ جيسين هو يروشلم کي قائم نہ ڪري، ۽ انهي کي زمين تي تعريف جي لائق نہ ڪري، تيسين هن کي آرام نہ ڏيو. 8 خداوند پنهنجي ساڄي هٿ جو، ۽ پنهنجيءَ زور واريءَ ٻانهن جو قسم کنيو آهي، تہ تنهنجو اَن تنهنجي دشمنن کي کائڻ لاءِ نہ ڏيندس؛ نڪي تنهنجو شراب، جنهن لاءِ تو محنت ڪئي آهي، سو ڌاريا پيئندا. 9 پر جن اهو اَن گڏ ڪيو آهي سي ئي اهو کائيندا، ۽ خداوند جي تعريف ڪندا؛ ۽ جن اهو شراب گڏ ڪيو آهي سي ئي منهنجي پاڪ مڪان جي ايوانن ۾ اهو پيئندا. 10 لنگهي وڃو، دروازن مان لنگهي وڃو، اوهين اُمت جو رستو تيار ڪريو؛ شاهي سڙڪ مٿانهين ڪريو، مٿانهين ڪريو؛ پهڻ ميڙي پري ڪريو؛ قومن جي لاءِ جهنڊو کڙو ڪريو. 11 ڏسو، خداوند زمين جي ڇيڙي تائين اهو ظاهر ڪيو آهي، اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجي نجات اچي ٿي؛ ڏس هن جو انعام انهي سان آهي، ۽ هن جو عيوضو هنن جي اڳيان آهي. 12 هو انهن کي پاڪ اُمت، ۽ خداوند جا ڇڏايل سڏيندا: ۽ تون ڳولي ڪڍيل، ۽ آباد شهر سڏبينءَ. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society