يسعياہ 60 - Sindhi Bible1 اُٿ روشن ٿي، ڇالاءِ جو تنهنجي روشنائي آئي آهي، ۽ خداوند جو جلال توتي ظاهر ٿيو آهي. 2 ڇالاءِ جو ڏس، اوندهہ زمين کي ڍڪي ڇڏيندي، ۽ گهاٽي اوندهہ قومن کي: پر خداوند توتي ظاهر ٿيندو، ۽ هن جو جلال توتي ڏسڻ ۾ ايندو. 3 ۽ تنهنجيءَ روشنائي تي قومون اينديون، ۽ تنهنجي اُڀرڻ جي چمڪاٽ تي بادشاهہ ايندا. 4 پنهنجون اکيون کڻي چوڌاري نهار: اُهي سڀ گڏ ٿين ٿا، اُهي سڀ تو ڏانهن ٿا اچن: تنهنجا پٽ پري کان ايندا، ۽ تنهنجن ڌيئرن کي هنج ۾ کڻي ايندا. 5 تڏهن تون ڏسندينءَ ۽ روشن ٿيندينءَ، ۽ تنهنجي دل ٽپندي ۽ شاد ٿيندي؛ ڇالاءِ جو سمنڊ جي دولت تو ڏانهن موٽائي ويندي، ۽ قومن جا خزانا تو وٽ ايندا. 6 اُٺن جون قطارون، ۽ مديان ۽ عيفہ جا ڪنواٺ توکي ڀري ڇڏيندا؛ اهي سڀ سبا مان ايندا ۽ اُهي سون ۽ لوبان آڻيندا، ۽ خداوند جي تعريف ظاهر ڪندا. 7 قيدار جا سڀ ڌڻ تو وٽ گڏ ٿيندا، ۽ نبايوت جا گهٽا تنهنجي خدمت ڪندا: اهي منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پوندا، ۽ آءٌ پنهنجي جلال جي گهر کي وڌيڪ جلالي ڪندس. 8 هي ڪير آهن جي بادلن وانگر، ۽ جيئن ڪبوتر پنهنجين درين ڏانهن اُڏامن، تيئن اُڏامندا ٿا اچن؟ 9 يقين آهي تہ ٻيٽ مون لاءِ منتظر ٿيندا، ۽ ترسيس جا جهاز پهرين تنهنجن پٽن کي سندس سون ۽ روپي سميت، خداوند تنهنجي خدا جي نالي لاءِ، ۽ اسرائيل جي قدوس لاءِ، پري کان آڻيندا، ڇالاءِ جو هن توکي جلال بخشيو آهي. 10 ۽ ڌاريا ماڻهو تنهنجون ڀتيون اڏيندا، ۽ انهن جا بادشاهہ تنهنجي خدمت ڪندا: ڇالاءِ جو مون پنهنجيءَ ڪاوڙ ۾ توکي ڌڪ هنيو، ۽ وري پنهنجيءَ مهربانيءَ ڪري توتي رحم ڪيو اٿم. 11 تنهنجا دروازا بہ هميشہ کليل رهندا؛ اهي نہ ڏينهن جو بند ٿيندا نہ رات جو؛ انهي لاءِ تہ ماڻهو قومن جي دولت کڻي، ۽ پنهنجن بادشاهن کي ساڻ وٺي تو وٽ اچن. 12 ڇالاءِ تہ جيڪا قوم ۽ بادشاهت تنهنجي خدمت نہ ڪندي سا تباهہ ٿي ويندي؛ هائو، اهي قومون اصل چٽ ٿي وينديون. 13 لبنان جو جلال، يعني صنوبر جا وڻ، ۽ ديال ۽ شمشاد جو ڪاٺ گڏجي تو وٽ ايندا، تہ منهنجي پاڪ مڪان کي سينگارين، آءٌ پنهنجيءَ قدمگاهہ کي جلالي ڪندس. 14 ۽ جن توکي ستايو آهي تن جا پٽ مٿو جهڪائي تو وٽ ايندا؛ ۽ جن تنهنجي تحقير ڪئي آهي سي سڀ تنهنجن پيرن جي ترين وٽ سجدو ڪندا؛ ۽ توکي خداوند جو شهر ۽ اسرائيل جي قدوس جو صيون سڏيندا. 15 جيئن تہ توکي ڇڏي ڏنو اٿن ۽ تو کان نفرت ڪئي اٿن، ايتري قدر جو ڪوبہ ماڻهو تو منجهان نٿي لنگهيو، تيئن آءٌ توکي هميشہ لاءِ اقبالمندي بخشيندس ۽ گهڻين پيڙهين لاءِ خوشي بنائيندس. 16 تون قومن جو کير چوسيندينءَ ۽ بادشاهن جي ڇاتي بہ چوسيندينءَ، ۽ تون ڄاڻندينءَ، تہ آءٌ خداوند تنهنجو نجات ڏيڻ وارو ۽ ڇڏائيندڙ، ۽ يعقوب جو قادر آهيان. 17 آءٌ پتل جي بدران سون آڻيندس، ۽ لوهہ جي بدران چاندي آڻيندس، ۽ ڪاٺ جي بدران پتل، ۽ پهڻن جي بدران لوهہ: آءٌ تنهنجن عملدارن کي سلامتي، ۽ تنهنجي ڍل اُڳاڙڻ وارن کي سچائي بنائيندس. 18 تنهنجي ملڪ ۾ وري ظلم زبردستي ٻڌڻ ۾ نہ ايندي، نڪي تنهنجين سرحدن ۾ ويراني ۽ بربادي ٻڌڻ ۾ ايندي؛ پر تون پنهنجين ڀتين کي نجات، ۽ پنهنجن دروازن کي تعريف سڏيندينءَ. 19 اڳتي وري توکي ڏينهن جي سوجهري لاءِ سج جي ضرورت ڪانہ پوندي، نڪي چنڊ روشنائيءَ لاءِ توتي چمڪندو: پر خداوند تو لاءِ هميشہ جي روشني ٿيندو، ۽ تنهنجو خدا تنهنجو جلال ٿيندو. 20 تنهنجو سج اڳتي وري نہ لهندو، نڪي چنڊ وري گم ٿي ويندو: پر خداوند تنهنجي هميشہ جي روشنائي ٿيندو، ۽ تنهنجي ماتم جا ڏينهن پورا ٿي ويندا. 21 تنهنجي سڄي اُمت راستباز ٿيندي، ۽ اُهي هميشہ لاءِ زمين جا وارث ٿيندا؛ اُهي منهنجي پوکيل وڻ جي ٽاري، ۽ منهنجي هٿن جو ڪم ٿيندا، انهي لاءِ تہ منهنجو جلال ظاهر ٿئي. 22 هڪڙي ننڍڙي مان هزار ٿيندا، ۽ ٿوري مان زبردست قوم ٿيندي: آءٌ خداوند پوري وقت تي جلد اهو ڪندس. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society