يسعياہ 6 - Sindhi Bible1 جنهن سال ۾ عزياہ بادشاهہ وفات ڪئي انهي سال ۾ مون ڏٺو تہ خداوند هڪڙي اُتانهين ۽ مٿي رکيل تخت تي ويٺو آهي، ۽ هن جي قبا جي دامن هيڪل کي ڀري ڇڏيو. 2 هن جي آس پاس سرافيم بيٺا هئا: هر هڪ کي ڇهہ پر هئا؛ ٻن سان هر هڪ پنهنجو منهن ڍڪيو، ۽ ٻن سان هر هڪ پنهنجا پير ڍڪيا، ۽ ٻن سان هر هڪ اُڏاڻو. 3 ۽ هڪڙي ٻئي کي سڏي چيو تہ لشڪرن جو خداوند، قدوس، قدوس، قدوس، آهي: ساري زمين هن جي جلال سان ڀرپور آهي. 4 ۽ انهي پڪارڻ واري جي آواز جي زور تي چانئٺن جا بنياد ٿڙڪي ويا ۽ گهر دونهين سان ڀرجي ويو. 5 تڏهن مون چيو تہ افسوس آهي منهنجي حال تي! ڇالاءِ جو آءٌ ناس ٿي ويس؛ هن ڪري جو آءٌ ناپاڪ چپن وارو ماڻهو آهيان، ۽ ناپاڪ چپن واري قوم جي وچ ۾ رهان ٿو: ڇالاءِ جو منهنجن اکين بادشاهہ، لشڪرن جو خداوند ڏٺو آهي. 6 تڏهن سرافيم مان هڪڙو اُڏامي مون وٽ آيو ۽ سندس هٿ ۾ هڪڙو ٽانڊو هو، جو هن چمٽي سان قربانگاهہ تان کنيو هو: 7 ۽ اهو هن منهنجي وات تي رکيو ۽ چوڻ لڳو تہ ڏس، هي تنهنجن چپن کي لڳو آهي ۽ تنهنجو قصور ڪڍيو ويو ۽ تنهنجي گناهہ جو عيوضو ڏنو ويو آهي. 8 ۽ مون خداوند جو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ آءٌ ڪنهن کي موڪليان ۽ ڪير اسان جي لاءِ ويندو! تڏهن مون چئُہ تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ مون کي موڪل. 9 ۽ هن چيو تہ وڃي هن قوم کي چئو تہ اوهين بيشڪ ٻڌو ٿا پر سمجهو نٿا؛ اوهين بيشڪ ڏسو ٿا پر پروڙيو نٿا. 10 هن قوم جي دل ڦوڦي ڪر، ۽ انهي جا ڪن گهٻرا ڪر، ۽ انهي جون اکيون بند ڪر، متان هو پنهنجن اکين سان ڏسن، ۽ پنهنجن ڪنن سان ٻڌن، ۽ پنهنجي دل سان سمجهن ۽ باز اچن، ۽ ڇٽي چڱا ڀلا ٿين. 11 تڏهن مون چيو تہ اي خداوند، ڪيستائين؟ ۽ هن ورندي ڏني تہ جيستائين ڪ شهر بنا ڪنهن رهاڪوءَ جي، ۽ گهر بنا ڪنهن ماڻهوءَ جي ويران ٿين؛ ۽ زمين بلڪل غير آباد ٿئي. 12 ۽ خداوند ماڻهن کي پري ڪڍي ڇڏيو آهي، ۽ ملڪ ۾ ويران جايون گهڻيون ٿيون آهن. 13 ۽ جيڪڏهن انهيءَ ۾ ڏهين حصي جيترو رهجي ويندو هوندو، تہ اهو بہ وري کاڄي ويندو: جيئن ڪو تارپين ۽ شاهہ بلوط جو وڻ وڍجي جنهن کي وڍڻ کان پوءِ هن جو ٿُڙ بچيل هجي تيئن پاڪ نسل هن جو ٿُڙ آهي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society