يسعياہ 56 - Sindhi Bible1 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين انصاف کي قائم رکو، ۽ سچائيءَ جا ڪم ڪريو: ڇالاءِ جو منهنجي نجات ويجهي آئي آهي، ۽ منهنجي راستبازي ظاهر ٿيڻ تي آهي. 2 مبارڪ آهي اهو ماڻهو جو ائين ٿو ڪري، ۽ اهو بني آدم جو انهي کي مڃي ٿو. جو سبت جي ڏينهن کي ناپاڪ ڪرڻ کان بچي ٿو، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي برائيءَ کان پنهنجو هٿ روڪي ٿو. 3 جيڪو پرديسي خداوند سان اچي گڏيو آهي، سو ائين نہ چوي تہ خداوند ضرور مون کي پنهنجي اُمت کان ڌار ڪندو: نڪي نامرد ائين چوي تہ ڏسو آءٌ تہ هڪڙو سڪل وڻ آهيان. 4 ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جيڪي نامرد منهنجن سبتن کي مڃين ٿا، ۽ منهنجي مرضيءَ کي پسند ٿا ڪن، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن: 5 تن کي آءٌ پنهنجي گهر ۾، ۽ پنهنجي ڀتين جي اندر اهڙي يادگار ۽ اهڙو نالو ڏيندس جو پٽن ۽ ڌيئرن کان بہ بهتر آهي؛ آءٌ انهن کي هميشہ جٽاءُ ڪندڙ نالو ڏيندس جو تباهہ ڪين ٿيندو. 6 ۽ اهي پرديسي جي خداوند سان گڏجن ٿا، انهي لاءِ تہ سندس خدمت ڪن، ۽ خداوند جي نالي کي پيار ڪن، ۽ سندس بندا ٿين، اهي سڀيئي جي سبت جي ڏينهن کي ناپاڪ ڪرڻ کان بچي ٿا رهن، ۽ منهنجي عهد تي قائم ٿا رهن؛ 7 تن کي بہ آءٌ پنهنجي پاڪ جبل تي آڻيندس، ۽ پنهنجي عبادتخاني ۾ خوش رکندس؛ انهن جون سوختني قربانيون، ۽ ذبح ڪرڻ واريون قربانيون منهنجيءَ قربانگاهہ تي قبول پونديون: ڇالاءِ جو منهنجو گهر سڀني قومن لاءِ عبادتگاهہ سڏبو. 8 خداوند خدا، جو اسرائيل جي نيڪالي ڏنلن کي گڏ ٿو ڪري، سو فرمائي ٿو تہ جيڪي هن جي اُمت جا اڳيئي گڏ ٿيل آهن، تن کان سواءِ ٻين کي بہ آءٌ آڻي انهن سان گڏ ڪندس، 9 اي جهنگ جا سڀ جانورو، ۽ ٻيلي جا سڀ حيوانو، اوهين اچي کائو. 10 هن جا پهريدار انڌا آهن، اهي سڀ بي علم آهن؛ اهي سڀ گونگا ڪتا آهن، اهي ڀونڪي نٿا سگهن؛ اهي خواب پيا لهن؛ ۽ انهن کي سستي پسند آهي. 11 هائو، اهي هٻڇي ڪتا آهن، جي ڪڏهن بہ ڍاپن نٿا؛ هي اُهي ڌنار آهن، جن کي ڪابہ سمجهہ ڪانهي: اُهي سڀيئي هر ڪنهن طرفان پنهنجي فائدي جي لاءِ پنهنجي رستي تي موٽي آيا آهن. 12 اهي چون ٿا تہ اوهين اچو، آءٌ شراب کڻي ٿو اچان، ۽ اسين خوب پي مست ٿينداسين، ۽ سڀاڻي جو ڏينهن بہ اڄوڪي ڏينهن وانگي ٿيندو، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ وڏو ڏينهن ٿيندو. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society