يسعياہ 55 - Sindhi Bible1 اوهين سڀ جي اُڃيا آهيو سي پاڻيءَ تي اچو، ۽ اهو بہ، جنهن وٽ پئسو ڪونهي؛ اچو خريد ڪري کائو؛ هائو، اچو؛ شراب ۽ کير اڻ مُلهو ۽ بنا پئسي خريد ڪريو. 2 جا شيءِ ماني ٺاهي تنهن لاءِ پئسو ڇو ٿا خرچيو؟ جنهن شيءِ مان ڍءُ نٿو ٿئي، تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟ ڪن ڏيئي منهنجي ٻڌو، ۽ جيڪي چڱو آهي سو کائو، ۽ ڀلي تہ اوهان جي جان سڻڀ سان خوش ٿئي. 3 اوهين پنهنجو ڪن ڏيو ۽ مون ڏانهن اچو؛ ٻڌو تہ اوهان جو روح جيئرو رهي: ۽ آءٌ اوهان سان هميشہ لاءِ عهد ڪندس، يعني دائود واريون سچيون رحمتون نازل ڪندس. 4 ڏسو، مون هن کي اُمتن جي لاءِ شاهد، ۽ انهن جي لاءِ منهندار ۽ سردار مقرر ڪيو آهي. 5 ڏس، تون انهيءَ قوم کي سڏيندين جنهن کي تون نٿو سڃاڻين، ۽ اها قوم جا توکي نٿي سڃاڻي سا تو وٽ ڊوڙندي ايندي، اهو خداوند تنهنجي خدا، ۽ اسرائيل جي قدوس جي ڪري ٿيندو؛ ڇالاءِ جو انهي توکي جلال بخشيو آهي. 6 جيسين خداوند لڀي سگهي تيسين انهي کي ڳوليو؛ جيسين هو ويجهو آهي تيسين انهي کي سڏيو: 7 شرير ماڻهو پنهنجو رستو ڇڏي، ۽ ناراست پنهنجا خيال ڇڏي ڏئي: اهو خداوند ڏانهن موٽي تہ هو مٿس رحم ڪندو؛ ۽ اسان جي خدا ڏانهن اچي، ڇالاءِ جو هو گهڻي معافي ڏيندو. 8 خداوند فرمائي ٿو تہ منهنجا خيال اوهان جا خيال نہ آهن، نڪي اوهان جا رستا منهنجا رستا آهن. 9 جيئن آسمان زمين کان مٿي آهي، تيئن منهنجا رستا اوهان جي رستن کان، ۽ منهنجا خيال اوهان جي خيالن کان مٿي آهن. 10 ڇالاءِ تہ جيئن آسمان مان مينهن وسي ٿو ۽ برف پوي ٿي، ۽ اُهي اوڏانهن موٽي نٿا وڃن، پر زمين کي ريج ٿا ڏين، تہ انهيءَ مان ڪجهہ اُڀري، ۽ ڪليون ڄمن، ۽ پوکڻ واري کي ٻج، ۽ کائڻ واري کي ماني ملي؛ 11 تيئن منهنجو ڪلام جو منهنجي وات مان نڪري ٿو سو بہ ڪندو؛ اهو مون ڏانهن خالي نہ موٽندو، پر جيڪي آءٌ چاهيان ٿو، ۽ جنهن ڳالهہ لاءِ مون هن کي موڪليو هوندو تنهن ۾ ڪامياب ٿيندو. 12 ڇالاءِ جو اوهين خوشيءَ سان ٻاهر نڪرندا، ۽ سلامتيءَ سان اوهان کي وٺي ويندا: جبل ۽ ٽڪريون اوهان جي اڳيان ڳائڻ لڳنديون، ۽ جهنگ جا سڀ وڻ تاڙيون وڄائيندا. 13 ڪنڊيءَ جي بدران صنوبر جو وڻ ڄمندو، ۽ ڪنڊياريءَ جي بدران مر جو وڻ نڪرندو: ۽ اهو خداوند جي نالي لاءِ هميشہ جي نشانيءَ جي واسطي ٿيندو، جا ڪڏهن بہ ٽري نہ ويندي. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society