يسعياہ 53 - Sindhi Bible1 جيڪو پيغام اسان کي مليو آهي، تنهن تي ڪنهن ايمان آندو آهي؟ ڪنهن تي خداوند جي ٻانهن ظاهر ٿي آهي؟ 2 ڇالاءِ جو هو انهي جي سامهون نازڪ ٻوٽي وانگي ۽ سڪيءَ زمين مان نڪتل پاڙ وانگي اُڀريو: هن کي نڪا صورت آهي، نڪا سونهن؛ ۽ جڏهن اسين هن کي ڏسون ٿا تڏهن منجهس ڪا خوبصورتي ڪانهي جنهن ڪري اسين هن جا مشتاق ٿيون. 3 هو ماڻهن ۾ حقير، ۽ رد ٿيل هو؛ هو ڏکن ڀريو ماڻهو، ۽ غم جو واقف، اهڙو ڌڪاريل ماڻهو هو جنهن کان هو پنهنجو منهن ڦيرائين، اسان هن جو قدر نہ ڪيو. 4 يقين، هن اسان جا ڏک سٺا آهن، ۽ اسان جا غم کنيا اٿس: انهي هوندي بہ اسان هن کي خدا جو ماريل ڪٽيل ۽ ستايل سمجهيو، 5 پر هو اسان جي گناهن جي ڪري ڦٽيو ويو، ۽ اسانجين خطائن جي ڪري چٿيو ويو: اسان جي سلامتي لاءِ هن تي سزا آئي؛ هن جي مار کائڻ ڪري اسان شفا حاصل ڪئي. 6 اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي. 7 هو مظلوم هو، تہ بہ هن پاڻ کي نماڻو ڪيو، ۽ پنهنجو وات نہ پٽيائين؛ جيئن ڪو گهيٽو ڪوس تي ويندو آهي، ۽ جيئن ڪا رڍ اُن ڪترڻ وارن جي اڳيان ماٺ ڪري بيهندي آهي؛ تيئن هن بہ پنهنجو وات نہ پٽيو. 8 ظلم ڪري ۽ فتويٰ ڏيئي هن کي وٺي ويا؛ پر هن جي زماني جي ماڻهن مان ڪنهن اهڙو خيال ڪيو تہ منهنجي اُمت جي گناهن ڪري هن تي مار پيئي، ۽ هو جيئرن جي زمين مان وڍيو ويو؟ 9 جيتوڻيڪ هن ڪوبہ ظلم نہ ڪيو هو، ۽ هن جي وات ۾ ڪابہ ٺڳي نہ هئي، تہ بہ هنن ان جي قبر شريرن سان مقرر ڪئي، ۽ مرڻ کان پوءِ هو دولتمندن سان گڏ ٿيو. 10 انهي هوندي بہ خداوند جي مرضي ٿي تہ هن کي چٿي؛ انهيءَ هن کي ڏکي ڪيو: جڏهن هن جي جان گناهہ جي لاءِ قربان ڪئي ويندي، تڏهن هو پنهنجو نسل ڏسندو ۽ هن جي عمر وڏي ٿيندي، ۽ خداوند جي مرضي هن جي هٿان پوري ٿيندي. 11 هو پنهنجي جان جي ڏکن جو ڦل ڏسي راضي ٿيندو: منهنجو راستباز بندو پنهنجي علم جي ڪري گهڻن کي سچار ٺهرائيندو: هو انهن جون خطائون کڻندو. 12 تنهن ڪري آءٌ هن کي وڏن جو حصيدار ڪندس، ۽ هو زور وارن کان لٽ جي مال جو حصو ورهائي وٺندو؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي جان موت جي لاءِ اوتي ڏني آهي، ۽ گنهگارن ۾ شمار ڪيو ويو آهي: انهي هوندي بہ هن گهڻن جو گناهہ کنيو، ۽ گنهگارن جي شفاعت ڪيائين. |
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.
Pakistan Bible Society